Home / افيئر / پڙهيل لکيل سنڌ ڪٿي آهي
above article banner

پڙهيل لکيل سنڌ ڪٿي آهي

“تعليم سماجي ترقي لاءِ ريل جي انجڻ واري اهميت رکي ٿي. آمريڪين وٽ ٻه رستا آهن، پنهنجي اسڪولن کي سگهارو ڪن يا پنهنجي زندگي جي معيار جي تباهي قبول ڪن.” اِهي لفظ فريد ذڪريا “ٽائم” مئگزين جي تازي شماري ۾ پنهنجي مضمون “ڇو آمريڪا نه ٿو سِکي”؟ ۾ لکيا آهن. تعليم ڪيتري نه اهم آهي جو آمريڪا جهڙي ترقي ڪيل ملڪ ۾ به جيڪڏهن اِها ڪمزور ٿي آهي ته اُن کي ڪيئن نه محسوس ويو ڪيو آهي. فريد ذڪريا هاءِ اسڪول تعليم کي ڪافي اهميت ڏيندي لکيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ آمريڪا ۾ هاءِ اسڪول تعليم ڏاڍي معياري هوندي هئي “اسٽيو جابز” جيڪو ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي وي جو وڏو نالو بڻيو اُن جي هاءِ اسڪول تعليم اعليٰ پائي جي هئي۽ هُن اها تعليم هوم اسٽيڊ هاءِ اسڪول اِن ڪيوپرٽينو ڪيلف ۾ ورتي جيڪو اعليٰ درجي جو اسڪول هُيو جنهن اُن کي ٽيڪنالاجي ۽ آرٽ ۾ بُنياد مهيا ڪيو ۽ ساڳيو ئي اسٽيو ووزنيڪ سان ٿيو. 1972 ۾ جابس گريجوئيشن ڪئي. ڪيليفورنيا جا پبلڪ اسڪول دُنيا ۾ عِلم جا مرڪز هُئا. اهي آمريڪا جا انتهائي معياري اسڪول هُئا. ذڪريا لکي ٿو ته اڄڪلهه ڪيليفورنيا جا پبلڪ اسڪول تباهي جي تصوير آهن. اُهي مُلڪ ۾ سڀ کان تري ۾ آهن جيئن آمريڪا تعليم جي ميدان ۾ ترقي يافته مُلڪن ۾ سڀ کان هيٺ آهي. اداري “ورلڊ اڪانامڪ فورم” آمريڪا جي تعليمي سرشتي کي 26 نمبر تي رکيو آهي جيڪو جرمني، فنلينڊ، نيڌرلينڊ، ڊينمارڪ، ڪئناڊا ۽ سنگاپور کان هيٺ آهي، سائنس ۽ رياضي ۾ اڃا به هيٺ آهي “تعليم سماجي ترقي لاءِ ڏاڪڻ جو ڪم ڪري ٿي” فريڊ لکي ٿو. هاڻي جيڪڏهن اسان پنهنجي تعليمي سرشتي تي نظر وجهون ٿا ته افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اسين ڪنهن به ڳاڻيٽي ۾ نه آهيون اسان جا هزارين اسڪول بند پيا آهن يا وري وڏيرن جون اوطاقون آهن، استاد شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ تيار ڪونهن، شاگرد تنظيمون هر وقت امتحانن جا بائڪاٽ ڪرائي ٻڏل تعليمي سرشتي جي ويتر ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. منهنجو مائٽ نوابشاهه جي سرڪاري ڪاليج ۾ پڙهندو آهي اُهو ٻڌائي ٿو ته اُستاد ڪاليج اچن ئي ڪو نه تنهن ڪري هُو ڪاليج ويندو ئي ناهي ۽ اُهي ئي استاد شام جو ٽيوشن پڙهائيندا آهن، جيئن ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال بجاءِ پنهنجي خانگي ڪلينڪ تي ويٺو هوندو آهي.

اڄڪلهه چٽا ڀيٽي جو زمانو آهي، ڪنهن به چڱي اداري ۾ داخلا وٺڻ لاءِ انٽري ٽيسٽ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو. اها ٽيسٽ اهوئي پاس ڪندو جيڪو لائق هوندو. اسين هميشھ سنڌي قوم ۽ سنڌ سان ڏاڍائي جو ذڪر ڪندا آهيون پر ڏسجي ته قومون به ترقي تعليم سان ڪنديون آهن. جيڪڏهن سنڌي نه پڙهندا ته مقابلي جي امتحان ۾ ڪامياب نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن ايئن نه ٿيندو ته هو وڏين آسامين تي نه هوندا ۽ جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي خدمت ڪيئن ڪري سگهندا. اهو سڀ ڪجهه هڪٻئي سان جُڙيل آهي. مون ذاتي طور اهو مشاهدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم جا ماڻهو پڙهي ڪڙهي وڏي مرتبي تي پهچن ٿا ته پوءِ پنهنجي ئي قوم جو مان مٿانهون به ڪن ٿا ۽ ان جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو فقط نعري بازي سان ڪم نه هلندو. سنڌ يونيورسٽي آئي ڏينهن بند پئي آهي. اهي شاگرد ڪيئن ڀلا صوبي ۽ ملڪ جي ڪنهن ٻي يونيورسٽي جي شاگرد سان مقابلو ڪندا. اسان جون سڄاڻ ڌريون، قومپرست، ليکڪ ۽ ڏاها ڪٿي آهن ڇو نه ٿا ان خلاف آواز اٿارين ۽ تنظيمن کي ان تي آماده ڪن ته هو پنهنجي تنظيمن مان تعليم دشمن عنصر کي ڪڍي ٻاهر ڪن. هر تنظيم کي اهو عمل ڪرڻ گهرجي ته ان جو ميمبر پڙهائي ۾ به اوترو ئي سگهارو هوندو جيترو تنظيمي ڪم ۾ تڏهن هو مٿي اچي سگهندو ۽ ڪا تنظيمي ذميواري حاصل ڪري سگهندو ڇاڪاڻ ته جڏهن اڳواڻ پڙهيل ڪڙهيل ڪونهن هوندا ته پوءِ اهي پڙهيل ڪڙهيل طبقي کي اڳتي اچڻ ڪو نه ڏيندا آهن ۽ انهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي پڙهن ٿا انهن کي ان کان روڪجي. ڪنهن قوم جي ترقي لاءِ تعليم جو هجڻ سڀ کان اهم آهي. ڪاپي ڪلچر، ڪاپيون ٻاهر ڪڍرائي بي ايماني ڪرڻ، بورڊ ۾ مارڪون وڌرائڻ واري ڪلچر اسان جي قوم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي ۽ اهي ئي وري اڳتي هلي استاد، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي سڄي نظام جو ستيا ناس ڪريو ڇڏين.

اڄڪلهه جي زماني ۾ سياستدان به اهو ڪامياب ويندو جيڪو پڙهيل ڪڙهيل هوندو جاهل سياستدان به پنهنجي موت پاڻ مري ويندو. جنهن کي سياست ۾ وڃڻو آهي ان کي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ماسٽرس ۽ PhD ڪرڻي پوندي ته جيئن هو ڏنل ذميواري کي پورو ڪري سگهي نه ته ڪامورا وزيرن کي آساني سان بيوقوف بڻائين ٿا، ڇاڪاڻ ته جنهن کاتي ۾ هو وزير، مُشير آهن ان مضمون جي انهن کي ڪا ڄاڻ ئي ڪونهي. اسان کي سرڪاري ۽ نجي ٻنهي شعبن ۾ تعليم کي ترقي وٺرائڻي پوندي. مان جرمني ۾ هڪ بيهوشي جي ماهر ڊاڪٽر کان اتان جي تعليم جي باري ۾ پڇيو، چيائين ته هتي سرڪاري ۽ نجي ٻئي اسڪول آهن ٻنهي ۾ پڙهائي هڪ جهڙي آهي جن وٽ ٿورو پئسو وڌيڪ آهي. اهي پنهنجي ٻارن کي نجي اسڪول ۾ پڙهائيندا آهن. ان جو خيال هيو ته ٻنهي ۾ هڪ چٽا ڀيٽي جو ماحول آهي. اسان وٽ ايئن ڇو نه ٿو ٿئي. ان سرڪاري اسڪول جي عملي ۽ اُستادن کي اضافي ڏوڪڙ ڏيڻ گهرجن جنهن جي ڪارڪردگي سُٺي آهي. ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻو پوندو ۽ تعليم جي اهميت کان واقف ڪرڻو پوندو. سياسي تنظيمن کي به ان ڏس ۾ ڪوشش وٺڻي پوندي پنهنجي ڪارڪنن کي سختي سان پڙهڻ لاءِ پابند ڪرڻو پوندو. اسين انگريزي ٻولي به پنهنجي ضرورت ڪري سکندا آهيون. اسان جو انگريزي ۾ ڪم آهي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي پنهنجي قيمت تعليم پرائي وڌائڻي پوندي. اسان جي ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هيلتائين تعليم اسان جي اوليتن ۾ شامل ناهي رهي پندرهن سان اڳ تعليم تي GDP جو 2.6% خرچ ڪرڻ جو طئي ٿيو پر اها ويتر گهٽجي 1.8% تي وڃي بيٺي. 2005 ۾ 54% سيڪڙو ماڻهو پڙهيل هئا جنهن مان 63% مرد ۽ 36% عورتون هيون. هونئن ته پڙهيل هجڻ جو مطلب آهي ٻولي کي چڱي طرح پڙهڻ، لکڻ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ. اسان وٽ پڙهيل هجڻ جو مطلب آهي 15 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهو ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت. هونئن ته هر سال اهو انگ وڌي پيو پر ان کي سو سيڪڙو هجڻ کپندو هيو جنهن ٽارگيٽ کان اسان اڃا گهڻو پري آهيون.

07-2006 ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ 55 سيڪڙو هو ۽ 10-2009 ۾ اهو 58% سيڪڙو تي پهتو اها رفتار ڪافي سست آهي جنهن ۾ مردن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ جيڪڏهن شهرن ۽ ڳوٺن جو تناسب ڏسبو ته ڳوٺن ۾ تعليم جو انگ گهڻو گهٽ آهي. شهرن ۾ 09-2008 ۾ 74% ماڻهو پڙهيل هئا ۽ ڳوٺن ۾ اهو انگ فقط 48% هيو. ها هڪڙي شيءِ ضرور آهي ته ڳو‎ٺن ۾ 02-2001 کان 09-2008تائين پڙهيل ماڻهن جي انگ ۾ واڌ 12% سيڪڙو هئي ۽ شهرن ۾ اها 10% رهي. پاڪستان ۾ عورتن جي شرح خواندگي 2010 ۾ 41% هئي ۽ جيڪڏهن ان کي شهرن ۽ ڳوٺن جي تناظر ۾ ڏسجي ته شهرن ۾ عورتن جي پڙهيل هجڻ جو انگ 67% هيو ۽ ڳوٺن ۾ اهو فقط 33 سيڪڙو هيو. اهو فرق تمام گهڻو ۽ ڏکوئيندڙ آهي مُلڪ جي ڪجهه حصن ۾ عورتن جي تعليم فقط 5 سيڪڙو آهي. 1998ع ۾ سرڪار سنڌ ۾ پرائمري تعليم ۾ داخلا جو انگ 82.53% سيڪڙو ، مڊل ۾ 52.33% سيڪڙو ميٽرڪ ۾ 34.45% انٽر ۾ 17.78% بي اي، بي ايس سي 9.59% ظاهر ڪيو. اسان جي ملڪ ۾ هر صوبي ۽ وري هر صوبي جي هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ترقي يڪسان ڪونهي ٿي تنهن ڪري شهر شهر ۽ صوبي ۾ وڏو فرق نظر ايندو. تعليم جي ميدان ۾ به اهو آهي. اسلام آباد ۾ تعليم يافته هجڻ جو انگ 87% آهي ته اهو ڪوهلو ۾ فقط 20% آهي. فرق تمام گهڻو آهي ان کي مِٽائڻ جي ضرورت آهي. قبائلي علائقن ۾ عورتن ۾ تعليم جو انگ 7.5% آهي. انگريزي اسان جي ملڪ ۾ 18 ملين ماڻهو (يعني آبادي جو 11%) ڳالهائن ٿا. اسان دنيا ۾ 9 نمبر تي ايشيا ۾ 3 نمبر تي انگريزي ڳالهائيندڙ ملڪ آهيون. اسين هر سال 4،4500 (چار لک پنجيتاليهه هزار) يونيورسٽي شاگرد ۽ 10000 (ڏهه هزار) ڪمپيوٽر سائنس جا شاگرد پيدا ڪيون ٿا تنهن هوندي به اسان جو ملڪ دنيا ۾ گهٽ تعليم يافته مُلڪن ۾ شامل آهي. اسان جي ملڪ ۾ فقط 63% سيڪڙو ٻار پرائمري تعليم حاصل ڪن ٿا. 2009 ۾ پاڪستان ۾ پرائمري اسڪول ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد 66% سيڪڙو هيو جيڪو دنيا جي سراسري 90 سيڪڙو پرائمري تعليم واري حد کان گهڻو گهٽ آهي. پاڪستان جي اها ڪمزور حيثيت ان ڪري ٿي آهي جو اسين پنهنجي GDP جو فقط 2.2% تعليم تي خرچ ڪيون ٿا، اسين 85-1984 ۾ 2 سيڪڙو خرچ ڪندا هئاسون، اهو انتهائي گهٽ آهي. ٻيو مسئلو اهو آهي ته تعليمي بجيٽ جي گهڻائي اعليٰ تعليم جي مد ۾ خرچ ٿيو وڃي ۽ ان جو فائدو مٿئين طبقي کي ٿو پهچي. غريب ان مان فائدو ڪو نه ٿا وٺي سگهن. پرائمري تعليم ان ڪري گهڻي نقصان ۾ آهي ۽ ان ڪري ئي پاڪستان دنيا جي گهٽ تعليم يافته ملڪن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ايتري تائين جو ساڳي ئي معاشي جوڙجڪ رکڻ وارن ملڪن ۾ به اسان جو ڳاڻيٽو ڪافي هيٺين سطح تي آهي. 2007 ۾ 6.3% يونيورسٽي پاس هئا جنهن ۾ 8.9% مرد ۽ 3.5% عورتون هيون. ها ايئن ضرور آهي ته هر 10 سالن جي عُمر وارن ماڻهن جي اهو 6% هيو ۽  34-25 سالن واري عُمر جي ماڻهو ۾ اهو 16% سيڪڙو ٿيو آهي. اسان تعليم تي خرچ وڌائڻ بجاءِ گهٽايو آهي. 88-1987 ۾ اهو GDP جو 2.8% هيو جيڪو هاڻ فقط 2% سيڪڙو آهي. جيڪڏهن تعليمي انگن اکرن کي صوبن جي حوالي سان ڏسجي ته 2009 ۾ تعليمي انگ پنجاب ۾ 59%، سنڌ ۾ 59%، پختونخواه ۾ 50% ۽ بلوچستان ۾ 45% هيو. جيڪڏهن عُمر جي حساب سان ڏسجي ته 10 سالن ۽ ان کان وڏي عُمر جي ماڻهن جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اسڪول ۾ داخلا ورتي هجي، جو انگ هن ريت آهي، اسلام آباد 85%، پنڊي 77%، ڪراچي 78%، ايبٽ آباد 67%، ڪوئيٽا 64%، مظفر ڳڙهه 40%، جيڪب آباد 34%، اپر دير 34% ۽ جهل مگسي 20% عورتن جو نه پڙهڻ ۽ گهٽ تعليم انساني ترقي ۾ رُڪاوٽ جو وڏو سبب آهي ۽ پاڪستان 177 ملڪن مان هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس (HDI) تي 142 نمبر تي آهي. بلوچستان جو حال به ڪو چڱو ڪونهي. ٻه لک سورنهن هزار چار سو نوي تعليمي ادارن مان 106،435 پنجاب، 46،862 سنڌ، 36،029 پختونخواه ۽ بلوچستان ۾ فقط 10،381 ادارا آهن، ٻين لفظن ۾ کڻي اهو چئجي ته 48 سيڪڙو ادارا پنجاب، 22 سيڪڙو سنڌ، 17 سيڪڙو پختونخواه ۽ 5 سيڪڙو بلوچستان ۾ آهن. نيشنل اڪانامڪس سروي مطابق بلوچستان ۾ تعليم جي شرح 34 سيڪڙو آهي. CIET انٽرنيشنل جي سروي مطابق ٻارن جي اسڪول اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ جا ڪيترائي سبب آهن، ان ۾ سڀ کان وڏو سبب استاد جي عدم دلچسپي يا نوڪري مان ناخوش هجڻ ۽ مائٽن جو استاد مان ناخوش هُجڻ شامل آهن. ٻين سببن ۾ ٻارن کي مفت ڪتاب نه ملڻ، ٻارن کي گهر ۾ هوم ورڪ ڪرڻ ۾ مدد نه ملڻ، اسڪول ۾ ٽوائلٽ جو نه هجڻ يا وري ڇوڪرين لاءِ الڳ ٽوائلٽ نه هجڻ شامل آهن. ان سروي مطابق ڳو‎ٺن جي چئن اسڪولن مان فقط هڪ ۾ ٽوائلٽ ڏٺو ويو ۽ جن اسڪولن ۾ ٽوائلٽ هئا ان ۾ هڪ ٽوائلٽ استعمال جوڳو هيو. چاڪ جنهن سان بورڊ تي لکبو آهي اُهو 70 سيڪڙو اسڪولن ۾ ڏٺو ويو. هڪ ٻيو سبب جيڪو به اهم آهي ۽ استادن ۽ مائٽ جي پاڻ ۾ ميل ميلاپ تي ٻڌل آهي اهو به ٻارن جي اسڪول اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ جو سبب بڻجي ٿو. ڪراچي جي وڏن نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن مائٽن گڏجاڻيون وقتن فوقتن ٿينديون رهن ٿيون. منهنجي ذاتي راءِ ۾ اهو ڏاڍو اهم آهي ايئن ڪرڻ سان ٻارن جي پڙهائي تي بهتر اثر پون ٿا. استادن ۽ مائٽن جي هڪ ٻئي سان ملڻ ڪري شاگرد جي بهتري ٿئي ٿي. CIET اها سروي 1995 ۾ ڪئي، ڏسجي ته 1995 کان هيستائين حالتن ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي آيو، تنهن ڪري اها رپورٽ اڃا به اهميت جوڳي جاءِ والاري ٿي. سرڪاري اسڪولن ۾ استادن مائٽن ۽ سرڪار سڀني کي گڏجي جاکوڙ ڪرڻي پوندي. مٿين سروي ۾ اهو به لکيل آهي ته سنڌ سرڪار مفت ڪتاب مهيا ڪرڻ تي پئسا ته خرچ ڪري ٿي پر اُهي شاگردن تائين پهچن ئي ڪو نه ٿا يا کڻي ايئن چئجي ته صحيح جڳهه تي ڪو نه ٿا پهچن. ان سروي ۾ هر اسڪول ۾ ماسترياڻيون رکڻ تي به زور ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ تعليم متعلق ڪجهه ڏينهن اڳ BBC تي هڪ پروگرام نشر ٿيو جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند پيا آهن، ڪجهه اسڪول مينهن ۽ ڳئون جا واڙا آهن، جيڪڏهن ڪو اسڪول هجي به ٿو ته استاد فقط 2 ڪلاڪن لاءِ پڙهائي ٿو. تعليم جو اهڙو برو حال اهو به عوامي راڄ ۾، ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ جي ڳالهه آهي. ڳوٺن ۾ هڪ ئي ماڻهو استاد به آهي ته ڊاڪٽر به ۽ وري دُڪاندار يا وڏيرو به آهي. اهو هر جڳهه تان ٿو ڪمائي ۽ انصاف ڪنهن سان به ڪو نه ٿي ڪري.

اسان جي ماڻهن کي اخلاقي تعليم ڏيڻ جي به سخت ضرورت آهي انهن کي اهو مٿي ۾ وجهڻ جي به ضرورت آهي ته جيڪو ڪم هو ڪن پيا اهو ڪڏهن به چڱو ڪونهي. فرد ڏنگا ته پوري دنيا ۾ هوندا آهن اسان وٽ پوري سوسائٽي ڏنگي آهي هر ڪو ڦرلٽ ۾ رڌل آهي وس پهچي ٿو ته سڀ ڪجهه ڳڙڪايو ڇڏي. هڙتال واري ڏينهن يا جيڪڏهن اوهان سان مريض گڏ آهي ته رڪشا، ٽئڪسي وارو پئسا ٽيڻا ٻڌائيندو، عيد تي دُڪاندار شيون مهانگيون ڪري ڇڏيندا، فقط خبر پوي ته سامهون وارو مجبور آهي. سڄي دنيا ۾ ڪرسمس تي “سيل” لڳندي آهي ۽ ماڻهو سڄو سال ان مهيني جو انتظار ڪندا آهن اسان وٽ انهن ڏينهن ۾ لُٽ مار مچائي ويندي آهي. ٽريفڪ جا قانون ٽوڙڻ کان وٺي، ٽيڪس چوري تائين هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. تنهن ڏينهن حسن نثار هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته اهو ريڙهي وارو به ڪرپٽ آهي جيڪو فٽ پاٿ تي قبضو ڪيو ويٺو آهي ڇاڪاڻ ته فٽ پاٿ تي پانڌيئڙن جو حق آهي اِها ڳالهه ان جي دُرست آهي. اسان وٽ هر ڪو ٻئي کي دُرست ڪرڻ جا پاٺ ڏئي ٿو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جو هو سوچي به ڪو نه ٿو. استاد اوائلي زماني ۾ پيءَ سمان سمجهيان ويندا هئا اڄلڪهه اهو رشتو، اُها تند ٽٽي پئي آهي ان ۾ قصور اُستاد جو به آهي ڇاڪاڻ جو هاڻ ان شاگرد کي پنهنجي اولاد جهڙو سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هو اسڪول کان پاڄوڪڙ نه بڻجي ها ۽ ايمانداري سان شاگردن کي پڙهائي ها. اسڪولن ۾ اخلاقيات به ڪورس ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ۽ ننڍي عُمر کان ئي ٻارن کي انسانيت سيکارڻ جو ڪم شروع ڪجي سنڌ جي معاشي ترقي به تعليم سان ئي واڳيل آهي. سرڪار کي في الحال تعليم تي بجيٽ گهٽ ۾ گهٽ GDP جو 5% سيڪڙو ڪرڻ گهرجي. حد ته اها آهي جو 2007 ۾ 5 کان 14 ورهيه جا هڪ ڪروڙ ڏهه لک ٻار اسڪول کان ٻاهر هئا. اچو ته ان کي انتهائي اهم ڪم سمجهي گڏجي جاکوڙيون ۽ ان ۾ ئي اسان جو جياپو آهي.

chhabriam@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو