Home / افيئر / شهيدن جو شهر ڍاڪا
above article banner

شهيدن جو شهر ڍاڪا

ڍاڪا يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي ۾ گهمندي چانهه ۽ سموسن جي خوشبو اسان کي ان تاريخي ڪينٽين ڏانهن ڇڪي وئي جنهن لاءِ مشهور آهي ته بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ پروفيسرن ۽ شاگردن ان ڪينٽين کي اڏي طور استعمال ڪيو هو. ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ پيل ڪرسين تي ويهڻ ساڻ منهنجي هندستاني ساٿي جارج مون کي دخل مٿان ٽنگيل بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته اها تصوير هن ڪينٽين جي مالڪ ماڌو لال جي آهي جنهن کي پاڪستاني فوج گوليون هڻي ماريو هو.

ڍاڪا يونيورسٽي ۾ اٺ ڏينهن گذارڻ جو حسين اتفاق ان ڪري ٿيو جو سائوٿ ايشيا سوشل فورم جو پروگرام ڍاڪا يونيورسٽي جي انتظاميه ڪيو هو ۽ ان فورم ۾ شرڪت ڪندي نه صرف ڍاڪا يونيورسٽي جي هر رستي ۽ عمارت کي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو پر ڍاڪا جي تاريخي جڳهين گهمڻ ۽ بنگالين سان ڪچهرين جو پڻ موقعو مليو.

جيتوڻيڪ بنگالين سان پاڪستاني فوج پاران ڪيل ڪلور اسان کي تاريخ جي هر صفحي تي ملن ٿا پر ان سرزمين جنهن جي چپي چپي تي رت جا نشان آهن اتي بحيثيت پاڪستاني جي پير رکڻ به هڪ اڻ ڪيل گناهه جو احساس ڏياري ٿو.

اسان کي هوٽل ۾ ئي اطلاع مليو ته شام جو شهيد مينار تي گڏ ٿيو ڇاڪاڻ ته سوشل فورم جي افتتاحي تقريب اتي ئي رٿيل هئي. هونئن ته بنگلاديش ۾ بنگلا زبان کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي نٿي ڳالهائي وڃي ۽ نه سمجهي ٿي وڃي پر سائيڪل رڪشا هلائيندڙ کي شهيد مينار جو ڏس ڏيڻ سان ڍاڪا جي ڪنهن به ڪنڊ مان آساني سان پهچي سگهجي ٿو.

ڍاڪا يونيورسٽي جيڪا شهر جي وچ ۾ واقع آهي ان جي پراڻين عمارتن ۽ ڊگهن وڻن هيٺان جيترا به رستا ٿي نڪتا ان جي هر چوڪ تي آزادي لاءِ وڙهندڙ ن جا وڏا مجسما ٺهيل هئا. مڪتي باهني تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ شاگرد اڳواڻن ۽ استادن جا نه صرف مجسما ٺهيل هئا بلڪه هاسٽلن ۽ رستن تي به سندن نالا رکيل هئا.

سموري يونيورسٽي ڄڻ ته آزادي جي تحريڪ ۽ شهيدن جو عجائب گهر لڳي پئي آهي. يونيورسٽي جي تعليمي ماحول ۽ شاگردن جي مصروفيتن جو جيترو ڀرپور احساس مون کي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ڏسڻ ۾ آيو ايترو پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ نه ٿو ملي.

جيتوڻيڪ بنگالي پڪا مسلمان پر عورت جي آزادي ۽ بي ڊپو ٿي روڊن رستن تي ڪار وهنوار هلائڻ يقيناََ پاڪستان جي مقابلي ۾ هڪڙو مختلف تجربو هو. يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ مون کي رات جو 12 بجي به ايترائي شاگرد ڏسڻ ۾ آيا جيترا ڏينهن جي وقت پڙهائي واري وقت هوندا آهن.

سينٽرل اسٽوڊنٽ يونين جي آفيس جيڪا يونيورسٽي جي وچ ۾ واقع آهي ان جي آفيس هڪڙو عجائب گهر معلوم ٿي رهي هئي جنهن ۾ سوين شاگرد اڳواڻن جا فوٽو ۽ سندن پروفائيل ڀتين تي ٽنگيا پيا هئا. هر جاءِ تي جوڙن ۾ ويٺل شاگردن وٽ ڪتابن کانسواءِ تاش جي پتن کان وٺي بيٽ بال ۽ ڊرائنگ جا برش هئا. رات جي وقت ڪئي ٿيئٽر ڊراما ته ڪيئي ڪلاسيڪل راڳ ۽ جاچ جون منڊليون متل هيون.

جيتوڻيڪ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگرد آزادي کان پوءِ پئدا ٿيا هئا پر سندن تاريخ جي باري ۾ آگاهي ايتري ئي چٽي هئي جيتري آزادي واري دور جي ماڻهن جي هئي. بزنيس ايڊمنسٽريشن جي ٻئي سال ۾ پڙهندڙ انيس رحمان جي سوال مون کي ڇرڪائي وڌو جڏهن هن پڇيو ته سنڌ ۾ هاڻي جيئي سنڌ تحريڪ جو ڇا حال آهي؟ سندس ان سوال جي جواب کان پهريائن مون هن کان پڇيو ته توکي جيئي سنڌ تحريڪ جي باري ۾ ڄاڻ ڪٿان ملي.“آئون توهان سان ان ڪري سياسي ڪچهريون ڪري رهيون آهيان ڇاڪاڻ ته تون سنڌ مان آيون آهين ۽ اسان کي خبر آهي ته پاڪستان جي فوج ۾ اڄ به بلوچ ۽ سنڌي ڳولئي ڪو نه ٿا لڀن. ان ڪري بنگالي جيتوڻيڪ پاڪسستان کان نفرت ڪن ٿا پر سنڌي ۽ بلوچن سان اسانکي اڄ به همدردي آهي”.

اهو هڪڙو دلچسپ تجربو هو جڏهن مون تقريباََ سڀني شاگردن جن سان آءُ مليس هڪڙو ئي جواب ٻڌو تهPast is Past نوجوانن پاڪستان جي متعلق پنهنجي ماضي واري تاريخ کي نه ورجائڻ جو جيڪو احساس ڏياريو اهو يقيناََ حيرت وارو هو. “اسان کي خبر آهي ته پاڪستان بنگالين سان وڏو ظلم ڪيو پر اڄ اسين چاهيون ٿا ته ماضي جي تلخ تجربن کي وساري اڳتي وڌون” سائوٿ ايشيا سوشل فورم جي هڪڙي ايونٽ جي دروازي تي بيٺل ايم اي سوشيالاجي جي سانوري بنگالڻ جا اهي لفظ مون کي هر هنڌ ٻڌڻ ۾ مليا.

جيتوڻيڪ ڍاڪا شهر ڪراچي ۽ بمبئي وانگر ايترو ترقي يافته ناهي پر شهر ۾ صفائي جو انتطام مون کي ڪراچي کان بهتر لڳو. منهنجي جرمن ساٿي ڪرس کي بنگالي جوڙن متعلق تجسس مون کان به وڌيڪ Conscious ڪري ڇڏيو. ڍاڪا شهر جي پراڻي آبادي ۾ ٺهيل لال پارڪ گهمندي سون جي تعداد ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪنڊن ۾ ويهي ڪچهري ڪندي مون کي پاڪستان جو احساس ٿيو جتي نوجوان جوڙن کي اڪيلائي ۾ ويهڻ جو ته موقعو ناهي بلڪه جان جوکي ۾ وجهڻ جهڙو عمل آهي. ڪرس مون کي ان چار ماڙ مدرسي جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو جيڪو لال پارڪ جي ڀت سان لڳ ٺهيل هو ۽ هزارين طالبن کي هيٺ رڳو جوڙا ئي جوڙا ڏسڻ ۾ پئي آيا پر اڄ ڏينهن تائين مدرسي وارن ڪڏهن به انهن جوڙن تي اعتراض ناهي ڪيو. اها حقيقت مون کي لال پارڪ جي انتظاميا کان پئي.

ڍاڪا شهر جي پوش رهائشي علائقي ڌان منڊي ۾ واقع مجيب الرحمٰن جو گهر جنهن کي هاڻ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي روزانو سوين شهرين جي ياترا جو مرڪز آهي. اڌڙوٽ عمر جي بنگالڻ چئن سالن جي ٻار کي ڏاڪڻ جي ڀت تي ٺهيل پورٽريٽ جنهن ۾ مجيب الرحمٰن کي سيني ۾ گولي لڳندي ڏيکاريو ويو آهي طرف اشارو ڪندي ان جي شهادت جي باري ۾ ٻڌائي رهي هئي. مجيب الرحمٰن جي لبرل سوچ جي عڪاسي سندس ٽيبل تي پيل ٻن خالي بليڪ ليبل جون بوتلون ڪري رهيون هيون جيڪي اصلي حالت ۾ ان جاءِ تي ئي رکيون ويون هيون جتي رات جي پهر پيگ خالي ڪري مجيب سمهي پيو هو ۽ رات جي آخري پهر جنرل فاروق الرحمٰن جي سازش تحت آرمي جي ڪجهه آفيسرن مجيب جي گهر جو گهيرو ڪري هن کي انوقت قتل ڪيو جڏهن هو ڏاڪڻ تان هيٺ لهي رهيو هو. مجيب جي ڇاتي ۾ لڳل ٽنهي گولين جا خالي کول به ان ئي ٽيبل تي سجائي رکيا ويا آهن جتي مجيب جو چروٽ، چشمو، پين ۽ اڇو ڪڙتو رکيل آهي. گهر جي پتين تي سندس خاندان جي سڀني پاتين جا فوٽو ٽنگيل آهن جن کي مجيب سان گڏ شهيد ڪيو ويو هو.

پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد فاروق اسان کي جگن ناٿ هاسٽل ڏيکاريندي پاڪستاني فوجين پاران شهيد ڪيل 55 شاگردن ۽ استادن جا ڪمرا ڏيکاري رهيو هو. چون ٿا ته پاڪستاني فوجن ڍاڪا يونيورسٽي کي گهيرو ڪري جگن ناٿ هاسٽل ۾ ستل سڀني شاگردن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو هو. جگن ناٿ هاسٽل ڀرسان پاڻي جو تلاءُ اڄ به ڀريل هو جنهن ۾ زخمي شاگردن ٽٻيون هڻي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ صبح جو انهن جا لاش پاڻي ۾ ترندي ڏٺا ويا هئا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو