Home / افيئر / ماسڪو: چونڊن ۾ ڌانڌلي تي پيوٽن خلاف تاريخي احتجاج
above article banner

ماسڪو: چونڊن ۾ ڌانڌلي تي پيوٽن خلاف تاريخي احتجاج

روس جي راڄڌاني ماسڪو ۾ هزارين ماڻهن ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف مظاهرو ڪيو. گذريل ڪيترن سالن کانپوءِ ٿيندڙ ان وڏي احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهو روسي وزير اعظم ولادميئر پيوٽن خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. جيتوڻيڪ چونڊن ۾ پيوٽن جي پارٽي يونائٽيڊ رشيا پارٽي کي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ مارجن سان ڪاميابي ملي آهي ليڪن ماڻهن جي اڪثريت جو خيال آهي ته اها ڪاميابي به ڌانڌلي جو نتيجو آهي. تقريبا 10 هزار ماڻهن تي ٻڌل ان ريلي ۾ مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊن تي لکيل هو: “لٽيرن ۽ چورن جي پارٽي مرده باد” اطلاعن مطابق پوليس لڳ ڀڳ 300 مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ روسي حڪومت جي ڪرپشن خلاف تحريڪ هلائيندڙ اهم رهنما اليڪس نيوالني به شامل آهي. اليڪس کي گرفتار ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر ان موقعي تي چيو ته “مونکي خبر آهي ته تون حق تي آهين پر توکي احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي”. جيتوڻيڪ چونڊيل پارلياماني ميمبرن ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جي ماڻهن جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آهي، پر اهي به بوگس چونڊن ڪري چونڊجي آيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو