Home / شوبز / وينا ملڪ جو قطرينا جي جُتيءَ ۾ پير
above article banner

وينا ملڪ جو قطرينا جي جُتيءَ ۾ پير

پهرين ئي ڏينهن کان اسڪينڊلز وسيلي شوبز ۾ جيئري رهندڙ وينا ملڪ جو تازو اسڪينڊل نه رڳو پاڪستاني شوبز، پر بالي ووڊ جو به سڀ کان وڏو اسڪينڊل سمجهيو پيو وڃي. هاڻ ته بالي ووڊ جون اداڪارائون به وينا ملڪ جي حرڪتن سبب ڪڪ اچي ويون آهن. اداڪاره قطرينا ڪيف پنهنجين ڪامياب فلمن وسيلي بالي ووڊ تي راڄ ڪري رهي آهي، پر اڄڪلهه سندس آئٽم سانگس به کيس تمام گهڻو ناڻو ۽ نالو ڪمائي ڏئي رهيا آهن. اداڪاره قطرينا ڪيف جو “شيلا ڪي جواني” کان پوءِ فلم اگني پٿ ۾ “چڪني چميلي” آئٽم سانگ شامل آهي، جيڪو فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تمام گهڻو مشهور ٿي چڪو آهي. وينا ملڪ جيڪا راتورات قطرينا ڪيف ۽ ڪرينا ڪپور وانگر شهرت جي بلندين تي پهچڻ چاهي ٿي، تنهن جي “چڪني چميلي”  ۾ پرفارم ڪرڻ جي حسرت ته پوري نه ٿي، پر هن هڪ نئين بالي ووڊ فلم جي آئٽم سانگ “چنو” لاءِ قطرينا ڪيف جي ڪاپي ڪندي ساڳي ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ ڪيو آهي، جيڪو قطرينا ڪيف “چڪني چميلي” ۾ استعمال ڪيو. جڏهن ته 3 فيبروري تي رليز ٿيندڙ ان فلم جي گاني جي ڊانس پڻ “چڪني چميلي” جهڙي ئي آهي. ان بابت جڏهن وينا ملڪ کان پڇيو ويو ته هن ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو ته “اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، گاني جا ٻول مختلف آهن، ڊانس اسٽيپس ساڳيا ناهن، ها باقي ان گاني ۾ منهنجي ڊريسنگ ۽ ميڪ  اپ قطرينا سان ملندڙ جلندڙ ضرور آهي.” شوبز جي ميڊيا ۾ اِن ڪيئن رهجي اهو هنر وينا ملڪ خوب ڄاڻي ٿي. وينا ملڪ قطرينا ڪيف جي ڪاپي ڪري سندس جُتي ۾ پير وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڏسجي ته کيس اهو نئون انگل ڦٻي ٿو يا نه؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو