Home / افيئر / مراڪش: چونڊن ۾ مذهبي جماعت کي سوڀ
above article banner

مراڪش: چونڊن ۾ مذهبي جماعت کي سوڀ

 

.مراڪش ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اعتدال پسند مذهبي جماعت وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي ۽ ان کي اتحادي حڪومت ۾ نمايان برتري حاصل آهي، جڏهن ته مراڪش جي وزير اعظم عباس الفيع جو چوڻ آهي ته اسان اسلامي ۽ جسٽس پارٽي سان گڏ اتحادي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيون. سرڪاري طور تي جاري ڪيل جزوي نتيجن موجب 395 جي اسيمبلي ۾ اسلامي جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي هينئر تائين 80 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي آزاد پارٽي 45 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي، اسلامي جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ جي اختيارين  جو چوڻ آهي ته اسان جا پنهنجا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته اسان 100 کان وڌيڪ سيٽون کٽي چڪا آهيون. حڪومت جي ان توثيق کانپوءِ اسلامي پارٽي اڪثريتي سيٽن تي ڪامياب ٿي وئي آهي. اسلامي جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل عبدالله بنڪيراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مراڪش جي عوام جو اسلامي جسٽس پارٽي تي اعتماد ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون ۽ اسان ئي عوام کي مطمئن ڪري سگهون ٿا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو