Home / افيئر / يونيسڪو هيڊ ڪوارٽر تي فلسطيني جهنڊو ڦڙڪايو ويو
above article banner

يونيسڪو هيڊ ڪوارٽر تي فلسطيني جهنڊو ڦڙڪايو ويو

دنيا جي چئن کنڊن سان تعلق رکندڙ 200 کان کان وڌيڪ ملڪن فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪري ورتو آهي. جڏهن ته يهودين جي زير اثر آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ سميت ڪجهه ملڪ اڃا تائين فلسطين کي تسليم نه ڪرڻ جي پاليسي تي گامزن آهن. گذريل هفتي پيرس ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو جي هيڊ آفيس تي آزاد فلسطيني رياست جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. هن تاريخي موقعي تي هڪ علامتي تقريب منعقد ڪئي وئي. ساڳي طرح يونيسڪو فلسطين کي هڪ ميمبر رياست طور تسليم ڪرڻ وارو پهريون ادارو بڻجي ويو. فلسطيني حڪمرانن ظاهر ڪيو آهي ته ايئن ٿيڻ سان اسرائيل کي زميني حقيقتون تبديل ڪرڻ خصوصي طور تي قبضو ٿيل بيت المقدس ۽ مسجدِ اقصي کي نقصان پهچائڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته فلسطيني جهنڊي کي يونيڪسو هيڊ ڪوارٽر تي ڦڙڪندو ڏسڻ انتهائي خوشي جا پل آهن. اسان کي اميد آهي ته هن سال ٻين بين الاقوامي تنظيمن ۾ به فلسطين جي رڪنيت جي راهه هموار ٿيندي. واضح رهي ته گذريل آڪٽوبر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران مخالفت جي باوجود يونيسڪو فلسطين کي پنهنجو باقاعده ميمبر تسليم ڪري ورتو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو