Home / افيئر / ڏاڍي جي لٺ کي ڏهه مٿا
above article banner

ڏاڍي جي لٺ کي ڏهه مٿا

شڪارپور ميونسپل عملي پوليس جي مدد سان شهر جي هڪ علائقي اسٽورٽ گنج ۾ حد دخلي جو جواز ڄاڻائي سوين پورهيتن جي پيٽ تي لت ڏني آهي. ميوا ۽ ڀاڄيون وڪڻدڙ مسڪين ماڻهن جون ريڙهيون ۽ صندل نه رڳو هٽايا پر کڻايا به ويا آهن. سندن سامان روڊن تي اُڇلائي سندن لاءِ روزي روٽي جو سبب بنجندڙ کاڌي پيتي جي شين کي ڦٽي ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪٽ به ڪرائي وئي آهي.

گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڳڀي جي ڳولها ۾ نڪتل پورهيتن ڪو ڌڻي سائين نه ڏسي احتجاج جو دڳ ورتو آهي. هو جيڪڏهن روڊن تي نڪرن ٿا، ڌرڻا هڻن ٿا ۽ ٽائر ساڙن ٿا تڏهن به ڪو هنن جي داد فرياد وارو ناهي. هو رڳو هڪڙو ئي مطالبو ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن انتظاميا سندن گرَههَ تي لت ڏني آهي ته پوءِ ڪو متبادل رستو به ته ڏئي! هو جيڪي روز جي بنياد تي سو ٻه سو روپيا ڪمائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا، هاڻ انهن کي گهر جي چلهه ٻارڻ ڏاڍي ڏکي محسوس ٿي رهي آهي. پر انهن جي  احساسن جو ڪنهن کي ڪو به خيال ناهي.

ميونسپل اختيارين جي نمائندي نذير سومرو جو چوڻ آهي ته ڪارروائي سنڌ سمال ٽريڊ يونين جي اڳواڻن پاران پهتل درخواست ۽ عورتن توڙي عام ماڻهن پاران ڪيل شڪايتن جي ڪري ٿي آهي.

ڇهه ست سو ريڙهن بيهڻ جي ڪري عام ماڻهن ۽ خاص ڪري ٻار ٻچي کي اچ وڃ ۾ سوڙهه ۽ تڪليف ٿي رهي هئي، جنهن جو فائدو بشني به و‎ٺي رهيا هئا. اها راءِ پنهنجي جاءِ تي پر سوال اهو آهي ته ميونسپل انتظاميا حد دخلين جي آڙ  ۾ ماڻهن کي جنهن بي روزگار ڪرڻ جي مهم تي نڪتل آهي خود ان کي اهو پوري ريت احساس ۽ شعور آهي ته حد دخلين جي دائري ۾ ڇا ڇا ٿو اچي وڃي ۽ جيڪو ڪجهه اچي وڃي ٿو اهو انتظاميا جي اک ۾ هئڻ باوجود اوجهل ڇو رهندو آيو آهي؟

ڀاڄيون ۽ ميوا وڪڻندڙ غريب پورهيتن هڪ طرف ميونسپل جي ٽيڪس ڀريندا هئا، ٻئي طرف جن دڪانن ۽ پڙين جي اڳيان بيهندا هئا تن کي “ڀتو” الڳ ڏيندا هئا. لوفرن يا ڪاٽڪوئن جا کانچا الڳ سان هوندا هئا ۽ خود اندازو لڳايو ته گهڻ رخي ڏن ڏيڻ کان پوءِ هنن پورهيتن جي پيٽ پوڄا لاءِ بچندو ئي ڇا هوندو جنهن جي آڌار سندن زندگين جو گاڏو گڙندو هوندو!

شڪارپور عوامي اتحاد جي اڳواڻ علي سجاد جو چوڻ آهي هڪ طرف ته ميونسپل ريڙهي وارن تي ڏمريل آهي ٻئي طرف اها ساڳي ميونسپل با اثر ماڻهن جي بنگلن جي دربان لڳي پئي آهي. کين هر طرح جي مڪمل ڇوٽ مليل آهي. هاءِ اسڪول ون جي ٻاهران ايڪسائيز آفيس ٻاهران مڇي مارڪيٽ سميت ڪيترين ئي جاين تي پڙيون رکجي ويون آهن. اسٽورٽ گنج ۽ هاٿي در جي ٻنهي ٽانگا اسٽينڊس تي قبضا ٿي ويا آهن. هزاري در تي ڏنل خان جي هوٽل ۽ ڪاروباري مرڪز اندر بجلي جا يارهن هزار تارن وارا پول اچي ويا آهن. شڪارپور جي مين روڊ تي غلام اڪبر مهر جو گهر ڪنهن کي نظر ڇو نه ٿو اچي؟ ڳڙهي ياسين موڙ تي ميونسپل کاتي قبضي هيٺ ان اڳيان دڪان ٺهي ويا آهن. لکي در تي شاپنگ سينٽر سوني سوئيٽس ڪهڙي کاتي ۾ آهي؟ سرڪاري عمارتن تي قبضا ميونسپل شڪارپور جو انچ انچ وڪيو آهي. ان جو ڪير جواب ڏيندو روڊن تي موبائيل فرنچائيز کلي ويا آهن. باهه رڳو ريڙهن وارن تي آهي.

“افيئر” پاران گڏ ڪيل معلومات کانپوءِ جي ڪي نتيجا آڏو اچن ٿا تن ۾ اهو واضح طور تي معلوم ٿئي ٿو ته ميونسپل جي تازي ڪارروائي ان کان سواءِ ٻيو ڪو کڙ تيل نه ڏئي سگهندي ته متاثر بنگلن جي ويجهو ايندا ته ڀوتار فونيون کڙڪائيندا ۽ معاملا معمول تي اچي ويندا.

تاثر اهو آهي ته ميونسپل عام ماڻهن کي خانن ۽ سردارن ڀوتارن ۽ سياستدانن ڏانهن ڌڪڻ لاءِ تازو عمل ڪيو آهي ته جيئن عام ماڻهو با اثرن جا ڳيجهو ٿي، سندن نياز نوڙت ڪن ۽ ان ذريعي بنگلن جون رونقون بحال ٿين. ميونسپل هونئن ئي بنگلن کي بهاريون ڪرائڻ ۾ اڳ کان اڳري رهي آهي هاڻ به بنگلن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي.

ٽي ايم او آغا جلال خان پٺاڻ چوي ٿو ته نظام جي فعال نه هئڻ ڪري مسئلا وڌيا آهن اڳ سي ڊي ايم کي مئجسٽريٽي اختيار هوندا هئا اهي استعمال به ٿيندا هئا ڀرپور ۽ باوقار ڪارڪردگي جي ڪري نظام به بهتر هلندو هو. عوام کي به رليف ملندو هو. تنهنڪري مسئلن جي مستقل حل جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن کان جيڪڏهن ڪو قرباني جو آسرو ڪيو به وڃي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي متبادل ڏيڻ به ضروري آهي.

“افيئر” سموري صورتحال جو تجزيو ڪندي شڪارپور ۾ حد دخلين جا پيرا کنيا ته خبر پئي ته شڪارپور جو ڪو به اهڙو سياستدان، ڪامورو ڪڙو ۽ معزز ناهي جنهن جو خود پنهنجي يا ان جي ڪنهن واسطيدار جو حد دخلين جي آزار کان پاند آجو هجي.

سياسي مداخلت شهر جو توازن بگاڙي ڇڏيو آهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻن مٿن وارو محاورو شڪارپور ۾ ڏهن مٿن جهڙو ڏيک ڏئي ٿي. ان ڪري هتي جيڪو جيترو هيڻو آهي ان جي زندگي اوتري ڏچي ۾ آهي. اها هتي وڏي ٽريجڊي آهي ته جنهن کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو هوندو آهي اهو ٻئي جي متاثر ٿيڻ جو خيال نه رکندو آهي. هتي ڪا به اهڙي حڪمت عملي ڏسڻ ۾ ناهي آئي جنهن سان نانگ به مري ۽ لٺ جو به بچاءُ يقيني ٿئي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ميونسپل ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ مسئلي جي مستقل حل تي غور ويچار ڪري ها پر شڪارپور ۾ انتظامي طور طريقئه ڪار جو فقدان جاري آهي. شڪارپور ۾ مينهن جا واڙا وڏو آزار آهن، سالن کان ان حوالي سان حوال ٿيندا آيا آهن پر حقيقتون ڪي ٻيا ئي داستان ٻڌائن ٿيون. صبح جو ننڍڙا ٻار ۽ نياڻيون اسڪول وڃن ٿيون  يا موٽن ٿيون ته مينهن جو قطارون سندن آجيان ڪن ٿيون ۽ اهو معاملو به ان ڪري حل نه ٿيو آهي جو ڀوتارن جي مداخلت آهي. اهي ڀوتار جيڪي ڀوُنءَ سان محبت جا دعويدار به آهن ۽ گڏوگڏ متاثرن تي آزار جا مهندرا به ٿي پون ٿا.

“افيئر” کي مليل ڄاڻ ۾ اهو به واضح ٿي وڃي ٿو ته ضلعي انتظاميا بنگلن جي ونگار وهڻ ڪري مسئلا گهٽجڻ بدران وڌن ٿا جڏهن ته اڳ آفيسرن ۽ ادارن جي هڪ ساک ۽ ڪا پت ۽ ڀرم هوندو هو هاڻ بنگلن جي نوڪرن ۽ ڪامورن ۾ ڪو ٽڪي جو فرق محسوس نه ٿو ٿئي. ظاهر آهي جتي اهڙا لڇڻ هوندا اُتي لقاءُ به ته لوڪ اهڙا ئي ڏسندو؟

naseembukhari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو