Home / پروفائيل / ڊاڪٽر جبار جوڻيجي جي ياد ۾ ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
above article banner

ڊاڪٽر جبار جوڻيجي جي ياد ۾ ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

 

سنڌ ثقافت کاتي طرفان 18 ڊسمبر 2011ع تي ڊگري ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ سنڌ جي ناليواري اديب، محقق، شاعر، تعليم دان، شاهه لطيف جي رسالي جي پارکو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ياد ۾ هڪ ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اڪيڊمي جي سهڪار سان ٿيل ان يادگار ڪانفرنس جي تقريب جي خاص مهمان سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو هئي. تقريب جي شروعات شاهه سائين جي وائي سان ڪئي وئي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي پنهنجي آجياڻي واري تقرير ۾ چيو ته: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ سنڌ جو هڪ اهڙو عظيم استاد ۽ تخليق ڪار هو، جيڪو سنڌي ادب کي هڪ وڏو علم جو خزانو ڏئي لافاني بڻجي ويو آهي. هن مختلف مقالا لکيا جنهن ۾ سندس 10 ڪتاب اردو ٻولي ۾ لکيل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل قلمي پورهئي ۾ سڀ کان وڌيڪ سندس ڪم 3 جلدن ۾ شايع ٿيل سنڌي ادب جي تاريخ آهي. جيڪي سندس ڪتاب نصاب تي رکيل آهن. ايم اي سنڌي ۾ ڪرڻ لاءِ اهو ڪتاب لازمي سبجيڪٽ طور رکيل آهي. هن چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي فڪر تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو شاهڪار ڪتاب ثقافت کاتي طرفان جلد ڇپائي ڀٽائي صاحب جي ايندڙ عرس جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ مرحوم ڊاڪٽر جوڻيجي جا اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ شايع ڪيا ويندا. مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد ۾ سنڌ جي 200 فنڪارن کي راڳ جي سکيا ڏني ويندي. بدين شهر ۾ ثقافتي مرڪز ۽ لائبريري جي سيڪريٽري انور منصور پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب پنهنجي سموري زندگي منظم ۽ متحرڪ گذاري، هن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت سان مختلف موضوعن تي جيترا تحقيقي ڪتاب لکي پنهنجي ئي همت سان شايع ڪرايا ان جو ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن حڪومت کان بدين بوائز هاءِ اسڪول ۽ بدين ڪراچي روڊ جا نالا ڊاڪٽر جوڻيجي جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ ڊاڪٽر جي لکيل سمورن مقالن ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڇپائڻ جي گهر ڪئي ۽ ڊاڪٽر جوڻيجو اڪيڊمي جي لائبريري لاءِ ثقافت کاتي جا ڇپايل سمورا ڪتاب فراهم ڪرڻ جو سسئي پليجو کان مطالبو ڪيو.

ڊاڪٽر جوڻيجو اڪيڊمي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ناليواري پروفيسر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسين هتي بدين ۾ جنهن علمي ادبي هستي کي ياد ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون اهو سائين ڊاڪٽر جوڻيجو منهنجو عظيم علمي ادبي استاد هو. آءُ 27 سال سائين جوڻيجي جي صحبت ۾ گڏ رهي. ان کان ئي علم ۽ ادب جو فيض حاصل ڪري هن عهدي تائين پهتو آهيان. هو منهنجو استاد ۽ محسن هو. سندس اوچتي وڇوڙي جو ڌڪ آءُ اڃا تائين پچائي نه سگهيو آهيان. ورهاڱي بعد ڊاڪٽر جوڻيجي سنڌي تحقيقي ادب کي جيڪي نوان گس ۽ رخ ڏنا ان جو ڪو به مثال نٿو ملي. سائين جو پنهنجو هڪ نرالو انداز هو. سائين جهڙي پڙهڻ ۽ لکڻ جي پابندي وارا اصول عظيم هئا. اهڙي پابندي ڪرڻ اسانجي وس جي ڳالهه ناهي. ڪا به شيءِ لکڻ لاءِ هو سڀ کان پهرين گهري سوچ ويچار ڪري انجي رٿابندي ڪندو هو. ڪو به ڪتاب ۽ تحقيقي مقالو لکندو هو ته ان جي ڪتابي حوالن لاءِ پاڻ خود وڃي پنهنجي اکين سان انجي تصديق ڪري بعد ۾ ڪجهه لکندو هو. ادبي تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بعد پهرين کيپ ۾ ڊاڪٽر جوڻيجو جو نمايان نالو آهي. لطيف شناسي ۾ سندس سوچ ۽ انداز نرالو هو. هن سنڌ حڪومت ۽ واسطيدار ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊاڪٽر جوڻيجي جي ٽن جلدن ۾ شايع ٿيل ڪتابن سنڌي ادب جي تاريخ، جي ڪتاب جي قيمت گهٽ ڪري سستي اگهه تي اهو ڪتاب شاگردن کي فراهم ڪيو وڃي. ڪهاڻيڪار ۽ جاکوڙي ليکڪ رسول بخش درس پنهنجي تقرير ۾ چيو ته بدين لاڙ جي دل آهي سنڌي ادب ۾ بدين  جو اعليٰ مقام آهي. بدين جي زرخيز زمين مولوي حاجي احمد ملاح ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کان اڳ سنڌي ادب جي تاريخ اڻ مڪمل لکيل هئي. سنڌي ادب جي تاريخ تي ڊاڪٽر صاحب کان اڳ ڪنهن به ايڏو وڏو تحقيقي ڪم نه ڪيو هو. سنڌي ٻولي تي ڊاڪٽر جوڻيجي جو اهو هڪ احسان آهي. هن چيو ته تحقيقي ادب ۾ ڪنهن به وڏي ڊگري جي ڪا به اهميت نه آهي. بدين جي ئي محمد صديق مسافر وٽ ڪا به وڏي ڊگري نه هئي ان لاءِ سچائي جذبي ۽ اڻٿڪ محنت جي سخت ضرورت آهي. ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر محمد علي مانجهي پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو انتهائي محنتي ايماندار ۽ ديانتدار هو. جنهن به اداري ۾ رهيو اتي هن نالو ڪمايو، توڙ نڀايو وڏي محنت ڪيائين. کيس ڪنهن به عهدي، نالي۽ شهرت جي بک نه هئي. آخري پساهن تائين پنهنجي سونهري اصولن ۽ آدرشن تي ثابت قدم رهيو. مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نياڻي شهريور چيو ته بابا سائين پنهنجي سڄي زندگي علم کي پکيڙڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، علم جي جستجو ۾ هو پنهنجي صحت جو ڪو به خيال نه ڪندو هو. اسپتال ۾ پنهنجي آخري وقت ۾ ڪتابن جي پڇا ڪندو رهيو. هن چيو ته پنهنجي عظيم بابا جي وڇوڙي بعد آءُ اڪيلي ٿي وئي آهيان. بابا جي ذاتي بدين واري لائبريري جو در کوليندي آهيان ته ان ۾ مونکي بابا جو وجود موجود لڳندو آهي. هو ڄڻ ته جيئرو آهي. سندس روح پاڇي جيئان هر وقت مون سان گڏ آهي. سندس يادن جا نقش منهنجي وجود ۾ سمائجي ويا آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اڪيڊمي جو صدر ۽ ڊاڪٽر جوڻيجي جي نگراني ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ سندس بدين واسي شاگرد پروفيسر عبدالله ملاح پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڪي ماڻهو جيئري ئي مري ويندا آهن ۽ ڪن ماڻهن جا نالا هزارين ڌڙڪندڙ دلين تي صدين تائين نقش ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب کي ڪنهن به ڌن دولت عهدي ۽ شهرت جي ڪا به لالچ نه هئي. هو پنهنجي علائقي جو وڏو زميندار هو. سندس خاندان هڪ سڄي ديهه جي زمين جو مالڪ هو. هو سڄي زندگي ۾ پنهنجي زمين جي زرعي فصل جي بٽائي ڪرڻ لاءِ هارين وٽ هلي نه ويو. هو عجيب قسم جو زميندار هو. زميندار هوندي هارين جو طرفدار هو. پنهنجي هارين کي ٻچن وانگر ڀائيندو هو. ڪنهن به خلاف درخواست ۽ ڪيس ڦڏو نه ڪيائين. ايڏو سادو ماڻهو هو جو سدائين پنهنجي ٿيلهو پاڻ کڻندو هو. ڪڏهن ڪو به ذاتي نوڪر نه رکيائين. پيرسني هوندي به پنهنجي گاڏي جو ڪو به ڊرائيور نه رکيائين. هن تي ڪنهن به اداري جي ڪا به بقايا رهيل نه هئي. ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو سنڌي ٻولي ۽ شاهه لطيف جي رسالي تي عبور حاصل هو. کيس ڀٽائي صاحب جا هزارين بيت برزبان ياد هئا ۽ گهرائي سان انهن جي معنيٰ کي به سمجهندو هو. اسانجي غلط تلفظ جي هر وقت درستگي ڪندو هو. نه ڪنهن جي خوشامد ڪندو هو ۽ نه ئي پنهنجي ڪا اجائي تعريف ٻڌڻ پسند ڪندو هو. انتهائي سادو وڏو عالم ۽ حقيقت پسند عظيم املهه انسان هو. سندس جدائي سنڌ لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. بدين واسڻ ڊاڪٽر خالده منڌرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسين بدين جا ماڻهو خوشنصيب آهيون جو ڊاڪٽر جوڻيجي جهڙو ماڻهو بدين ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته ڪنهن اديب ۽ محقق جي مهان هجڻ لاءِ اهو لازمي ناهي ته ان گهڻا ڪتاب لکيا هجن. ڳالهه معياري ادب ۽ تحقيق جي آهي. ڊاڪٽر جوڻيجي جا لکيل ٻيا سڀئي ڪتاب ڇڏي فقط سندس ٽن جلدن ۾ لکيل سنڌي ادب جي تاريخ واري تحقيقي ڪتاب ئي سنڌي ادب جا هڪ املهه خزانو آهي. ان هڪڙي ڪتاب جي معيار ئي ڊاڪٽر صاحب کي هڪ عظيم ليکڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين آخر ۾ اهو تاريخي اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب، سنڌي ادب جي تاريخ سنڌي ٻولي ۾ ايم اي،  ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي سندس اداري طرفان اڌ قيمت تي ڏنو ويندو. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي چيو ته ڊاڪٽر جوڻيجو سنڌ جو هڪ يگانو عالم محقق ۽ سنڌ جو هڏ ڏوکي مڻيادار ماڻهو  هو. هن سنڌي ادب کي علم جو هڪ وڏو خزانو ڏنو. آخر ۾ تقريب جي خاص مهمان ۽ ثقافت کاتي سنڌ جي وزير سسئي پليجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بدين جا ماڻهو قابل فخر آهن. هتي جي مٽي انتهائي گهڻي زرخيز آهي جنهن شهيد عوام فاضل راهو، مولوي حاجي احمد ملاح، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، خليفو نبي بخش قاسم، محمد سومار شيخ ۽ فنڪار مٽو ڪڇي جهڙا عظيم ماڻهو پيدا ڪيا. مونکي ڊاڪٽر صاحب ۽ انجي خاندان سان  تمام گهڻو پيار آهي. بدين منهنجو پنهنجو ضلعو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر جوڻيجو دل ۽ ذهن جو حسين ميلاپ وارو انتهائي ذهين اڻ ٿڪ محنتي مڻيادار ماڻهو هو. سندس علمي ادبي تحقيقي ڪيل ڪم تاريخساز آهي. اسان ثقافت کاتي طرفان سنڌ ميوزيم ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي جو ڪارنر قائم ڪيو آهي. هن بدين ۾ جلد ثقافتي مرڪز قائم ڪري ان جو نالو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو رکڻ ۽ لاڙ ميوزيم بدين کي ثقافت کاتي جي حوالي ڪرڻ ۽ ايندڙ سال جي مارچ مهيني ۾ بدين ۾ شهيد دودو سومرو ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو اڪيڊمي جي ڀرپور مدد ڪرڻ جا اعلان ڪيا. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري، ثقافت کاتي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادارن طرفان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مڃتا ايوارڊ ڊاڪٽر صاحب جي خاندان ۽ ٻين ماڻهن کي ڏنا ويا جيڪي ايوارڊ سسئي پليجو جي هٿان ورهايا ويا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو