Home / ويندي ويندي / عقل دي دوڙ مسئلي جو حل: شاگرد سياست تي پابندي
above article banner

عقل دي دوڙ مسئلي جو حل: شاگرد سياست تي پابندي

جنرل ضياءَ جي قهري مارشلا جي انيڪ براين مان هڪ برائي شاگرد سياست يا شاگرد يونين تي پابندي مڙهڻ هئي. سٺ، ستر ۽ اسي جي شروعاتي سالن ۾ شاگرد سياست جو تجربو ۽ مشاهدو رکندڙ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڪيئن نه شاگرد يونين جي چونڊن سان ڪئمپس تي بهار موٽي ايندي هئي. هر عام شاگرد جو ووٽ وزن رکندو هئو. ان ڪري شاگرد تنظيمون عام شاگرد جي دل کٽڻ لاءِ مثبت چٽاڀيٽي ۾ لڳي وينديون هيون. جنرل ضيا پنهنجي اتحادي پارٽي جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ، جمعيت کي ٽاٽائي وٺرائڻ لاءِ شاگرد يونين ۽ سياست تي پابندي وڌي. ان کان پوءِ جيڪو ماحول خراب ٿيو تنهن جا مشاهدا اسان اڄ تائين ڪيون ٿا.

تازو سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ پروفيسر جي قتل کان پوءِ “سڄاڻ ڌرين” کي الائي ڪٿان الهام ٿيو آهي ته سڄي برائي جي جڙ شاگرد  سياست آهي. مصيبت اها آهي ته اهي سڄاڻ ڌريون سنڌ جي ڏک ۾ ڳري ڪنڊا ٿيڻ جي به دعويٰ ڪنديون رهن هيون ۽ مٿان مصيبت ته سندن اڪثريت پاڻ به يونين بازي جو حصو آهي. هاڻ کين ڪير سمجهائي ته ڪنهن به سماج ۾ بالغ فرد کان سياست جو حق نه ٿو کسي سگهجي. پوري دنيا ۾ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونينيون ٺهن ٿيون. شاگرد يونين شاگرد مفادن جو خيال رکن ٿيون. پاڪستان جهڙي ملڪ ۽ ان ۾ به سنڌ جهڙي سياست زده خطي ۾ ڪا شاگرد سياست يونين سياسي ڌر جي اثر کان ٻاهر هجي اهو ڏاڍو ڏکيو آهي. ان ڪري هي جيڪا به تعليمي ادارن ۾ انارڪي آهي ان ۾ شاگردن کي سياست کان منع ڪرڻ بجاءِ شاگردن کي بهتر سياست لاءِ آماده ڪرڻ ۽ سندن نمائندن جون چونڊون ڪرائڻ سان انارڪي جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ ڏي هڪ وک ٿي سگهي ٿي.

ٻيو ته، تعليم جي تباهي، خاص طور تي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم جي ابتري لاءِ شاگرد اڪيلي طور، خاص طور تي شاگرد تنظيمون جوابدار ناهن. اڄ به سنڌ ۾ اهڙا سوين ڪاليج ۽ ادارا آهن جتي ڪا به شاگرد تنظيم ناهي. سنڌ جي ڪهڙي گرلز ڊگري ڪاليج ۾ تعيلم جي حالت چڱي آهي؟ اسان جو ته مشاهدو اهو آهي ته اڃا به جتي ٿوري گهڻي شاگرد سياست آهي اتي شاگردن لاءِ مليل فنڊ شاگردن تي استعمال ٿين نه ته گرلز ڪاليجز ۾ جيڪا تعليم جي ڀينگ آهي ان آڏو ٻهراڙي جا پرائمري اسڪول به چڱا لڳندا.

ٽيون ته هي جيڪا اعليٰ تعليمي ادارن جي انتظاميا، ادارن کي گڏاپ ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي جيان واڪ تي وٺي ٿي اچي ان مان تعليم جي سوڌر جي ڪهڙي اميد رکون؟ چوٿون ته هي جو ماستر مافيا سنڌ جي شاگردن کي پڙهائڻ بجاءِ ڪامورن جيان پوسٽنگس، چارج، اضافي چارج، انڪريمينٽ ۽ اسڪالرشپ ۾ ڏينهن رات حيران پريشان آهن، ان جي يونين بازي تي ڪو اعتراض ڇو ڪو نه ٿو ٿئي؟

۽ آخري ڳالهه ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾  اهڙا ڪيترا شاگرد  هوندا جيڪي شاگردياڻين کي پاس ٿيڻ عيوض سنگت رکڻ تي مجبور ڪندا هوندا؟ اڇا غلطي ٿي وئي شاگرد نه استاد ٿا لکون ۽ سوال وري ٿا ورجايون، ڇا اوهان سڄاڻ ڌرين کي ڪا به ڪل ڪانهي ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سٺي شڪل رکندڙ نياڻين جي مٿي تي هٿ رکندڙ استاد شفيق پيءُ بجاءِ بگهڙ جي اک رکندو آهي؟

ويندي ويندي اوهان سڄاڻ ڌرين کي اسان ڇا سمجهايون. اوهان ئي کڻي پنهنجي اندر جو بٽڻ آن ڪري پنهنجو اندر پاڻ اجاريو. سڄاڻ باقي ڇا لاءِ ٿيا آهيو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو