Home / افيئر / نوجوانن ڏانهن تحرير چوسول جوڙڻ جو سڏ
above article banner

نوجوانن ڏانهن تحرير چوسول جوڙڻ جو سڏ

اڄوڪي سمئه، سموري دنيا ۾ جيترا نوجوان ماڻهو آهن اڳ ڪڏهن نه هئا. لڳ ڀڳ سٺ سيڪڙو آباديءَ جو، ڪنهن به ٽي وي فوٽيج منجهه نهاريو چوڌاري ويهن کان چاليهه سالن جا چُست انسان پيا ڏسبا. ايشيا، آفريڪا توڻي آمريڪا- ڳڀرو ئي ڳڀرو. پوڙها گهرن ۾ سُتل ۽ ٻار وري اسڪول ويل. توانائيءَ سان ٽٻٽار آدم خبرن جو مرڪز. تيونس، لبيا، مصر، وال اسٽريٽ. هر پاسي نوجوانن جو ڪروڌ. 2011ع کي سندن مزاحمت جو ورهيه سڏجي ته غلط نه ٿيندو. پاڻ جڳ کان الڳ نه آهيون. هتي پڻ اها روشني پکڙيل آهي. فرق ته، ڪجهه مَاٺو آهي. نوجوان پود جو سياسي ۽ سماجي ڪردار اسان وٽ جيڪو هئڻ کپي يا جنهن جي شديد گهرج آهي سو ناپيد. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سَٿيل آهن. پئٽرول پمپن تي ڪم ڪندڙ. سيڪيورٽي گارڊ ٿي بيٺل. فيس بوڪ ۽ ٽوئٽر تي عام جام. وطن ۽ لوڪ جي آئيندي بابت ڪا نه ڪا راءِ رکندڙ. تڏهن به، گڏيل ڀونچال- مخالف- مُهاڏي جي لقاءَ ۾ الوپ. کين گهڻو ڏوهه به نه ٿو ڏئي سگهجي. رياست جي جوڙجڪ جي عنصر کي نه وساريندي پر، سندن لاءِ ڪاهليءَ جا جواز به ته ڳڻائي نه ٿا سگهجن.

تدريس جي ڏُٻري سرشتي کي نظر ۾ رکندي ساڻن جيڪڏهن آسان مُحاورن ۾ ڳالهائجي تڏهن پڻ ٻڌائڻو پوندن ته تحرير چوڪ ۾ ترسيل نوجوان ڇوڪرن توڻي ڇوڪرين وٽ ڪيترائي اصطلاح هئا ۽ اڄ به آهن. هڪ ڊگهي جدول جنهن ۾ درج ٽرمنالاجي تي هُو گهربل دسترس رکن ٿا. پني کي ڦلهوربو ته مَٿي لکيل ملندو- آزادي. گهٽ ۾ گهٽ ان لفظ تي هُو نهايت واضح آهن. چِٽَا، ڪليئر. تنهن کان گهڻو سرس جيتروپاڻ آهيون. ڇوٽڪارو، نجات. آجپو، ان ڪري نه ٿو لکجي جو اهي چار اکر اسان وٽ معنيٰ مٽائي چُڪا آهن. الائي ڪيتريون بِشن گيريون آجپي جي محاوري ساڻ ٽانڪيل آهن. نوجوانن جي بي عمليءَ جو هڪ ڪارڻ ڏسجي ته اٿاهه ويساهه گهاتيون پڻ آهن. اونداهه جو وڏو حصو اسانجو پنهنجو پئدا ڪيل آهي. آجپو، آجپو ڪري ڪيترن ئي شودن ڌرتي جيڪا پاڻ سڀني جي ماءُ آهي تنهن جي پيٽ ۾ چڪ هنيا. نه وسارڻ کپي ته اهو اصطلاح هتي آزاديءَ جي مطالبي کي رومال ۾ ويڙهي اڳتي آڻڻ خاطر ڪتب آندو ويو. هينئر جڏهن، جيڏانهن ڪيڏانهن ٻي طرح جي هوا گُهلي رهي آهي. تڏهن، اسان- خاص طور تي نوجوان پود کي- ڇوٽڪاري، نجات، فريڊم جي فصلن تي صفا چٽو، ڪليئر هئڻ ۾ اٽڪاءُ ڪهڙو ٿو ڀائنجي؟ چٽو، ڪليئر هجڻ جو مفهوم توهان سمجهو ٿا. تحرير چوڪ تي ڪَٺُ ٿيڻ. مطالبن کي سمجهڻ جو مطلب آهي وال اسٽريٽ جو گهيراءُ ڪرڻ. بلڪل ايئن جيئن ڪرپشن کان نفرت سانڍڻ معنيٰ انا هزاري جو بک ڪاٽڻ.

سنڌ ۾ چڙ ۽ ڪاوڙ پالڻ جي روش جو ڪال ته نه آهي. پوڻا ٻه سو نوجوان ٻُڌجن ٿا ته کنڀجي، گم ٿي ويا آهن. اهو پوئين ڏهاڪو مهينن جو رڪارڊ آهي. 2011ع کي ڪنهن ريت ڪروڌ جو سال به ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو. جڳ جهان جي رياستن خلق جي ڪاوڙ کي مُنهن ڏنو. اهو منظر البت جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڇت- ڪُتائي چئجي تنهن کان مختلف هئو. ڇت ڪُتائي بهَرحال هاڻ جنم وٺي سگهي ٿي. خاص طور مصر، لبيا ۽ اهڙن ٻين ملڪن ۾. جتي تبديليءَ ڪاڻ اُٿيل عوام جي ٻيهر ڪنهن نئين گهاڻي ۾ پيڙجڻ جون تياريون پيون ٿين. تياريون- جِي هائو، غور طلب محاورو آهي. گڏيل گلوبل ڀونچال جي پسمنطر ۾ اسانجي پوڻا ٻه سو ماڻهن جو گم ٿي وڃڻ ڇا سيڪيورٽي وارن سان چرچا ڀوڳ جو نتيجو آهي؟ اهي همراهه ڪهڙي مهم جوئي تي نڪتل هئا؟ هڪ هڪ ڪيس جو جائزو وٺندي فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوچ ۾ پوڻ کپي ان لاءِ ته اسان کي ساڻن گڏ بيهڻ گهرجي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سٿيل نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بيهڻ جو مطلب ڄاڻيندا هوندا. ايئن جيئن مصري خبروار آهن. آزاديءَ جي اصطلاح تي چٽو هئڻ معنيٰ تحرير چوڪ تي گڏ ٿيڻ. لبيا وارا پروڙ رکن ٿا ته ڇوٽڪاري جو مقصد آهي قذافيءَ کان جان آجي. وال اسٽريٽ ۾ ويٺل ڄاڻي چُڪا ته آجپي جو مطلب آهي دولت ۽ سهنجاين جي انصاف ڀري ورهاست.

گذريل سال اندر ماڻهن جيڪي ڪجهه ڪيو تنهن ڪرڻ خاطر هنن ڪنهن پارٽي لائين يا اڳواڻ جي اشاري جو انتظار نه ڪيو. ڏسجي ته ان سموري ڪٿا جو هيرو، نايڪ عوام پاڻ هئو. پڌرنامو، مئني فيسٽو بنهه مختصر ۽ ڪليئر. هتي وري ساڳيو محاورو ڪتب آڻينداسين- ڪليئر. چِٽو، صاف، ڊاهه ڊوهه کان  خالي. هڪ صفحي جي لکت. مٿان کان هيٺ اچبو ته آزادي، تبديلي، انقلاب، ثور جا عنوان ملندا. ڍِڍ نڪتل ڪنهن ليڊر جي زنده بادي ۽ رهبري جا هَوڪا بلڪل نه. نهايت ويجهو وڃي مُشاهدو ڪبو ته اهو گڏهه جي سُواريءَ کان مختلف عمل هئو. تحرير اسڪوائر ۾ هڪ مهينو گهاري، جيئرو موٽيل عرب نوجوان ۽ “وڏا” ڪلچر ۾ پليل ڄامشوري جي ديشيءَ ۾ زمين آسمان جو فرق نهاري سگهبو. آجپي جي نعري هيٺ دَٻايل، ٻُوساٽيل عام سنڌي ڇوڪري کي پڻ سندس ڀرسان بيهاري نه سگهبو، اتي داخلي مونجهارن کي به جواز بنائڻ اجايو ٿيندو. جوانيءَ جا مسئلا ويڙهه ۾ شريڪ مِڙني ڳڀرن سان هئا ۽ هوندا. تعليم، روزگار، سَيڪس. مختصر ته ڪنهن بَابَ کي پٽڻ، پروڙڻ جو مطلب آهي اڳتي وڌڻ. ايئن ڪيترائي انسان بنا ڪنهن تنظيمي ايجنڊا جي، اثر جي، پارٽي لائين کان متاثر ٿي، گڏيل ڪوڪاٽ پئدا ڪرڻ ۾ سڦل ٿيا. اسان جيڪي سياسي پارٽين، ليڊرن جي اشارن، پڌرنامي يا مئني فيسٽو جا انتظاري آهيون تن لاءِ اهو وڏو سبق آهي.

دُرست ۽ جَائي، حقيقي ۽ جائز اِشو تي اُٿي پوڻ کانپوءِ اوهان گهڻن ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ڏسندا- آدرشي صورتحال آهي. تيونس وارن ايئن ڪري ڏيکاريو. سنڌ منجهه تڪڙو ائين نه به ٿئي. پر توهان پوءِ به، اُتساهه جي اُهڃاڻ طور اُڀري، نروار ٿيندا. اونداهن رستن تي مارجي ويلن جو رت به ته اجايو ناهي ويندو. ياد رکڻ گهرجي ته انقلاب بند جي پريان بيٺل نه آهي. مزاحمت لڳاتار روش آهي. تڪڙيون ۽ گهربل تبديليون- ايئن جلد ناهي ٿيندو. بي حسيءَ کان انڪار جهڙي مهان انساني گڻ جي گهرج آهي سنڌ جي جوانيءَ کي هزارن سالن جي جاندار سڀيتا جي مُهابي. اُٿو! اُٿو! جا سڏ ٿا ڏجن. ڇاڪاڻ ته ننڊ آڀاڳي آهي. اکيون مهٽڻ کانپوءِ ڇا ڪرڻو آهي اهو پاڻ طئه ڪريو. بيشڪ پنهنجي مفادن کي آڏو رکي.

ڍيٺ، پَيٽو، دغاباز هاڻوڪي قيادت ڏانهن جيڪڏهن نه نهاريندو ته اوهان تي مَيَار ناهي. چڱو ٿيندو ته ان کي خاطر ۾ ئي نه آڻجي. ڍُونڍ ٿي ويل محاورن مان اُٻڙڪا کائو ته پرواهه نه آهي. نوان اصطلاح جوڙيو. پورو صفحو نه ته ڇوٿي پني تي، ٽِن سِٽن ۾ منشور پَرَلکو. اوهان هن سماج جو سٺ سيڪڙو آهيو. توهان وٽ تعليم، روزگار، سيڪس- هر سطح تي لاچار، مجبوريون آهن. وڏي ڳالهه ته پنهنجي سڃاڻپ وڃائڻ جو انديشو. غلاماڻي حياتي. رياستي ڏاڍاين جا انبار. وِکَ وِکَ عجب رُڪاوٽ. هيروز، رول ماڊلز جو اوسيئڙو ڪرڻ بنا پاڻ نايڪ ٿي ڪنڌ مٿي کڻو. سامهون ايندڙ هر کل نايڪ، وِلئن تي ڪڙڪي پئو. تشدد جو رستو ناهي جيڪو توهان کي ڏَيکاريو پيو وڃي. مزاحمت جي همت ساريو ۽ مُهاڏي جا نڪور انداز اپنايو. ڇوٽڪارو پنهنجو حق ڀانيو ۽ اُن تان دستبردار ٿيڻ کان انڪار ڪريو. اڻ کٽ سگهه جو ڪارج ڳولهيو.

اڻکٽ سگهه- اڄوڪي ويچار جو آخري اصطلاح. طاقت جيڪا ڪروڌ انسان کي دين ڪندو آهي. ڪاوڙ ماڻهوءَ کي جوش ڏياريندي آهي. جيڪڏهن هُو حق تي هوندو ته مٿس آيل چِڙَ جي ڪيفيت منجهانئس اُلا ڪڍندي. باهه جيڪا آسپاس جي ڪک پن کي ساڙڻ لاءِ ڪافي هوندي. تشدد جي راهه!؟ نه بلڪل نه. لتاڙجي پورو ٿيڻ کان نهڪار. نوجوانن جو انڪار. سنڌ جي ڦوهه جوانيءَ جي بيداري. گهاٽي ننڊ مان سجاڳي، چوڌاري گهمندڙ انديشن مخالف هٿ پير. اوهان لغت کولي Synergy ته پڙهو. جوڙ ۽ اُن جي سگهه. ٻڌي ۽ سندس طاقت. ٻه ته ٻارهن جو تفصيل.

معلوم ناهي ته راويءَ جهڙي اڌڙوٽ جي هيءَ پٽاڙ نوجوانن تي ڪهڙو اثر ڇڏيندي. وَسُ هلي ته آءُ کين هڪ هٿ ساڄي ڳل تي وهائي ڪڍان. اڃا به اک نه کُلين ته ساڳي ڪار کاٻي ڳٽي تي. گهيرٽ ختم ٿيڻ تي اُهو ئي هٿ سندن پُٺي ٺپرڻ لاءِ ڪتب آڻيان. اڳتي وڌن ته پويان لڳو وڃان. آڏو هُو پاڻ جهيڙيندا. پوئين ڀِڪ ٿيندڙ ڪنهن وار ۾ آءُ ڪم اچي وڃان- ٻيو ڇا کپي. بچي وڃان ته سندن ڇاتي ۽ ڏونئرن تي گيت لِکان. تبديلي، ڇوٽڪارو، نجات اوس اسان جو مقدر آهي- پَٿر ٽُڪيان. ڪُلهي کڻي، گهر ڀرسان اها تحرير چنبڙايان. هڪڙو تحرير- آزادي- چوڪ ٺاهي وڃان ۽ پوءِ ڀلي، مري وڃان. ڀونئر بڻجي سنڌ جي آڪاسَ اُڏامان. آءُ- جنهن جو ڪو نانءُ ڪونهي. هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. هر گهٽي، وسنديءَ موجود آهيان. اوهان منجهان ئي هڪ روح آهيان. منهنجو آتم توکي سجاڳ ڏسڻ لاءِ تڙپي رهيو آهي اي نوجوان دوست! منهنجا ڀاءُ منهنجا ٻچا ۽ تون به اورتي اچ منهنجي امان، منهنجي ڀيڻ، منهنجي نياڻي.

معاف ڪندا. جذباتي ٿي ويو آهيان. پَرَ، اوهان سان ٻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهايان؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو