Home / شوبز / شورتي هاسن عابده پروين جي مداح
above article banner

شورتي هاسن عابده پروين جي مداح

هندي ۽ تامل فلمن جي مشهور اداڪار ڪمل هاسن جي ادڪار نينگري شُورتي هاسن کي ڳائڻ وڄائڻ جو شوق ته اڳ ئي هو، پر سندس تامل فلم جي گاني “ڪولاور دي” جي شهرت سندس شوق چوٽ چاڙهي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ شُورتي هاسن اداڪاريءَ سان گڏ فلمن ۾ بيڪ گرائونڊ سنگنگ تي به قسمت آزمائي رهي آهي، پر هوءَ گاني “ڪولا وردي” جي وڊيو ۾ نظر اچي ٿي، اهو تامل گانو اڄڪلهه ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو ٻڌو پيو وڃي. گاني جي شهرت سبب فلم جي ٻي ٽيم سان گڏ شُورتي هاسن به تمام گهڻو خوش نظر اچي پئي. سندس چوڻ آهي ته “اسان کي اميد ئي نه هئي ته اهو گانو ايترو مشهور ٿيندو، مون کي سڄي دنيا مان گاني جي مقبوليت تي واڌايون ملي رهيون آهن، مان ڏاڍي خوش آهيان.” شورتي هاسن چيو پئي. گذريل ڪجهه سالن کان شورتي هاسن بالي ووڊ ۾ قسمت آزمائي رهي آهي، جڏهن ته گڏوگڏ هوءَ تامل فلمن ۾ پڻ اداڪاري ڪري پئي، پر اڃا تائين ڪا سپرهٽ فلم سندس هٿ نه چڙهي آهي. اداڪاريءَ واري فيلڊ ۾ ته هن ڪجهه وقت اڳ ئي پير پاتو آهي، پر موسيقيءَ سان هوءَ ڄائي ڄم چاهه رکي ٿو. ڪيليفورنيا جي هڪ ميوزڪ اسڪول مان موسيقيءَ جي تربيت پرائيندڙ شُورتي هاسن موسيقيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو سمجهي ٿي، جنهن بابت سندس چوڻ آهي ته “موسيقيءَ کان سواءِ مان اڌوري آهيان. ڳائڻ ۽ موسيقي ٻڌڻ سان مون کي تمام گهڻو سڪون ملي ٿو. دراصل آئون موسيقيءَ کان سواءِ رهي نٿي سگهان.” هونئن ته شورتي هاسن دنيا جهان جو طرحين طرحين جو راڳ ۽ راڳي ٻڌا آهن، پر کيس ننڍي کنڊ جا راڳي سڀ کان وڌيڪ پسند آهن ۽ انهن مان به سنڌ جي فنڪاره عابده پروين سندس پسنديده ڳائڻي آهي. “مون کي ڪلاسيڪل موسيقي وڌيڪ پسند آهي ۽ ڪلاسيڪل راڳي جهڙوڪ ڪشوري امونڪر، پنڊت ڀِمسين جوشي، نصرت فتح علي خان ۽ عابده پروين منهنجا پسنديده راڳي آهن.” اداڪاره شورتي هاسن هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو پئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو