Home / افيئر / معاشي ڏيوالپڻو: يورپي يونين ٽڻڻ جو خطرو
above article banner

معاشي ڏيوالپڻو: يورپي يونين ٽڻڻ جو خطرو

 

جرمني ۽ فرانس يورپي يونين لاءِ انجڻ جي حيثيت رکن ٿا. هاڻي ٻنهي ملڪن ۾ صورتحال اهڙي سٺي ناهي جو اهي هڪٻئي خاطر يا يورپي يونين خاطر قرباني ڏين. ٻنهي ملڪن ۾ معاشي بنيادن تي پئدا ٿيل اختلاف وڌي وڻ ٿي ويا آهن. حقيقت اها آهي ته يورپ ۾ جرمني کانپوءِ سمورن ملڪن جي معاشي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي. يورپ جا اڪثر ملڪ قرضن جي ٻوجهه هيٺان دٻجي ويا آهن، بجيٽ خسارا وڌي رهيا آهن. ڪيترائي سرڪاري ادارا ڏيوالپڻي جي ويجهو آهن ۽ بيروزگاري جو طوفان بي قابو ٿي چڪوآهي، ڪيتريون ئي يورپي معيشتون ڏيوالپڻي جي ويجهو پهچي چڪيون آهن. معاشي بحران سبب يورپ جي ڪيترين ئي حڪومتن وٽ قرضن جي ادائگي لاءِ رقمون ناهن. جيتوڻيڪ فرانس جي صورتحال ڪيترن يورپي ملڪن کان بهتر آهي ليڪن ان باوجود فرانس جو داخلي قرض 1700 ارب يورو جي لڳ ڀڳ آهي. فرانس جون ٽي وڏيون بئنڪون پي اين پي، سوسائي جنرل ۽ ڪريڊٽ ايگري ڪول ڪنهن به وقت ڏيوالپڻي جو اعلان ڪري سگهن ٿيون.

يورپي ملڪن جي بدترين معاشي ڏيوالپڻي کي ڏسندي تازوئي فرانسيسي صدر نيڪولا سرڪوزي جرمن چانسلر انجيلا مرڪل کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن يورپي معيشت کي سهارو نه ڏنو ويو ته يورپي يونين ٽٽي سگهي ٿي. ان بيان جو تڪڙو رد عمل اهو سامهون آيو آهي جو يورپي اسٽاڪ مارڪيٽ اٺ پوائنٽ مائنس ۾ هلي وئي آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو