Home / سياسي افيئر / نواز شريف سنڌ ۾ سياسي سگهه حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾
above article banner

نواز شريف سنڌ ۾ سياسي سگهه حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾

لاڙڪاڻو جنهن جي سياسي تپش تي ملڪ جا سياستدان هٿ سيڪڻ شروع ڪندا آهن، اُتي 10 ڊسمبر تي ملڪ جي اهم اڳواڻ ميان نواز شريف جو جلسو ڪرڻ، ڇا ان ڳالهه طرف سڌو، اڻ سڌو اشارو ته نه آهي ته لوهه گرم ٿي رهيو آهي ۽ سياست جي چيس بورڊ تي نئين چالن هلڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي، يا هن جلسي  کي لاڙڪاڻي ۾ خطاب ڪرڻ، ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ڪمزورين، ڪوتاهين ڪري وقتائتو ۽ هنڌائتو ڌڪ هڻڻ ته نه آهي. لاڙڪاڻو سياست جي بيروميٽر طور سڃاتو ويندڙ ضلعو هميشه پيپلز پارٽي جي حمايت ڪندو رهيو آهي ۽ ڪيترن سياسي ناهموارين باوجود ماڻهن هن پارٽيءَ کي ئي هر اليڪشن ۾ سوڀارو ڪيو آهي،

پر ويجهي ماضيءَ تي ٿورڙي نظر ڦيرائبي ته هن علائقي ۾ يا ته پيپلز پارٽي جي بي پرواهين ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻن، پنهنجي پارٽيءَ جي تنظيم طرف مڙئي گهٽ ڌيان ڏنو آهي، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف ڪندي پيپلز پارٽي طرفان ڏنل ٽڪيٽ هولڊر خلاف پارٽيءَ جو ئي ڪو ٻيو پر ناراض ورڪر فارم ڀري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ وچان ميدان ڪو غير اهم ئي صحيح هڪ ٻيو اميدوار سيٽ کٽي ويندو آهي، جنهن لاءِ تمام پري نه وڃجي، هنن چونڊن کان اڳ شهدادڪوٽ مان سلطان کهاوڙ صوبائي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو.

سو چوندا آهن ته ”تِرَ جي گٿي سو چوٽون کائي“ پيپلز پارٽي جي ليڊرن جنهن ۾ مٿان کان وٺي هيٺين سطح جي پارٽي عهديدارن کي پارٽي جي تنظيم تي ڌيان نه ڏيڻ ڪري ڪوڙي گوري کائڻي پئي.

لاڙڪاڻو جنهن کي پيپلز پارٽيءَ جو ڳڙهه ڪري سڃاتو ويندو آهي اتي شايد ان قسم جو جلسو، ڀلي ان ۾ هتان هُتان جا ماڻهو گڏ ٿيا هجن يا گڏ ڪيا ويا هجن، گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه طرف اشارو ته آهي ته جيڪڏهن عوام کي اڪيلو ڪندئو ۽ هو آخر ڪو ته پيچرو اهڙو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا جتي لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. ان کان سواءِ اهڙن جلسن جي ٿيڻ کي ڇا ووٽر جي بدلجندڙ مزاج جو اشارو ته نه ٿو سمجهي سگهجي، يا وري وقت جي وير ۾ وهي ويندڙ ماڻهو ڀل اهو پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل هجي اهو هن لهر ۾ لڙهي وڃي ۽ پوءِ فائدي بدران پيپلز پارٽي کي نقصان ئي نقصان رسڻ جو امڪان غالب ٿي وڃي.

ٿورڙو ان ڳالهه تي به غور ڪرڻو پوندو ته آخر اهڙا ڪهڙا ڪارڻ هئا جنهن جي ڪري پيپلز پارٽي قدآور شخصيت محترمه بينظير ڀٽو جا ووٽ هر اليڪشن ۾ گهٽ ٿيندا ويا ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي لوڪل ليڊر جيڪو هاڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو آهي، جا ووٽ ويا هر اليڪشن ۾ وڌندا.

ڀل ٻيا ڪيترا به فيڪٽر ڄاڻائجن پر اها ڳالهه پڌري پَٽِ آهي، هڪ ته شهيد بينظير ملڪ کان ٻاهر هئي ۽ ٻيو وزير اعظم هوندي پنهنجي تڪ تي اهو ڌيان نه ڏئي سگهي جيڪو ڏيڻ کپندو هو. بلڪل اهو صحيح آهي ته هن تي اهم ۽ وڏيون ذميواريون هيون، پر پارٽيءَ جي تنظيم جون ڪجهه گهرجون ئي ٻيون آهن، ان تي ڌيان ڏيڻ، آخر ڪار ان جي تاڃي پيٽي تي اثر ڪري ٿي، ايئن ٿيو آهي. پارٽي معاملا پارٽي اندر نبيرڻ تمام زبردست ڳالهه آهي، پر ان لاءِ سياسي ذهن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهي ذهن پارٽيءَ اندر ٿيندڙ تربيت تي هوندو آهي، پر افسوس ٿيندو آهي جڏهن لاڙڪاڻو اتي معمولي اختلافن کي روڊن تي آندو ويندو آهي ۽ ويجهي ماضيءَ ۾ جناح باغ آڏو پيپلز پارٽيءَ وارا پيپلز پارٽي وارن خلاف ڪيمپ هڻي ويهي رهيا. آخر اهو ڪهڙو پيغام آهي، جيڪو هڪ پارٽيءَ اندر ۽ ٻيو ٻين پارٽين کي ڪهڙو نياپو ٿو ڏئي، هن طرف منهنجي اندازي موجب گهٽ ئي ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ ڏنو پيو وڃي، جنهن جو آخرڪار نقصان پارٽيءَ کي ٿيندو.

ڳالهه ٽلڻَ جي اها آهي ته نواز شريف طرفان لاڙڪاڻي جو انتخاب آخر ڇو ڪيو ويو ۽ ان سان ڪهڙن اهڙين ڪمزورين جو فائدو وٺي سندس (نواز شريف) جي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪرندڙ سياسي قد ۽ ساک کي ڪنهن سهاري ڏيڻ جي ڪوشش ته نه آهي، جنهن سان هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪري سگهجن.

آصف علي زرداري تي ۽ سندس تي وڌندڙ تنقيد ۾ اضافو ڪري ان جي سياسي قدبت کي ڇيهو رسائجي ۽ ٻيو ان احساس کان ڌيان هٽائجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان لاهور ۾ جلسو ڪرڻ ۽ نواز شريف جي پاڪستان مسلم ليگ کي سياسي ڌڪ ڪڍڻ واري عمل جي اثرات جي ماڻهن جي ذهنن ۾ چڙهندڙ نئين سوچ ۽ نقشي کي ڌنڌلو ڪري سگهجي.

بهرحال ڪجهه به آهي، هي هڪ سنڌو سنئون سياسي قدم آهي، جنهن جو مقصد صرف اهو هوندو ۽ گهڻي قدر هوندو به. حڪومت جيڪا اڳ ئي سياسي، معاشي ۽ اڳواڻيءَ جي فقدان ۽ دٻاءُ هيٺ آهي، ان کي وڌيڪ وائڙو ڪرڻو آهي. لاڙڪاڻي جو عام ماڻهو ايترو تيز آهي جو ملڪي سياست تي تزُ تبصرو ڪرڻ ۾ دير ڪو نه ڪندو آهي، هو ڀل پيپلز پارٽي جو ڪٽر مخالف ٿي وڃي پر ڀٽن جي نالي ۾ خبر ناهي ڪهڙو جادو آهي، جو هو چونڊن مهل ووٽ ان کي ۽ ان جي بيهاريل اميدوارن کي ڪري ايندو آهي، شايد هو اڃا اهو ئي سمجهندو آهي ته سنڌي ماڻهوءَ جي اڄ به پيپلز پارٽي ئي طاقت آهي ۽ اها ئي هن لاءِ وري به ڪجهه نه ڪجهه چڱائي جو اهڃاڻ ثابت ٿيندي.

مڃيوسين ته نواز شريف جي جلسي لاءِ ماڻهن کي امپورٽ ڪيو ويو ۽ پيپلز پارٽي مخالف سياستدانن ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ڪاراوا، ڪمدار ۽ پارٽي ورڪر ان ۾ شرڪت لاءِ اماڻيان، ته ڇا ايئن ڪڏهن ٿيو آهي ته اتان جا ئي ۽ پنهنجا ئي پارٽي ورڪر ڪو وڏو جلسو ڪندا آهن؟ ضرور ان ۾ ڀرپاسي کان ورڪر ۽ ماڻهو شامل ٿيندا آهن، ڳالهه اها نه آهي ته ماڻهو ڪيترا هئا پر ڳالهه اها ڳڻبي ته لاڙڪاڻو جيڪو پيپلز پارٽيءَ جو شهر آهي ان ۾ اٺن کان نو هزار (هڪ اندازي موجب) ماڻهن جو هجڻ ڪا عام ڳالهه نه آهي، ان کان سواءِ هن جلسي کي ڊسپيلنڊ رکڻ به هڪ اهم ڳالهه آهي، ڇا هڪ جلسي کي ئي اهو سمجهجي ته پ پ پ جو گراف ڪري پوندو؟ جيڪڏهن ڪو ئي اهو سمجهي ٿو ته شايد سياسي اڻ ڄاڻائيءَ جو شڪار آهي. ها باقي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جو وقت ضرور آهي ته پنهنجن کنيل قدمن، ماڻهن سان ڪيل واعدن ۽ شروع ڪيل ترقياتي ڪمن تي ڪيترو عمل ٿيو آهي ۽ ڇا بلڪل ميرٽ (جيڪا پ پ پ) نوڪرين ڏيڻ ۾ ڪري ٿي اها ايئن ئي آهي جيئن ان جا ليڊر دعويٰ ڪن ٿا يا ان جي بلڪل برعڪس آهي. اهڙين حالتن ۾ پ پ پ جو جڙندڙ عڪس گهٽ ۾ گهٽ ان طرف اشارو ڪري ٿو ۽ وقت جي گهر به آهي ته غير محسوس طريقي سان ٿيندڙ غلطين تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پوءِ ايئن نه ٿئي جو اهڙا ڏينهن ڏسڻا پئجي وڃن جڏهن پاڻي سِرَ کان تار ٿي وڃي.

خبرن جي دنيا ۾ رهندي هنن اکين اهو به ڏٺو آهي ته نئين ديري ۾ ڪوٺايل کليل ڪچهري سنڌ جو وزير اعليٰ اڌ ۾ ڇڏي هليو وڃي ۽ پويان خبر ناهي عوام لاءِ ڇا تاثر ٿو ڇڏي وڃي، ان لاءِ وقت جي اهم ضرورت اها آهي ته پارٽي معاملن تي وڌ کان وڌ غور ڪيو وڃي. اڳ ۾ ئي سنڌ جي اهم اڳوڻو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهو سڌو سنئون چئي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ۾ شامل 50 سيڪڙو وزير ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن نالا به کڻندو آهي، ان سڀ جو نتيجو ڇا ٿيندو. پارٽيءَ کي ڇيهو رسندو ۽ ان جي ساک ان وقت وڌيڪ متاثر ٿيندي، جڏهن چونڊون مٿان بيٺيون هجن. سچي ڳالهه اها آهي ته پارٽي ۽ حڪومت جا عهدا اڄ سوڌا سلهاڙيل آهن، جنهن ڪري ڇا اهو ممڪن آهي ته سنڌ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه هڪ ئي وقت حڪومت جا معاملا هلائي يا وري پارٽي معاملا سلجهائي؟

هن وقت سنڌ کي هڪ اهڙي متحرڪ پارٽي ليڊر جي ضرورت آهي، جيڪي پارٽيءَ کي هڪ پارٽي طور وري آرگنائيز ڪري ۽ متحرڪ ڪري، پارٽي ليڊر هميشه (Binding Force) هوندا آهن ۽ ڏکين ڏينهن ۾ عوام کي ۽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن کي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهي به سگهه بخشبي آهي ۽ ڀاسندو آهي ته حڪومت واري ڌر ڪمزور ۽ مخالف ڌر مضبوط آهي.

سو نواز شريف جي هن دوري جا ڪيترائي رخ آهن جن کي ان ڳالهه ۾ سموهي سگهجي ٿو ته توهان جو ورڪر جڏهن ويڳاڻو ٿي وڃي، اعتماد جي کوٽ ٿي وڃي ۽ پارٽيءَ جا اهم ماڻهو ان کان ڌار ٿيندا وڃن ته پوءِ سواءِ پارٽي جي ڪمزوريءَ جي ٻيو ڇا پلئه پوندو؟ ان لاءِ وقت ويو ناهي، پارٽي ليڊرشپ کي تمام سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ته آخر نقصان ڪٿي ٿيو آهي ۽ ڪٿي ٿي رهيو آهي ۽ ان کي جلد ٺيڪ ڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو ڪونهي ڪو.

هن جلسي ۾ ميان نواز شريف، سيد غوث علي شاهه، جاويد هاشمي، ممنون حسين، اسماعيل راهو ۽ بابو سرفراز سميت ڪيترائي سينئر اڳواڻ شريڪ هئا اڳواڻن جي تقريرن کي ڏسجي ته اهي بلڪل توريل تڪيل هيون، جن ۾ سڀ کان مٿي ان ڳالهه کي رکيو ويو ته جي مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ آئي ته اها سڀ کان پهريان بينظير جي قاتلن کي گرفتار ڪندي ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائيندي، اهو جملو ڪنهن تير کان گهٽ نه آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي چيئرپرسن جي قاتلن جو چئن سالن جي حڪومت ۾ ڪو پتو نه لڳائي سگهي آهي، اهي عوام کي ٻيو ڇا ڏيندا، ان کان پوءِ سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪِيندي اهو چوڻ ته سندن دور ۾ ٽن مهينن ۾ ڌاڙيل ختم ڪيا ويا هئا ۽ هاڻي ڊاڪٽر ۽ هندو اغوا ٿي رهيا آهن.

مٿان وري سياسي چال اها ته نواز شريف پنهنجي قيادت سوڌو وڃي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو ۽ بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي، ان ڪري هي دورو تمام گهڻن سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي ۽ شايد وقت جا حاڪم اهو سوچي رهيا آهن ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ هڪ وڏو سياسي جلسو ڪجي ۽ بظاهر هن کي جواب ڏجي. شايد چئني پاسن کان پيپلز پارٽي مخالفن جو هن پارٽيءَ جو گهيراءُ ۽ بين الاقوامي طور تي اهو معاملن ۾ الجهي پوڻ ڪري پارٽي ڪافي مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي. 27 نومبر تي گهوٽڪي ۾ شاهه محمود قريشيءَ جو جلسو، جتي هن پارٽيءَ کي خدا حافظ چيو ته 28 تاريخ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جو ”ڪيهر ڳوٺ“ ۾ اچڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر غلام الرسول ڪيهر، جنهن جو پيپلز پارٽي سان تعلق هيو، ان جي پوٽي عدنان ڪيهر سان ملاقات شايد پيپلز پارٽي کي جاڳائي وجهي.

هاڻي سوال اهو آهي ته نواز شريف جي هن جي جلسي ۾ آخر ڪهڙيون ڌريون هيون، جنهن جي ڪري ايترا ماڻهو ان ۾ آيا، جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جون ڳالهيون حاجي الطاف حسين انڙ جنهن جو تعلق مسلم ليگ (قاف) سان آهي، هلي رهيون آهن، ان جا ماڻهو جعفر آباد کان، شهدادڪوٽ کان، مطلب ته مڙني صوبن کان ماڻهو آخر هتي ڇو آيا يا وري ڇو آندا ويا؟

ان لاٰءِ وقت جي ضرورت اها آهي ته عوام ۾ اعتماد جو پيدا ٿيل فقدان آخر ڪيئن ختم ڪجي ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو.

dawnlrk@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو