Home / افيئر / هڪ کرب ڊالرز جو سون ۽ ٽامو: بلوچستان حڪومت ۽ ڪمپني وچ ۾ تڪرار نه نبريو
above article banner

هڪ کرب ڊالرز جو سون ۽ ٽامو: بلوچستان حڪومت ۽ ڪمپني وچ ۾ تڪرار نه نبريو

بلوچستان جي ضعلي چاغي ۾ موجود سون ۽ ٽامي جي ريڪوڊڪ منصوبي کي هلائڻ جي ضد تي قائم بلوچستان حڪومت ريڪوڊڪ رٿا تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي ڪمپني کي لائسنس جاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بلوچستان سرڪار موجب ريڪوڊڪ ۾ هڪ کرب ڊالرز کان وڌيڪ جا ذخيرا موجود آهن جيڪي ڪڍڻ سان بلوچستان جي معاشي صورتحال بهتر ٿي ويندي.

بلوچستان حڪومت چاغي جي علائقي ۾ سون ۽ ٽامي جي وڏن ذخيرن وارو ريڪوڊڪ منصوبو پاڻ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان مقصد خاطر هڪ پرڏيهي ڪمپني کي ڏنل لائسنس پڻ رد ڪيو ويو آهي. لائسنس رد ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندي بلوچستان حڪومت جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته ٽي سي سي نالي ڪمپني کي سون ڪڍڻ لاءِ جيترو علائقو ڏنو ويو هو ان فزيبلٽي رپورٽ ۾ سموري علائقي کي شامل ناهي ڪيو ۽ رڳو هڪ مختصر علائقي جي ايراضي جي رپورٽ ٺاهي حڪومت کي پيش ڪئي. بلوچستان حڪومت جي معدني وسيلن بابت 2002 جي قاعدن قانونن تحت صوبائي حڪومت کي اختيار حاصل آهي ته جيڪا ڪمپني شرط شروط پورا نٿي ڪري ان جو لائسنس رد ڪري سگهي ٿي. هاڻي بلوچستان حڪومت پنهنجي وسيلن آڌار ان منصوبي تي اڳڀرائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽيٿان ڪاپر ڪمپني (TCC) بلوچستان حڪومت طرفان ريڪوڊڪ جي سون ۽ ٽامي جي قدرتي ذخيرن تي ڪم ڪرڻ ۽ کاڻيون کوٽڻ لاءِ ڏنل درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ چيو آهي ته ٽي سي سي آگسٽ 2010ع ۾ فزيبليٽي اسٽڊي رپوٽ جمع ڪرائڻ کانپوءِ فيبروري 2011 ۾ ELS ايريا لاءِ کاڻيون کوٽائي ڪرڻ جي لائسنس لاءِ درخواست ڏني هئي، ڪمپني چواڻي بلوچستان سرڪار مسئلي جي حل لاءِ ملاقاتن جي لڳاتار درخواستن جو ڪو خاطر خواهه جواب نه ڏنو جڏهن ته ڪمپني مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين کي ترجيح ڏني.

بلوچستان معدني وسيلن سان مالامال صوبو آهي. سوئي ۽ ڊيرا بگٽي مان نڪرندڙ گئس گذريل 50 ورهين کان ملڪي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي، ليڪن بدقسمتيءَ سان بلوچستان جي ٽيهن ضلعن مان رڳو پنجن ضلعن کي گئس جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات آغا حسن بلوچ صوبائي حڪومت طرفان منصوبي کي هلائڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ هن وقت عوام جا حقيقي نمائندا موجود آهن ڇو ته چونڊن وقت قومپرستن ان جو بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ جيڪي ماڻهو اقتدار ۾ آهن اهي خود هن منصوبي کي بدعنواني جو ذريعو بڻائيندا. هن چيو ته منصوبي کي هلائڻ جو حق بلوچستان جي عوام کي هجڻ گهرجي.

جڏهن ته هن منصوبي کي هلائڻ جي حڪومتي اعلان تي خود صوبائي وزير به ٻڏتر جو شڪار آهن. ڪجهه صوبائي وزيرن جو چوڻ آهي ته اهو ممڪن ناهي، حڪومت پرنٽنگ پريس نٿي هلائي سگهي ته سون ۽ ٽامي جو منصوبو ڪيئن هلائيندي. ليڪن بلوچستان جي وڏي وزير جي ناراضگي ۽ وزارت کسجڻ جي ڊپ کان وزير اعليٰ طرفان منصوبو پنهنجي هٿ ۾ وٺي هلائڻ ۽ پرڏيهي ڪمپني سان ڪيل معاهدو رد ڪرڻ جي کليل مخالفت نه پيا ڪن. ڪجهه ماهرن موجب اربين ڊالرز جي سون ۽ ٽامي جي ريڪوڊڪ منصوبي تي ڪا اڳڀرائي ڪري سگهڻ هاڻوڪي صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي.

سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت جي ڪوشش آهي ته گوادر پورٽ کي ڪار آمد بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ سنگاپور وچ ۾ مشرف دور ۾ ڪيل معاهدو به رد ڪري اهو پاڻ هلايو وڃي. ان هوندي به معاهدو رد ٿيڻ کانپوءِ ريڪوڊڪ تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي ڪمپني عالمي ٽياڪڙي جي درخواست ڏني ڇڏي آهي. ٽيٿان ڪاپر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽم ليو جو چوڻ آهي ته “اسان کي مايوسي آهي ته اسانکي اهو معاملو ڳالهين ذريعي نبيرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو. اسان کي ان  ڳالهه جي پڪ آهي ته اسانجي فزيبلٽي اسٽڊي ۽ مائننگ ليز درخواست بلوچستان منرل رولز 2002 جي عين مطابق آهي ۽ ان درخواست جي منظوري لاءِ ڪنهن قسم جي قانوني رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. اسانکي پنهنجي قانوني حق جي دفاع خاطر بين الاقوامي ٽياڪڙي لاءِ رجوع ڪرڻو پئجي رهيو آهي، تنهن هوندي به بلوچستان حڪومت ۽ ان جي ريگيوليٽري ادارن سان اهو تڪرار گڏيل رضامندي ۽ ڳالهه ٻولهه وسيلي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.”

معاهدو رد ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ سون ۽ ٽامي جي سڀ کان وڏي منصوبي تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي ڪمپني 140 ملازمن کي رضاڪاراڻي اسڪيم تحت فارغ پڻ ڪري ڇڏيو آهي. ملازمن کي معاهدو رد ٿيڻ کانپوءِ نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي. ڪمپني جي فزيبلٽي رپورٽ رد ٿيڻ ۽ ريڪوڊڪ منصوبو صوبائي حڪومت طرفان پاڻ هلائڻ واري اعلان کانپوءِ ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي. ڪمپني ذريعن چواڻي 26 آگسٽ کان سائيٽ تي ڪو نه ڪم ناهي ڪيو ويو ۽ ملازمن کي گهر ويٺي پگهارون ڏنيون پئي ويون جيڪو هاڻي ڪمپني لاءِ ممڪن ناهي.

بلوچستان واسين ۽ نوڪرين مان ڪڍيل ملازمن ترقي جي سفر جي جمود ۽ معاشي قتل جو ذميوار صوبائي سرڪار کي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته بلوچستان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر سردار يار محمّد رند حڪومت تي سخت ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي مان ملازمن جي نيڪالي ۽ معاشي قتل جي ذميوار پرڏيهي ڪمپني نه پر بلوچستان حڪومت آهي. بلوچستان جي اجتمائي مفادن کان هٽي ڪري ذاتي مفادن لاءِ ٽيٿان ڪاپر ڪمپني لاءِ زمين سوڙهي ڪئي وئي آهي ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻو سرمايو خرچ ڪندڙ ڪمپني عالمي عدالت ۾ وڃڻ لاءِ مجبور ٿي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نوان سرمائيدار ته پري رهيا پر پراڻا به ڀڄي رهيا آهن.

سردار رند جو چوڻ آهي ته بلوچستان صوبائي سرڪار جي سيڙپڪاري کانپوءِ ٽي سي سي ڪمپني حڪومت کي آمدني جو 25 سيڪڙو ڏئي رهي آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿو ته هي اهڙو منصوبو آهي جتان صوبائي سرڪار کي بنا ڪنهن سيڙپڪاري جي جهجهو نفعو ملي رهيو آهي. هاڻي ٽي سي سي سان ڪيل معاهدن کان انحراف ڪري پرڏيهي سيڙپڪارن کي سٺو تاثر نه پيو ڏنو وڃي. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته بدقسمتي سان اسان وٽ حڪومتي سطح تي ڪيل معاهدن کي شخصيتون ذاتي فائدن لاءِ منظور يا رد ڪرڻ ۾ دير ئي نٿيون ڪن. بدعنواني ۽ واعدي خلافي جي ڪري سڄي دنيا ۾ اسانجي اميج تي منفي اثر پوندا. صوبائي حڪمران هڪ ميونسپل نٿو هلائي سگهي ته ايڏو وڏو منصوبو ڪيئن هلائيندو.

معدنيات ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. بلوچستان وسيلن سان مالامال خطو آهي، جتي تيل، گيس، ٽامي ۽ سون جا تمام وڏا ذخيرا آهن. ليڪن بدقسمتيءَ سان انهن وسيلن مان صحيح طريقي سان فائدو ناهي ورتو ويو. حڪومت اهو ٿي سمجهي ته ايندڙ وقت ۾ بلوچستان خود انهساري جي منزل حاصل ڪري وٺندو. امن امان جي خراب صورتحال بلوچستان ۾ عالمي سيڙپڪاري ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي.

خود وڏو وزير نواب اسلم رئيساڻي اهو چئي چڪو آهي ته بلوچستان ۾ امن خراب ڪندڙ ڌريون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿينديون. اسانکي خبر آهي ته پنهنجي وسيلن جو ڪهڙي ريت تحفظ ۽ استعمال ڪيو وڃي. اهي وسيلا بلوچ قوم جو سرمايو آهن، ان ڪري بلوچ قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اهي وسيلا استعمال نٿا ڪري سگهجن.

ليڪن سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اهي معاهدا ڪرڻ يا د ڪرڻ وقت حقيقي معنيٰ ۾ بلوچ عوام کي ڪڏهن ۽ ڪيئن اعتماد ۾ ورتو ويو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو