Home / افيئر / ڀارتي شهري وزير کي چماٽ وهائي ڪڍي
above article banner

ڀارتي شهري وزير کي چماٽ وهائي ڪڍي

مهانگائي کان بيزار ڀارت جي هڪ شهري ويجهڙ ۾ ئي ملڪ جي زراعت جي وزير شرد پَوار، جيڪو ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم جو صدر پڻ آهي، تي اوچتو حملو ڪري کيس ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي. ڀارتي ميڊيا مطابق اهو واقعو نئين دهلي جي هڪ هوٽل ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن شرد پوار هڪ تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ واپس اچي رهيو هو ته صحافين جي هجوم ۾ موجود اقليتي سک برادري سان تعلق رکندڙ حملي آور کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍيو. ان کان اڳ جو اهو شخص ٻيو ڪجهه ڪري ها پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. ان شخص جو نالو هرويندر سنگهه ٻڌايو پيو وڃي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ مواصلات جي اڳوڻي وزير سک رام تي پڻ عدالت ۾ پيشي دوران ان شخص ئي حملو ڪيو هو. ميڊيا مطابق مذڪوره شخص هر سياستدان کي بدعنوان ۽ چور سڏي ٿو، ان جو سبب وڌندڙ مهانگائي ۽ ڏکي زندگي ٻڌايو ڃي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو