Home / افيئر / ناياب جهنگلي جيوت: ڀوتارن ۽ شڪارين جي نشاني تي
above article banner

ناياب جهنگلي جيوت: ڀوتارن ۽ شڪارين جي نشاني تي

سياري جون سرد هوائون لڳڻ سان ئي سنڌ ۾ مهمان پرديسي پکين ۽ ناياب جهنگلي جيوت جي شڪار جي مند شروع ٿي ويندي آهي. هونئن ته مقامي ديسي پکين ۽ جانورن جو قتلام سڄو سال جاري رهندو آهي، خاص طور سانوڻ جي وسڪاري ۾ جڏهن رڻ ڪڇ جون رولاڪ هرڻيون ڀٽڪي پاڪ ڀارت سرحد پار ڪري وس چرڻ لاءِ ٿرپارڪر جي ڀٽن جو رخ ڪنديون آهن. تڏهن انهن مان ورلي ڪا هرڻي واپس ڀارت طرف وڃي سگهندي آهي. اڪثر اهي ڀٽڪي آيل هرڻيون جن جا ٻچا به انهن سان اڪثر ڪري گڏ هوندا آهن. اهي شڪارين جي گولين جو بک بڻجي وينديون آهن. سنڌ ۾ اڻلڀ تترن جو شڪار ته سڄو سال جاري رهندو آهي. سنڌ جا اڪثر جاگيردار وڏيرا جن جون ذاتي ڪيٽيون آهن، ۽ ڪن سردارن پير مير وڏيرن سنڌو درياهه جي ڪچي جي ٻيلن تي قبضا ڪري پڻ پنهنجون ڪيٽيون آباد ڪيون آهن. اهي جاگيردار وڏيرا تترن جي رک ڪري بعد ۾ ملڪ جي سربراهن، جنرلن ۽ وزيرن کي خاص دعوتون ڏيئي تترن جو شڪار ڪرائيندا آهن. پر سنڌ ۾ آبي ۽ جهنگلي جيوت جو سڀ کان گهڻو قتل عام سياري جي هن مند ۾ انڪري ٿيندو آهي جو اتر قطب جي انتهائي ٿڌن علائقن کان هر سال لکن جي تعداد ۾ ايندڙ سهڻا پرڏيهي مهمان آبي پکيئڙا حسين ترين ڪونجون ۽ تلور پڻ شامل هونديون آهن. مختلف آبي پکي جيڪي گهڻو ڪري رات جو اڏامندا آهن، اهي منڇر، ڪينجهر، هاليجي، مکي وغيره جي نندين وڏين قدرتي ۽ مٺي پاڻي جي هٿرادو ڍنڍن تي لهندا آهن. انهن ڍنڍن تي هر روز بندوقن جا ڪڙڪاٽ هوندا آهن. انهن آبي پکين جو شڪار گهڻو ڪري رات جو ڪيو ويندو آهي. بندوقن سان وڌيڪ اهي آبي پکي گهڻو ڪري رڇ ۽ ڄارن ۾ ڦاسايا وڃن ٿا، جيڪي هر سال لکن جي تعداد ۾ شڪار ٿي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سرعام وڪرو ٿيندا رهن ٿا. آبي پکين جي شڪار جو اهو سلسلو گذريل ڊگهي عرصي کان جاري آهي. اهڙي بي دردي سان پکين جو ڪوس ٿيڻ ڪري هر سال لکن جي تعداد ۾ ايندڙ انهن پرديسي پکين مان ورلي ڪي چند هزار واپس پنهنجي ڏيهه جتان اهي هزارين ميلن جو سفر ڪري اچن ٿا مشڪل سان جيئرا واپس ٿي سگهن ٿا. ان جي باوجود انهن پرديسي مهمان پکيئڙن جو اهو سنڌ اچڻ جوکم وارو سفر گذريل هزارين سالن کان بدستور جاري آهي. جنهن جو هڪ وڏو تاريخي پسمنظر آهي، جنهن ۾ موسمي حالتن سان گڏ قديم سنڌي لوڪن جي انهن پرديسي پکيئڙن سان بي پناهه محبت ۽ مهمانوازي پڻ هڪ مک ڪارڻ آهي.

آبي پکين کانسواءِ هر سال سياري جي مند ۾ سنڌ ايندڙ انهن ٿڌن علائقن جي جبلن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهي رهندڙ سهڻن پکين ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻو ۽ محبتي سمجهيو ويندڙ ڪونج پکي آهي. جنهن ڪونج سان گڏ تلور پکي پڻ هزارين ميلن جي اڏام ڪري هر سال سنڌ ۾ اچي ٿو. ڪونج جو سنڌ ۾ سڀ کان وڏو آستان ڏاکڻي سنڌ ۾ رڻ ڪڇ ۽ بڊاماڻ واري ٿر جي ڪس واري اها ماضي جي زرخيز پٽي آهي. جيڪا گذريل سوين سالن کان ڪونجن لاءِ جنت بڻيل آهي. جنهن علائقي ۾ عظيم ۽ قديم درياهه پراڻ ۽ هاڪڙو رڻ ڪڇ جي قديم ۽ جڳ مشهور ڪوري کاري وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. انهن عظيم ۽ قديم دريائن کانسواءِ ساڱرو، ريڻ، ڳٽو، پٽيهل ۽ گونگڙو درياهه پڻ ڪونج سر کانٽي وٽان ڪوري کاري رستي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. ڪونجن جي آماجگاهه ۽ آستان جي ڪري گهڻن دريائن جي ڇوڙ واري انهي واٽ ۽ ماڳ کي اڃا تائين ڪونج سر سڏيو وڃي ٿو. قديم درياهن جي ڇوڙ واري ڪونجن جي ان آستان ۾ کين سندن خوراڪ ۽ مٺو پاڻي وافر مقدار ۾ ملي ويندو هو. ان علائقي مان دريائن جي رخ بدلائڻ ۽ بند ٿي وڃڻ بعد به آبڪلاڻي ۾ رڻ ڪڇ جي ڪس واريون قديم قدرتي ڍنڍون جهڙوڪ شڪور، ڪنڊڙي، اڏاهه، پٽيجي، سانڍو، نريڙي، مهرو، سنهڙو، جهٻو وغيره مٺي پاڻي سان تار هونديون هيون، بڊاماڻ، ونگو، ولاسو، مانڌر ۽ ڪڪرالو وغيره جون باغن، ٻيلن، ٻوٽن ۽ خوشبو وارن ڳاڙهن چانورن جي ديس واريون، واديون ڪونجڙين لاءِ پرڪشش بڻيل هيون. جيڪو نقشو ئي هاڻي تبديل ٿي ويو آهي. مٿين خوبصورت وادين واري ان سڄي علائقي ۾ هن وقت کارو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي وگهي سمنڊ ان سڄي خطي کي ڳڙڪائي تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. مٺي پاڻي جي مٿين قدرتي قديم ڍنڍن جنهن ۾ ڪجهه ڍنڍون رامسر سائيٽ پڻ قرار ڏنل آهن، انهن سميت سڄي قديم ڊيلٽائي پٽي جنهن کي هاڻ بدين جي خطرناڪ سامونڊي پٽي چيو وڃي ٿو، انهن سميت اٽڪل 50 کان وڌيڪ قدرتي ڍنڍون کاري سامونڊي پاڻي هيٺ اچي مڪمل طور تباهه ٿي لوڻ جون کاڻيون بڻجي ويون آهن. ماحولياتي تباهي جي ڪري گذريل هزارن سالن جو سڄو ماحولياتي سرشتو سخت متاثر ٿي تباهه ٿي ويو آهي. جنهن ڪري ڪونجڙين سميت مٿين ڏاکڻي سنڌ واري ڍنڍن ۾ مهمان پکين جي آمد تمام گهڻي حد تائين گهٽجي ويئي آهي. ڪونج سان گڏ جيڪو تلور پکي سنڌ ۾ اچي ٿو ان جا آستان ڪاڇو، ڪوهستان، کير ٿر ۽ اڇڙو ٿر آهن. پر سندن اصل آستان اڄ ڏينهن تائين مذڪوره رڻ ڪڇ ۽ ٿر واري ڪس وارو ڀاڱو آهي.

عرب شيخ جيڪي سهڻي اڻ لڀ پرديسي مهمان پکي جا ويري ۽ ان جي گوشت کائڻ جا شوقين آهن. کين خبر ناهي ڪهڙن حڪيمن اهو غلط نسخو ڏسيو آهي ته تلور پکي جو گوشت مرداني طاقت کي وڌائي ٿو. انهي شوق ۾ اهي عرب شيخ شڪاري هر سال سياري جي مند ۾ وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ تلور جي شڪار جون پرمٽون وٺي شڪرن سان تلور جو شڪار ڪرڻ لاءِ وڏن بادشاهي قافلن سان سخت حفاظتي انتظامن هيٺ اچي شڪار ڪندا آهن. گڏيل عرب امارتن جي انهن عرب شڪارين کي تلور جي آستانن وارا مختلف علائقا ورهائي ڏنا ويندا آهن. جيئن ته تلور جو وڏو آستان رڻ ڪڇ ۽ ٿر جي ڪس واورو قابل ذڪر علائقو آهي انڪري ٿرپارڪر ۾ تلور جي شڪار ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جو پروانو حاصل ڪرڻ لاءِ قطر ۽ دبئي جي عرب شيخ شڪاري شهزادن جو پاڻ ۾ سخت مقابلو هوندو آهي. روايتي طور تي ڏٺو ويو آهي ته ميان نواز شريف جي دور حڪومت ۾ ٿرپارڪر ۾ تلور جي شڪار جو پروانو قطر جي عرب شهزادن ۽ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ دبئي جي عرب شهزادن کي ڏنو ويندو آهي. ٿرپارڪر ۾ تلور جي شڪار جي عيوض گڏيل عرب امارتن جا عرب شهزادا وري پنهنجي ملڪن ۾ اسان وارن حڪمرانن کي خاص مراعتون ۽ سوکڙيون وغيره ڏيئي سندن پرگهور لهندا آهن. آمر جنرل ضياءُالحق ۽ جنرل پرويز مشرف پنهنجي دور حڪومتن ۾ قطر جي عرب شيخ شهزادن تي خاص مهربان هئا. انهن ٻنهي آمر حڪمرانن قطر جي 90-80 ورهين جي شهزادي مرحوم شيخ ناصر کي هر سال ٿرپارڪر ۾ تلور جي شڪار جا پروانا ڏنا. کرب پتي عرب شيخ شهزادا تلور جي شڪار جا ڪيترا شوقين آهن ۽ اهي تلور جي شڪار تي ڪيترو ناڻو دُڦ ڪن ٿا. ان جو هڪ مثال اهو آهي ته ٿرپارڪر ۾ شڪار جي اجازت لاءِ ايترو ته گهڻو دٻاءُ وڌو جو ملڪي حڪمرانن ٻنهي شهزادن کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻن ٻن هفتن جون پرمٽون جاري ڪيون. بدقسمتي سان دبئي جا شهزادا انهي عرصي ۾ ٿرپارڪر ۾ بازن سان فقط 5 عدد تلورن جو شڪار ڪري سگهيا ۽ ان شهزادي جي قافلي ۾ 200 کان وڌيڪ ڳريون گاڏيون هيون ان سال هڪ رپورٽ مطابق دبئي جي مذڪوره شهزادي ٿر ۾ ڪيل 5 تلورن جي شڪار تي 5 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا يعني ته کيس هڪ ڪروڙ ۾ هڪ تلور ملي سگهي. اهي پنج ڪروڙ روپيا ته ٿر ۾ ڪيل شڪار تي ان شهزادي خرچ ڪيا باقي دبئي کان ڪراچي تائين سندس رهائش ۽ کاڌ خوراڪ وغيره تي ڪيترا ڪروڙ روپيا خرچ آيا هوندا؟ ٿر ۾ ڀلي ڪارو ڏڪار ڇو نه هجي پر ملڪي حڪمران عرب شيخن کي پنهنجن سرپرستي ۽ سخت پهري هيٺ تلور جو شڪار ضرور ڪرائيندا آهن. لکين مظلوم ٿري ماڻهو جيڪي مهمان نواز آهن. اهي اهڙي ظلم خلاف احتجاج ڪن ٿا پر ٿر جا اڪثر ارباب ۽ وڏيرا جيڪي پڻ سرڪاري اهلڪارن سان گڏ عرب شڪارين کان مراعتون حاصل ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪري شڪار ڪرائين ٿا. اهي وڏيرا ٿري عوام کي هر وقت هيسائيندا رهن ٿا. اهي ٿر جا وڏيرا ۽ سرڪاري ڪارندا ٿر جي فطري حسن کي فقط کي عرب شڪارين هٿان تباهه نه ڪرائيندا آهن پر ٿرپارڪر ۾ تلور سان گڏ اهي ٿري وڏيرا رڻ ڪڇ ۽ راجستان جي ڀارتي سرحد پار ڪري ٿر جي حدن ۾ ڀٽڪي آيل رولاڪ هرڻين ناياب روجهن ۽ ڦاڙهن کي مهمان شڪارين هٿان گولين جو نشانو بڻائي انهن جو سرعام قتلام ڪرائيندا رهن ٿا. شل نه ڪا رولاڪ هرڻي ٿر ۽ سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿئي، شڪاري هڪدم اتي پهچيو وڃن. اڪثر ٿر جا وڏيرا وڏن سرڪاري ڪامورن ۽ وزيرن کي خاص دعوتن ڏيئي هرڻن جو شڪار ڪرائين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ٿر جا وڏيرا ارباب ۽ رئيس خود پاڻ هرڻين کي شڪار ڪري وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جو مهمان نوازيون ڪرڻ کانسواءِ اهي ماريل هرڻ وزيرن ۽ ڪامورن کي گهر ويٺي تحفي طور موڪلي ان جي بدلي ۾ پنهنجا ناجائز ذاتي ڪم وٺن ٿا. هرڻن جو اهو ڪوس اڪثر ڪري ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن تعلقن ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري جي حدن ۾ ڪيو ويندو آهي. سانوڻ جي ڏينهن ۾ اڇڙي ٿر ۾ پڻ هرڻن جو بي دردي سان شڪار ڪيو ويندو آهي.

ڪجهه مهينا اڳ ٿرپارڪر مان ميڊيا ۾ ان دردناڪ واقعي جون خبرون پڻ رپورٽ ٿيون هيون ته موجوده سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو ڪجهه وزيرن ۽ ايم پي ايز سان گڏجي ننگر پارڪر جي ڪنهن ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ ئي رات اندر 12 کان وڌيڪ هرڻن جو شڪار ڪيو ۽ شڪار دوران ٿر جي هرڻن جي اهڙي بي دردي سان قتلام خلاف ٿر جي مقامي ڳوٺاڻن شڪارين خلاف سخت مزاحمت ڪئي. بعد ۾ ان واقعي کي لڪائي دفن ڪيو ويو. سرحد جي هُن پار اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ پاڪستان جي قانونن ۾ ڏينهن رات جو فرق ته ڏسو، بالي ووڊ جو اول نمبر فلمي سپر اسٽار سلمان خان راجستان ۾ هڪ اڪيلي هرڻ جو شڪار ڪري ٿو ته قانون سندس پيڇو نٿو ڇڏي ۽ نيٺ آخر عدالتون کيس جيل جون هوا ٿيون کارائين . سپر اسٽار جا اربين روپيا کيس جيل جي سزا کان بچائي نٿا سگهن. هتي سنڌ ۽ ملڪ ۾ اسيمبلين جا اسپيڪر خود هرڻين کي گوليون پيا هڻن. اصل ۾ هن ۾ جهنگلي جيوت جي بچاءُ جو سري کان ڪو قانون ئي ٺهيل ناهي. وائلڊ لائيف جو کاتو ڪاغذي آهي جنهن جا ملازم اعزازي ۽ عارضي هوندا آهن جن وٽ ڪي به اختيار نه آهن. اهي فقط لاڙ ۽ سامونڊي پٽي جي ملاحن کان پکين جي شڪار جون منٿليون وٺندا آهن. هوڏانهن ڪي سنڌ اجا اڻ ڄاڻ صحافي هرڻ ۽ تلورن جي قاتل مها شڪارين کي ڇڏي، هر سال انهن مسڪين ملاحن خلاف پکين جي شڪار جون اڳواٽ ٺهيل ساڳيون پراڻيون خبرون اخبارن ۾ هلائي انهن کي وڌيڪ پيسا ڀرائين ٿا. معصوم پکين ۽ ناياب جانورن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هن وقت ڄام پنري بڊاماڻي جهڙن ڏاتارن جي ضرورت آهي.

“بغل منجهه بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لوڪ چڙهي.”

“شاهه”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو