Home / افيئر / سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿُڏجي ويو سنڌ حڪومت ۾ نان ڪيڊر ڪامورن جو راڄ
above article banner

سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٿُڏجي ويو سنڌ حڪومت ۾ نان ڪيڊر ڪامورن جو راڄ

 

هر هنڌ ان سرڪار جي تعريف ٿيندي آهي جنهن وٽ گڊگورننس قائم ٿيل هجي ۽ هر ڪو ئي اهو مثال ڏيندو آهي ته ماضي ۾ فلاڻو سنڌ جو چيف ايگزيڪٽو ڪمال جو هو ڇا ته ان ڪم ڪيا هئا پر هاڻوڪي صوبائي سرڪار ته پنهنجي کاتن جو اهڙو ته خانو خراب ڪيو آهي جو تاريخ ۾ ايتريون کاتن اندر خرابيون ڪڏهن به پئدا نه ٿيون هيون. سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا واضح فيصلا آهن ته ڪنهن به کاتي ۾ رٽائرڊ،او پي ايس ۽ ڊيپوٽيشن تي ڪو به آفيسر مقرر نه ٿيڻ گهرجي پر سنڌ حڪومت گذريل ڏيڍ سالن کان انهن ٻنهي اعلي عدالتن جي فيصلن کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ غيرقانوني طور نان ڪيڊر جي ماڻهن کي مقرر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ حڪومت پنهنجي ماتحت مختلف کاتن ۾ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ 8 ڪامورن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي،سروسز کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جن عملدارن جو ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو ويو آهي انهن ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي عهدي تي ڪم ڪندڙ غلام علي شاهه پاشا، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، چيئرمين چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايووليشن، شمس الحق ميمڻ ڪنسلٽنٽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، علي اڪبر ڀنگوار جيڪو گريڊ 20 ۾ سنڌ پوليس ۾ ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو. محمد صديق جلالاڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ملير ڪياماڙي ۽ ڪراچي رورل ڊولپمينيٽ پيڪيج، محمد اقبال ديوان ڊي جي صوبائي سروسز اڪيڊمي، ڪرنل (ر) ايم اي واحد ڪمانڊنٽ ايس ايس پي ريپڊ ريسپانس محافظ فورس ڪراچي، ڊاڪٽر قاضي مسعود ڪنسلٽنٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي شامل آهن. غلام علي پاشا کي سپريم ڪورٽ جا حڪم هوندي به ڪانٽريڪٽ تي رکيو ويو هو پر ان کي هاڻي فارغ ڪيو ويو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته انهن 8 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ئي صرف فارغ ڇو ڪيو ويو؟ ڇا سنڌ جو گهرو کاتي وارو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري وسيم احمد ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيل ڪامورو نه آهي. ان کي ڇو نه هٽايو ويو آهي ان کي ته سپريم ڪورٽ هٽايو هو پوءِ سنڌ سرڪار آخر ان رٽائرڊ ڪاموري ۾ اهڙي ڪهڙي خاصيت ڏٺي جو ان جون ٻيهر ٻن سالن لاءِ خدمتون حاصل ڪيون ويون. جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته ان کي ڪراچي جي شهري ڌر ۽ مرڪزي حڪومت جي هڪ طاقتور وزير جي حمايت حاصل آهي جنهن سبب ان کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي ۽ ان گهرو کاتي ۾ اچڻ شرط ئي سنڌي ڪامورن جي تڏا ويڙهه ڪرائي اتي لساني جماعت جي ماڻهن کي مقرر ڪري رهيو آهي ،قانون واري اهم کاتي جو سيڪريٽري غلام نبي شاهه جيڪو به رٽائرڊ ڪامورو آهي ان کي به ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي نوڪري ۾ هلايو پيو وڃي ان کي ڪهڙي بنيادن تي نوڪري ۾ رکيو ويو آهي؟،سنڌ روينيو بورڊ جو چئيرمين نظر محمد مهر به ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيل آفيسر آهي جنهن کي به صوبي جي اهم عهدي تي ويٺل شخص جي گهڻي حمايت حاصل آهي،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري ڊاڪٽر نورالحق مقرر ٿيل آهي جيڪو اصل ۾ تعليم کاتي جو پروفيسر آهي ۽ ان کي به صوبي جي تمام طاقتور شخص جي حمايت آهي ۽ اهو ان جي پٺڀرائي سبب اتي ڪيترن ئي سالن کان ويٺل آهي. ماڻهو سوال اٿارين ٿا ته تعليم کاتي جي پروفيسر کي رٿابندي جي ڪهڙي خبر پوندي ۽ اهو ڪهڙو ڪم ڪندو هوندو اهو ويتر به سنڌ جي ترقي کي بدانتظامي طرف ڌڪيندو ڇو ته اهو کاتو اهڙُو آهي جنهن بابت ان کاتي کي سڄي عمر ڏيندِڙ آفيسر به ان کي نه سمجهي سگهيا آهن. سنڌ جو آءِ جي مشتاق شاهه 21 گريڊ جو آفيسر آهي جنهن کي 22 گريڊ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ واجد دراني به نان ڪيڊر جو هو جنهن جو گريڊ 21 هو ان کي به گهڻو عرصو اتي مقرر ڪيو ويو هو.سنڌ جو جيلن وارو آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جيڪو به نان ڪيڊر جو آفيسر آهي ان کي به جيل کاتي ۾ آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي

سنڌ جي گهرو ۽ جيل کاتي جو سيڪريٽري وسيم احمد،آءِ جي مشتاق شاهه،آءِ جي  جيل غلام قادر ٿيٻو، ڊي آءِ جي ڪمانڊنٽ ايس آر پي سلطان خواجه،ڊي آءِ جي ويسٽ ڪراچي عمران يعقوب منهاس،ڊي آءِ جي سائوٿ ڪراچي ڪمانڊر رثائرڊ شوڪت علي شاهه،ايڊيشنل آءِ جي سي آءِ ڊي سنڌ غلام شبير شيخ،ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ رسول بخش ساند،ايديشنل آءِ جي ٽريفڪ سنڌ طارق مغل،ڊي جي ٽرئفڪ محمد مالڪ ۽ ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪراچي رٽائرڊ پي ايس پي خرم گلزار سميت اعلي عهدن تي نان ڪيڊر جا 62 آفيسر ڪيڊر عهدن تي مقرر ٿيل آهن.ذريعن کان افيئر کي مليل دستاويزي رپورٽ موجب سنڌ جي گهرو کاتي ۾ سيڪريٽري وسيم احمد،آءِ جي مشتاق شاهه،آءِ جي  جيل غلام قادر ٿيٻو، ڊي آءِ جي ڪمانڊنٽ ايس آر پي سلطان خواجه،ڊي آءِ جي ويسٽ ڪراچي عمران يعقوب منهاس،ڊي آءِ جي سائوٿ ڪراچي ڪمانڊر رٽائرڊ شوڪت علي شاهه،ايڊيشنل آءِ جي سي آءِ ڊي سنڌ غلام شبير شيخ،ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ رسول بخش ساند،ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ سنڌ طارق مغل،ڊي جي ٽرئفڪ محمد مالڪ ۽ ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪراچي رٽائرڊ پي ايس پي خرم گلزار،اي ڊي آءِ جي ڪرائيم،آپريشن سکر رينج شوڪت علي عباسي،ايس ايس پي خيرپور عرفان علي بلوچ،ايس پي هيڊڪوارٽر خيرپور غلام اڪبر وڳڻ،ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي،ايس ايس پي شهيد بينظير آباد نثار احمد چنا،ايس پي هيڊڪوارٽر شهيد بينظير آباد اسلم لانگاهه،اي ڊي آءِ جي ڪرائيم لاڙڪاڻو فيروز الدين صديقي،ايس پي ليگل لاڙڪاڻو فاروق احمد ڀٽو،ايس پي هيڊ ڪوارٽر اعجاز احمد ترين،ايس ايس پي جيڪب آباد ڪئپٽن رٽائرڊ پرويز احمد چانڊيو،ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪئپٽن رٽائرڊ غلام اظفر مهيسر،اي ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ آپريشن حيدرآباد محمد معصوم،ايس ايس پي حيدرآباد پير فريد جان آفريدي،ايس ايس پي ٺٽو محمد علي وساڻ،ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر محمد فاروق احمد،اي ڊي آءِ جي  اسٽيبلشمنٽ ميرپورخاص اسلم راجپوٽ،ايس پي هيڊڪوارٽر ايسٽ ڪراچي محمد شفيع رند،ايس ايس پي ملير ڪراچي انور احمد خان،اي ڊي آءِ جي ڪرائيم اينڊ آپريشن ويسٽ ڪراچي مس صفيحا بيگم،ايس ايس پي سينٽرل ڪراچي ڪئپٽن رٽائرد عاصم خان،ايس پي سيڪيورٽي رضوان سومرو،ڊي آءِ جي سي آءِ اي ڪراچي افتخار احمد تارڙ،اي ڊي آءِ جي سي آءِ اي ڪراچي منظور علي کٽياڻ،ايس پي اينٽي وائلنٽ ڪرائيم سيل عثمان غني صديقي،ايس ايس پي اوڀر ڪراچي ليفٽنٽ ڪرنل احسان عمر،ايس ايس پي ڪرائيم برانچ ميرپورخاص رستم خان جتوئي،ايس ايس پي ڪرائيم برانچ سکر عبدالعهد سانگري،ايس ايس پي ڪرائيم برانچ لاڙڪاڻو راڻا ثناءُ الله،ايس ايس پي جاچ،سي آءِ ڊي مظهر اقبال مشواڻي،اي آءِ جي ايڊمن اسپيشل برانچ حسين احمد لهاري،ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي عامر شيخ،ايس ايس پي پوليٽيڪل ڪراچي نويد احمد نثار خواجه،ايس ايس پي  پوليٽيڪل شاهد حسين مهيسر،ايس ايس پي سيڪيورٽي اعجاز احمد شيخ،ايس پي اسپيشل برانچ سروي ايند فارينرز سيڪيورٽي ڪراچي ارباب مهر،ايس ايس پي اسپيشل برانچ حيدرآباد خالد مصطفي ڪورائي،ايس ايس پي اسپيشل برانچ لاڙڪاڻو عبدالستار، ڀٽو،ايس ايس پي ڪرائيم برانچ جاويد احمد بلوچ،ايس پي آر آر ايف الفلاح بيس شاهنواز خان،ڊي آءِ جي پي ٽيڪنيڪل اينڊ ٽرانسپورٽ سلطان خواجه،اي ڊي آءِ جي ايس آر پي اعتزاز گورايا،ايس پي ايس آر پي يحيٰ خان بلوچ،ايس پي پرنسيپل پي ٽي سي لاڙڪاڻو ڪوڙا خان بلوچ،ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ميجر رٽائرڊ خرم گلزار،ايس پي ٽرئفڪ حيدرآباد ڪانڀو خان مري،ايس پي ٽرئفڪ سکر منير احمد ڦلپوٽو،اي آءِ جي فنانس ناصر آفتاب،اي آءِ جي  ويلفيئر علي شر جکراڻي،اي آءِ جي سيڪيورٽي سنڌ ليفٽنٽ رٽائرڊ مسعود احمد،اي آءِ جي پي ليگل ون سي پي او سيد مظهر علي شاهه،ڊي آءِ جي اسٽيبلشمنٽ شاهد حيات،اي آءِ جي اسٽيبلشمنٽ سي پي او سيد غوث الدين راشدي،اي آءِ جي سنڌ ڪئپٽن رٽائرڊ فلڪ خورشيد،ايس ايس پي پرنسيپل شهيد بينظير ڀٽو اي پي ٽي سي رزاق آباد ڪراچي راجا محمد ارشد،ايس ايس پي/پي ٽي سي،ايس بي بي،اي پي ٽي سي رزاق آباد ڪراچي راجا محمد ارشد سميت 62 اعليٰ عهدن تي نان ڪيڊر جا آفيسر ڪيڊر عهدن تي مقرر ٿيل آهن

سنڌ حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نظرانداز ڪرڻ وارو سلسلو اڃا به ڪٿي رڪجندڙ نظر نٿو اچي اهوئي سبب آهي جو گهرو ۽ تعليم کاتي ۾22  نان ڪيڊر جا آفيسر مقرر ٿيل آهن،ذريعن کان “افيئر” کي مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي ۾ احمد بخش ڀٽو  اسٽنٽ  پروفيسر  ڊپٽي سيڪريٽري ڊولپمنٽ،اسسٽنٽ پروفيسر جاويد شيخ ڊپٽي سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايند ٽريننگ،ايس ٽيوٽا سنڌ جو اسسٽنٽ پروفيسر رفيق احمد سهتو ڊپٽي سيڪريٽري بجيٽ اينڊ فنانس،سبجيڪٽ اسپيشلسٽ شفقت حسين هوتي سيڪشن آفيسر جوڊيشل،هيڊ ماسٽر الهبچايو ميمڻ  سيڪشن آفيسر ٽي،سبجيڪٽ اسپيشلسٽ منظور حسين چوهاڻ سيڪشن آفيسر چار،اسسٽنٽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي حبيب رند سيڪشن آفيسر ايڇ اي ٽو،ليڪچرار احسان الله لغاري سيڪشن آفيسر بي ايند يو،17 گريڊ جو اشتياق احمد ڀٽو سيڪشن آفيسر سي اينڊ پي ايس،اسپيشل ايجوڪيشن جو سينئر ٽيچر رشيد احمد سهتو سيڪشن آفيسر اڪيڊمڪ،غلام حيدر چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري،عبدالعظيم سيڪشن آفيسر ٽو،ذوالفقار رند سيڪشن آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي نان ڪيڊر جي آفيسرن ۾ شمار ٿين ٿا.ٻئي طرف گهرو کاتي بابت مليل ڄاڻ موجب 19 گريڊ جو زاهد ميمڻ 20 گريڊ جي عهدي اسپيشل سيڪريٽري،تعليم کاتي جو پرنسپل عبدالوهاب عباسي ايڊيشنل سيڪريٽري،15گريڊ جو حنيف نهڙيو 19 گريڊ جي عهدي،اسٽنٽ سپريڊنٽ هيلٿ مظهر سيڪشن آفيسر،اسسٽنٽ سپرينٽينڊنٽ ساجد جوکيو سيڪشن آفيسر پوليس سميت ٻيا چار 15 گريڊ جا ملازم ڪيڊر پوسٽن تي مقرر ڪيا ويا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو