Home / افيئر / پ پ قيادت بينظير جا قاتل ڪڏهن پڌرا ڪندي
above article banner

پ پ قيادت بينظير جا قاتل ڪڏهن پڌرا ڪندي

محترمه بينظير ڀٽو جي چوٿين ورسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ 27 ڊسمبر تي تمام گهڻن حفاظتي انتظامن ۾ ٿي گذري، پر اها پنهنجي پٺيان انيڪ سوال ڇڏي وئي آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته آخر اُهي ڪهڙا سبب آهن جو پ پ پ هن دفعي به محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن جي باري ۾ قوم کي آگاهه نه ڪري سگهي آهي، ڀلا سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ کي ڪهڙي پئي جو، اهو بيان ڏنو ته، پ پ پ جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس هن ڀيري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو يا نئين ديري ۾ نه ٿيندو، جڏهن ته ضلعي لاڙڪاڻي جي پ پ پ جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو چيو ته اهو اجلاس 28 ڊسمبر تي ٿيندو ۽ وري مٿان صدارتي هائوس جي ترجمان پريس جي ڪجهه نمائندن کي رابطو ڪرڻ تي چيو ته CEC جو اجلاس نه ٿيندو، اهڙي قسم جا بيان جيڪي هجڻ ته ايئن گهرجي ته پ پ پ جي اطلاعات کاتي طرفان اچڻ گهربا هئا، پر آيا وري اهڙي طرف کان جن جو اهڙين شين سا واسطو نه آهي، ان سان ان ڳالهه طرف به هڪ واضح اشارو ٿئي ٿو ته پ پ پ جيتوڻيڪ هڪ وڏي پارٽي آهي، پر ان ۾ ڪٿي نه ڪٿي بي ترتيبي آهي، جنهن ڪري اهڙا بيان اچن ٿا، ڀلا بيان به ڇو نه اچن، تڏهن جڏهن وفاقي وزير اطلاعات ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ وفاقي وزارت جي اجلاس ۾ وزير اعظم کي پنهنجي استعيفا پيش ڪندي چيو هو ته سندس کاتي ۾ ٻاهرين مداخلت ٿي رهي آهي ۽ اهو کاتو ٻين ماڻهن طرفان هلائڻ جون ڪوششون ڪيون ٿيون وڃن، جڏهن اهڙو حال مرڪز ۾ آهي ته پوءِ صوبي ۾ ڇا ٿيندو هوندو؟ اهڙن بيانن سان الائي ڪيترا سارا انومان جنم وٺن ٿا ۽ ٻيو ته ماڻهن جي (خاص طور تي لاڙڪاڻي وارن جي) يادگيري هروڀرو به ايتري ڪمزور نه آهي، جو کين اها ڳالهه وسري وڃي ته ڪجهه وقت اڳ 4 اپريل تي ٿيندڙ CEC جو مک اسم ئي اهو هيو ته ان ۾ بينظير ڀٽو جي قاتلن بابت وفاقي وزير رحمان ملڪ ٻڌائيندو، پر ٿيو ڇا؟ ميڊيا جنهن کي هميشه وانگر هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي صدارتي هائوس کان پري بيهاريو ويندو آهي، ان کي بريفنگ ۾ اهو ٻڌايو ويو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي غير موجودگي ڪري في الحال ان کي ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ CEC جي اجلاس ۾ اهڙي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، ان کان پوءِ جيتوڻيڪ پارٽيءَ اندر ۽ ٻاهر اهو سوال عام طور تي پڇيو ۽ ڊسڪس ڪيو وڃي ٿو، پر سرڪار کي اڃا تائين شايد اهڙو موقعو هٿ نه لڳو آهي، جو عوام کي بينظير جي قاتلن بابت ٻڌائي.

وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني جيڪو اڄڪلهه  صدر جا بار به کڻي ٿو ۽ ان تي ٿيندڙ تنقيد جا تير به پنهنجي سيني تي کائي ٿو، ان 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي مزار تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته جاچ تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ جلد ئي وفاقي وزير داخلا جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪئي وئي ته CEC جي اجلاس ۾ ڪجهه اهم نقطن بابت ٻڌائيندو ۽ ساڳئي وقت اها ڳالهه به چئي ته معاملو ڪورٽ ۾ آهي، ان ڪري اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ جاچ پڌري ڪئي ويندي. اهڙن بيانن جو هڪ ٻئي پويان اچڻ سان هڪ ته عوام مونجهارن جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ٻيو پ پ پ مخالف پارٽين کي اهو هٿ وٺي موقعو ڏنو ٿو وڃي ته اهي پ پ پ تي کلي تنقيد ڪن جنهن ۾ نواز شريف جو 10 ڊسمبر جو لاڙڪاڻي وارو جلسو ۽ وري 28 ڊسمبر تي پشاور ۾ خطاب، ٻنهي جڳهن تي ميان صاحب ان ڳالهه کي کنيو ته هو جيڪڏهن حڪومت ۾ ايندو ته بي بي جا قاتل وائکا ڪندو ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائيندو.

هڪ طرف عوامي دٻاءُ ۽ ٻي طرف حڪومت طرفان جاچ معاملي ۾ جيئن پوءِ تيئن دير ان جي ئي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو عوام جو اعتماد پ پ پ ۾ ڪمزور ٿيندو نه وڃي ۽ پوءِ هن جا مخالف اهڙي صورتحال جو کليل فائدو حاصل ڪندا؟

مٿان وري صدر پاڪستان ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ پاران 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي ۾ خطاب دوران اهو انڪشاف ته هن يو اين ڪميشن (UN Commission) جي رپورٽ کي ان ڪري رد ڪيو هيو ته ان ۾ آمريڪا جي ان وقت جي وزير خارجه ڪونڊو ليزا رائيس ان ڪميشن آڏو بيان رڪارڊ نه ڪرايو هيو ۽ هن هاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو لکيو آهي ان ڪافي سولايون ڪري ڇڏيون آهن، صدر صاحب جو چوڻ  ته هو هاڻ واشنگٽن پوسٽ ۾ آرٽيڪل لکي ڪونڊو ليزا رائيس کي جواب ڏيندو ۽ ان کان پڇندو ته هوءَ ان ڪميشن آڏو ڇو نه آئي هئي؟

ڳالهه ته ڦري گهري ان تي اچي ٿي کُٽي ته آخر اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جيڪي پ پ پ جي موجوده قيادت کي روڪي رهيا آهن ته بينظير ڀٽو جا قاتل ظاهر نه ڪيو.

صدر پاڪستان ، جنهن اهو چيو ته ڪاش ڪورٽون هن جي ماتحت هجن ها، ڳڙهيءَ ۾ هن معاملي کي شايد اڃا به گنجرائي ڇڏيو جڏهن هن چيو ته ماڻهو مون کان پڇن ٿا بينظير ڀٽو جي ڪيس جي باري ۾ ۽ هو چيف جسٽس پاڪستان کان اهو ٿو پڇي ته هن ڪيس جو ڇا ٿيو؟

سندس اهو چوڻ ته اسان جي خلاف ته ڪيس اوهان کي جلدي نظر ٿا اچن ۽ اسان طرفان داخل ڪيل تاريخ جو ڪيس (ذوالفقار علي ڀٽي جو ) اوهان کي نظر نه ٿو اچي، اسان جو هڪ وزير ڏيڍ سال کان جيل ۾ آهي اهو ڪيس اوهان کي نظر ڇو ڪو نه ٿو اچي، ڀلي توهان اسان کي گهرايو، اسان اينداسين صدر صاحب جو چوڻ تمام سخت لهجي طرف اشارو ڪري ٿو، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ 26 ڊسمبر تي صدارتي ترجمال فرحت الله بابر اهو چيو هيو ته صدر صاحب جو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ لهجو ڪجهه قدر نرم هوندو، هت اها ڳالهه پوري نه ٿي، ۽ صدر صاحب جي اهڙي بيان ۽ اهڙي لهجي کي ڪو چوي يا نه چوي پر معاملا ڪجهه قدر ڏکيا ڪري ڇڏيا آهن. صدر ۽ وزير اعظم جو اهو بيان  ته هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪري، تي ميان نواز شريف اهو ٿو چوي ته صدر پاڪستان ادارن جو احترام نه ٿو ڪري.

هي (جلسو) اهڙو موقعو آهي جنهن ۾ پارٽيءَ کي ڪيش ڪرائڻ گهرجي ۽ عوام ۾ جيڪا بي چيني آهي ان جي زخمن تي مرهم رکجي بجاءِ ان جي اهڙيون ڳالهيون ڪري هروڀرو به گرمي پد وڌائڻ سان وري به ٿلهي ليکي جي نقصان ٿيندو ته اهو پ پ پ جو ئي هوندو.

اها تمام سٺي ڳالهه هئي ته صدر پاڪستان پ پ پ جو منشور هٿ ۾ کڻي عوام سان مخاطب ٿيو ۽ اتي ئي ويٺل مشهور ڪالم نگار منو ڀائيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته هيل تائين ان منشور تي 80 سيڪڙو عمل ٿي چڪو آهي، وڌيڪ وقت جا اڪابر ان کي پرکيندا، ٿيڻ ايئن کپندو هيو ته اهو منشور  هن ڏينهن تي اسٽيج تان ته ڏيکاريو ويو ان کي عوام ۾ به ورهايو وڃي ها ۽ اهڙو انتظام هجڻ کپندو هيو، جيڪو بلڪل آسانيءَ سان سنڌ جو اطلاعات کاتو ۽ پ پ پ جي سنڌ صوبي جي تنظيم ڪري سگهي پئي، پوءِ اهو منشور بلڪل چٽو ماڻهن تائين پهچي ها ۽ ڀروسي جو ماحول به پيدا ٿئي ها، هاڻ صرف هڪ منو ڀائي ان کي ڇا ڪندو ۽ سنڌ جي عوام کي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ سمجهائيندو، هيءُ اهم موقعو هيو اعتماد جي فضا کي مضبوط ڪرڻ ۽ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ٿين ها، پر شايد اهو سڀ ڪجهه اطلاعات کاتو بدقسمتيءَ سان نه ڪري سگهيو، هاڻي به وقت نه ويو آهي، پ پ پ پنهنجي منشور کي وڌيڪ عام ڪرڻ لاءِ اهڙيون ڪاپيون ورهائي ۽ هڪ تقابلي جائزو  به  ڇاپي جنهن ۾ پ پ پ منشور ۽ ان تي عمل ڪيل انگ اکر ڇاپي پڌرو ڪيو وڃي، پوءِ عوام کي سمجهائڻ لاءِ ڪنهن منو ڀائي جي ضرورت نه پوندي.

هڪ ڳالهه جيڪا سياسي طور تي تمام گهڻي محسوس ڪئي وئي اها اِها هئي ته مقررن تي تحريڪ انصاف جو ۽ عمران خان جو واضح اثر محسوس ٿيو، جنهن مان اهو اندازو بلڪل آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ پ بجاءِ ان جي هوءَ پنهنجي پارٽيءَ اندر ٿيندڙ تنقيد جي، ان ڳالهه ۾ وٺجي وئي آهي جو پنهنجي جلسي ۾ عمران خان جي سوناميءَ جو ذڪر ڀلي ان کي زو نامي ڪري چيو وڃي، ڪيو ويو.

اهو ان طرف واضح اشارو آهي ته پارٽي ليڊر شپ تي مٿان کان هيٺ تائين تحريڪ انصاف جي اڀار جو اثر آهي ۽ هو ان طرف تجسس جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هو ان تي تنقيد به ڪن ٿا، ان ۾ ويندڙن کي ڳالهائن به ٿا ۽ ان جي ٿيندڙ جلسن کي اسڪولي ٻارن جو فنڪشن به چون ٿا،  ته ان ڳالهه جو ڌيان ڪو نه ٿا رکن ته پنهنجي اسٽيج تان ان پارٽيءَ جو ذڪر ڪري رهيا آهن جيڪا اڃا جڙڻ جي عمل مان گذري رهي آهي، ڇا اهو ڪنهن اڻ لکي خوف جو دماغ تي اثر آهي يا وري ٿورڙو پنهنجي گهر جي رڌڻي ۾ پيل رولي جو احساس آهي.

حد اها آهي جو کلي عام اعلان ٿو ڪيو وڃي ته جنهن کي به وڃڻو آهي هليو وڃي اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي، وري وزير اعظم اهو ٿو چوي ته چڱو ٿيو ڪمزور دل وارا هاڻي ئي پيپلز پارٽي کي ڇڏي ويا ڇو ته اهي جيڪڏهن چونڊن وقت ڇڏي وڃن ها ته وڌيڪ نقصان ٿئي ها.

اها هڪ حقيقت آهي ته هر سياسي ڌر ان جستجوءَ ۾ رهندي آهي ته ان جي پارٽي وڌ کان وڌ طاقت ور هجي ۽ روزانو ان ۾ نوان نوان ۽ اهم ماڻهو شامل ٿين، پر هي عجيب ڳالهه آهي جو پنهنجن ماڻهن کي پرچائڻ ته ٺهيو، رهندو به کلي موڪل ته وڃڻو اٿوَ ته وڃو، ڪجهه غير سياسي ٿو لڳي.

ٿورڙو انهن بيانن تي غور ڪرڻ لاءِ اسان هڪ حوالي جو سهارو وٺون ٿا، تازو ئي سنڌ جي وزير بلديات آغا سراج دراني علي آباد ۾ وڃي پ پ پ جي سخت مخالف حاجي الطاف حسين انڙ سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي صدر پاڪستان جو نياپو پهچايو ۽ دعوت ڏني ته هو پ پ پ ۾ اچي، جڏهن ته آغا سراج جو اهو بيان رڪارڊ تي آهي ته هو صدر صاحب جو اهڙو پيغام کڻي مهر سردارن ڏانهن ويو ۽ انهن سان ملاقات ڪئي، وري ان کان سواءِ نواب سردار خان چانڊيو سان به ڳالهه ٻولهه هلڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن، ان کان سواءِ ايم اين اي فريال ٽالپر جا دورا ۽ دادوءَ کان سواءِ ڪجهه ٻين علائقن مان چڱن مڙسن ۽ پارٽيءَ وارن کي ورائي پارٽيءَ ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن.

جيڪڏهن پ پ پ اهڙيون ڪوششون ڪري ٿي ته هروڀرو به تحريڪ انصاف جي ٻيڙيءَ ۾ شامل ٿيندڙن تي يا انهن جيڪي ڪالهه سندس گڏ هئا کي ڇو ٿي ايترو لتاڙي.

هڪ طرف اهڙا بيان ته جلسا (وڏا) ڪي هروڀرو کَٽڻ جا اهڃاڻ نه هوندا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ تحريڪ انصاف جو جلسو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کان ننڍو هيو، ڇا حڪمران کان اهي بيان وسري ويا آهن جنهن ۾ هنن چيو هو ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ وڏو اجتماع ٿيندو جنهن کي دنيا ڏسندي.

ڳالهه ڪهڙي به هجي جيڪڏهن ان ۾ منطق آهي ته اکين تي ، پر جي ان جي ابتڙ آهي ته اڄ نه سڀاڻي عوام ۾ وڌيڪ وسوسا پيدا ٿيندا، توهان هڪ طرف جلسن کي چونڊن کٽڻ جو معيار نه ٿا چئو پوءِ ٻين جو ذڪر ڇا لاءِ؟ ۽ پنهنجي وڏي جلسي جي ڳالهه ڇا لاءِ؟

ماڻهن جو ميڙاڪو ان کان به وڏو هجي پر پارٽيءَ جو لڳي، نه ته هروڀرو اهڙي انبوهه جي ضرورت ڪهڙي آهي، جنهن ۾ هڪ اهم ۽ وڏي ميسيج ڏيڻ بجاءِ رڳو جهڳڙن ۽ ڌمڪين جون ڳالهيون هجن.

اها ڳالهه ڳڙهي خدا بخش ۾ شايد وڌيڪ ٻڌي وئي هوندي جڏهن پ پ پ جي اهم مرڪزي اڳواڻ اعتزاز احسن چئي رهيو هيو ته جيڪڏهن توهان کي ايندڙ چونڊن ۾ کٽڻو آهي ۽ بيهڻو آهي ته پوءِ عام ماڻهن جي مسئلن طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ان لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو.

هو ته شايد ماڻهن جي دل جي ڳالهه ڪري رهيو هيو جڏهن اهو چئي رهيو هيو ته ملڪ ۾ گئس، بجليءَ جو بحران آهي، تيل جا اگهه وڌي رهيا آهن، غريب ماڻهو پنهنجي ٻچڙن جي تعليم لاءِ ۽ گهرن جي ڪراين ڀرڻ لاءِ پريشان آهن، هي اهو آواز هيو جيڪو پنهنجي دل تي هٿ رکي سڀني ليڊرن کي ڪرڻ کپندو هيو، پر هنن ايئن نه ڪيو.

اها وڏي خوش آئند ڳالهه آهي ته توهان چين، وچ ايشيا، روس ۽ ٻين ملڪن سان بارٽر سسٽم (مال بدلي مال) جي مٽاسٽا جو پروگرام رکو ٿا پر عوام چاهي ٿو ته انهن کي گئس ملندي رهي، بجلي سستي اگهن تي ملندي رهي، زراعت سان لاڳاپيل شيون سستيون دستياب هجن، ماڻهن جي ٻچڙن جي تعليم سستي هجي ۽ هو ٻه ويلا کائي سگهي ۽ سڪون سان ويهي پنهنجي گهرن ۾ زندگي گذاري سگهن.

اهو مڃبو ته موجوده حڪومت هڪ بحران مان نڪري ٿي ته ٻي ۾ ڦاسي ٿي، پر آخر عوام وڃي ته ڪاڏي وڃي؟ اهو رڪارڊ تي موجود آهي عوامي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو جڏهن وزير اعظم نه هئي ته ووٽ وڌيڪ کڻندي هئي ۽ پوءِ وزيراعظم  هجڻ ڪري پنهنجي تڪ کي گهٽ وقت ڏنو ته ان جا ووٽ گهٽ ٿي ويا ته پوءِ ڇا خيال آهي ته هن بي بي کان وڌيڪ ڪو ئي پاپولر ليڊر هن وقت پ پ پ ۾ آهي؟ ۽ مٿان وري ڪوٽن مٿان ڪوٽ. ڇا عوام ۽ حڪومت ۽ ليڊرن جي باري ۾ ڪجهه منفي سوچ کي ته جنم نه ڏيندا ۽ دوري وڌندي وڃي.

مطلب ته 27 ڊسمبر تي پ پ پ کي بي بي جي قاتلن جي باري ۾ کلي ٻڌائڻو هيو جيڪو نه ٿيو، عوام کي ڪنهن رليف جو اعلان ٻڌڻ ۾ نه آيو ۽ جيڪڏهن ٻڌو ويو ته جهڳڙن جون ڳالهيون ۽ پنهنجي ماڻهن کي پرچائڻ بدران انهن کي کلي ڇوٽ ته وڃو ته ڀلي وڃو. شايد پ پ پ لاءِ ڪي مثبت ڳالهيون نه آهن.سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته

”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي

وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي.“

dawnlrk@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو