Home / افيئر / پيٽ بُکايل ماڻهن جو جهان.
above article banner

پيٽ بُکايل ماڻهن جو جهان.

عالمي ادارن موجب، دُنيا جي آبادي هن وقت 6 ارب 80 ڪروڙ آهي، جن مان 925 ملين ماڻهن جي کاڌي جون ضرورتون پوريون ناهن ٿي سگهنديون ۽ بُکايل ماڻهن جو اهو انگ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپي يونين جي سڀني ملڪن جي آبادي کان به وڌيڪ آهي. اهڙا 98 سيڪڙو ماڻهو اسرندڙ ملڪن سان واسطو رکن ٿا. دُنيا جي بُکايل ماڻهن جو ٻه ڀاڱي ٽيون حصو ستن ملڪن بنگلاديش، چين، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ايٿوپيا، ڀارت، انڊونيشيا ۽ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو.

ايشيا ۽ پسيفڪ واري ريجن ۾ 578 ملين ماڻهو، سب سهارن آفريقا ۾ 239 ملين ماڻهو ، لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبيئن ۾ 53 ملين ملين اوڀر آفريقا ۽ اُتر آفريقا ۾ 37 ملين ۽ باقي اسرندڙ ملڪن ۾ 19 ملين ماڻهو بُک ۽  بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن. دُنيا جي اُنهن بُکايل ماڻهن ۾ 60 سيڪڙو عورتون آهن. اسرندڙ ملڪن ۾ 50 سيڪڙو ڳورهاريون عورتون اهڙيون آهن جن جي Maternal Care جون ضروتون پوريون نه ٿيون ٿين، جنهن ڪري هر سال لڳ ڀڳ ٽي لک عورتون ٻارن کي جنم ڏيڻ دوران فوت ٿي وينديون آهن. دُنيا ۾ ڄمندڙ هر ڇهن مان هڪڙي ٻار جو وزن معمول کان انتهائي گهٽ هوندو آهي ۽ سب سهارن آفريقا ۾ فوت ٿيندڙن مان ٽيون حصو اهڙن ٻارن جو آهي جيڪي بُک سبب فوت ٿي ويندا آهن. هر پنجن سيڪنڊن ۾ هڪ ٻار رڳو بُک سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.

دُنيا ۾ 35 ملين ماڻهو ايڊز جهڙي بيماري سان گڏ جيئرا آهن، ايڊز ۾ مبتلا نوجوانن مان 60 سيڪڙو عورتون آهن. ايڊز ۾ مبتلا سمورن ٻارن ۽ عورتن مان 90 سيڪڙو ٻار ۽ 60 سيڪڙو عورتون سب سهارن آفريقا سان واسطو رکن ٿيون. هر سال 11 ملين کان وڌيڪ ٻارڙا صحت جون ضرورتون پوريون نه ٿيڻ سبب مليريا، دستن ۽  نمونيا جي ڪري فوت ٿي ويندا آهن. اسرندڙ ملڪن ۾ 1.4 بلين ماڻهو اهڙا آهن جن جي روزاني جي آمدني سوا ڊالر يعني 110 رُپيا يا اُن کان به گهٽ آهي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هر چئن ماڻهن مان ٽن ماڻهن جي آمدني سوا ڊالر يعني 110 رُپين کان به گهٽ آهي ۽ دُنيا ۾ روزانو 22 هزار ٻارڙا غربت سبب موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. دُنيا جي غريب ترين ماڻهن جو 75 سيڪڙو يعني 1.4 بلين عورتون ٻارڙا ۽ مرد ٻهراڙي وارن علائقن سان واسطو رکن ٿا جيڪي زراعت ذريعي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. بُکايل ماڻهن جو 50 سيڪڙو صرف هارپو ئي ڪندو آهي.

اهڙي ريت دُنيا جا 1.7 بلين ماڻهو صاف پاڻيءَ کان به محروم آهن ۽ هر سال 2.3 بلين ماڻهو پاڻي سبب ٿيندڙ بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن.

گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري کاتي جي رپورٽ موجب، “ بُک جي خلاف عالمي ڪوششن جي باوجود اڄ به دُنيا جي گولي تي 925 ملين ماڻهو بُک جي ننڊ سمهندا آهن،” اُن جو ڪارڻ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ اوچتو واڌ يا واري معاشي بحران نه پر جنگيون ۽ خاص طور تي آمريڪا جي توسيع پسنداڻي جنگ به آهي، ڇو ته اڄ آمريڪي ماڻهن جو جيڪو پئسو جنگ تي خرچ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن جنگ نه هجي ها ته اهو پئسو انساني ڀلائي تي خرچ اچي ها.

2005ع ۾ دُنيا جي هن گولي تي اسرندڙ ملڪن ۾ بُک جي ننڊ سمهندڙ ماڻهن جو انگ 1.4 بلين هُيو جن جي روزاني آمدني سوا ڊالر يعني 110 رُپين کان به گهٽ هئي، جڏهن ته 1981ع ۾ اهڙن ماڻهن جو تعداد 1.9 بلين هو.

بُک تي سمهندڙ اهڙن ماڻهن جي انگ ۾ ڊرامائي تبديلي آئي آهي ۽ مشرقي ايشيا ۽ هندستان ۾ ۽ سب سهارن آفريقا ۾ آبادي ۾ واڌاري جي ڪري بُک تي سمهندڙ ماڻهن جي انگ ۾ واڌارو آيو آهي ۽ انگن اکرن موجن هن وقت سب سهارن آفريقا  جي آباديءَ جو 51 سيڪڙو اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي جن جي روزاني جي آمدني سوا ڊالر کان به گهٽ آهي ۽ جيڪي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. 1981ع جي انگن اکرن موجب اهڙن ماڻهن جي انگ ۾ رڳو 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ 1981ع ۾ سب سهارن آفريقا ۾ 53 سيڪڙو ماڻهن جي روزانو آمدني سوا ڊالر کان به گهٽ هوندي هئي. 1981ع ۾ 200 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاري رهيا هئا پر هاڻي اُنهن جي انگ ۾ ٻيڻ تي واڌ آئي آهي ۽ اهڙن ماڻهن جو انگ 400  ملين ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب دنيا جي آباديءَ جو 75 سيڪڙو اڃا به ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهي ٿو ۽ زراعت ذريعي پنهنجي معمول جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو.

اسرندڙ ملڪن جي 80 سيڪڙو ماڻهن جي آمدني کاڌي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خرچ ٿئي ٿي، غربت سبب هر سال اسرندڙ ملڪن ۾ بُک سبب 2 ڪروڙ ڪمزور مائرون غير صحتمند ٻارڙن کي جنم ڏينديون آهن، جيڪي جنم وٺڻ کانپوءِ ڪجهه ورهين جي اندر ئي ڊائريا، ساهه جي تڪليف، مليريا ۽ ليپروسي جهڙين بيمارين ۾ وٺجي موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن.

2005ع ۾ هڪ ڪروڙ 10 هزار ٻارڙا بُک وگهي پنهنجي پنجون جنم ڏڻ گذارڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويا هئا، فوت ٿيل اُنهن هڪ ڪروڙ 10 هزار ٻارن جي ٽئين حصي جو تعلق آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا سان هو. 2008ع ۾ دنيا جي گولي تي 90 لک ٻارڙا پنهنجي پنجين سالگره کان ڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا، جن مان 30 لک ٻارڙا سڌي يا اڻ سڌي ريت بُک يا خوراڪ جو ضرورتون پوريون نه ٿيڻ سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا هئا.

دنيا جي هن گولي تي 5 سالن کان گهٽ عمر وارا 178 ملين ٻارڙا آهن جن جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون نه ٿيڻ سبب اُنهن جي بهتر نموني واڌ ويجهه نه ٿيندي آهي ۽ اُهي پنهنجي عمر کان گهٽ لڳندا آهن. 178 ملين اهڙن ٻارڙن مان 90 سيڪڙو ٻارڙا رڳو 36 ملڪن سان واسطو رکن ٿا. جن مان اڪثر ٻارن جو تعلق سب سهارن آفريقا ۽ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا سان آهي.

دنيا جي ٽن امير ترين ماڻهن جا اثاثا ٽين دنيا جي سڀني اسرندڙ ملڪن جي ٽوٽل جي اين پي کان وڌيڪ آهن. دنيا جي بکايل ماڻهن جو اڌ تعداد ننڍي کنڊ سان واسطو رکي ٿي، دنيا جي 40 سيڪڙو بُک تي سمهندڙ ماڻهن جو تعلق آفريقا ۽ ايشيا ۽ 60 سيڪڙو ماڻهن جو تعلق لاطيني آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان آهي.

دنيا جي سمورن ملڪن جي فوج جي ٻن ڏينهن جو خرچ روڪيو وڃي ته اُن رقم مان 100 ملين ٻارن جي هڪ سال جي بُک ختم ٿي سگهي ٿي. جنگين ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ميزائيل جي قيمت ايتري آهي جو اُن جي رقم مان ٽين دُنيا جي ڪنهن چڱي موچاري اسڪول جي ٻارن کي پنجن سالن تائين آساني سان منجهند جي ماني مهيا ڪري سگهجي ٿي.

ڪجهه سال اڳ اٽلي جي تاريخي شهر روم ۾ هڪ وڏي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اداري فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل جيڪ ڊيون جو چوڻ هو ته دنيا جي آبادي 2050ع تائين 6 ارب کان وڌي 9 ارب ٿي ويندي ۽ دنيا ۾ هن وقت 86 ڪروڙ 20 لک ماڻهو اهڙا آهن جيڪي کاڌي کان به محروم آهن.

گڏيل قومن جو اهو به چوڻ هو ته کاڌي جي شين جي اگهن ۾ واڌ دنيا جي سڀني مارڪيٽن کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ هاڻي اڳي کان وڌيڪ ماڻهو بک وگهي مرڻ جو خطرو آهي.

آمريڪا جي اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي استاد پيٽر روزيٽ پنهنجي هڪ ڪتاب “World Hunger-twelve Myths“ ۾ لکيو آهي ته، “دُنيا جا سماج سُڌارڪ توڙي عالمي ادارا بُک جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي زرعي پيداوار وڌائڻ تي اتساهڻ جون ڪوششون ڪندا آهن ته اُن سان سندن کاڌي جون ضرورتون پوريون ٿي وينديون پر اها هڪ ديو مالائي ڳالهه آهي ڇو ته اصل ڳالهه مارڪيٽ جي آهي جيڪر اُنهن کي مارڪيٽ ۾ اُنهن شين جا صحيح اگهه ئي نه ملندا ته اُنهن جي خريداري جي قوت گهٽ ئي رهندي. آزاد واپار کي غربت گهٽائڻ لاءِ هٿي ڏيڻ واري پاليسي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. توڙي جو ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن جي روانگي واپار ۾ واڌ آئي آهي پر اُتي غربت اڃا جو جيئن جو تيئن آهي.”

پيٽر روزيٽ پنهنجي ڪتاب ۾ سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته  “دُنيا ۾ کاڌو گهڻي مقدار ۾ موجود آهي. آبادي ۾ واڌ، قدرتي آفتون اُن جو سبب ناهن، نه ئي وري امدادن ذريعي ئي بُک کي گهٽائي سگهجي ٿو. ”

هُو پنهنجي ڪتاب جو تت اهو ڪڍي ٿو ته، “بُک اسان انسانن جي غلط فيصلن جي ڪري آهي ۽ اُن کي منفرد فيصلا ڪرڻ سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو.”

mansooree@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو