Home / افيئر / ڪم جونگ اِل جي لاڏاڻي کانپوءِ اتر ڪوريا جو خطي ۾ نئون ڪردار ڇا هوندو
above article banner

ڪم جونگ اِل جي لاڏاڻي کانپوءِ اتر ڪوريا جو خطي ۾ نئون ڪردار ڇا هوندو

تاريخ ۾ لاها چاڙها اچڻ فطري عمل آهي. ليڪن اهڙا ملڪ جيڪي بند سماج طور سڃاتا وڃن ٿا انهن ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اٿل پٿل جا انومان پئدا ٿي پوندا آهن، جيئن اتر ڪوريا آهي جيڪو منڍ کان وٺي بند سماج واري ملڪ طور سڃاڻپ رکي ٿو. سرد جنگ کان وٺي 1991ع ۾ جڏهن سوويت يونين ٽٽو ته عام طور اهو پئي سمجهيو ويو ته اتر ڪوريا ۽ ڪيوبا جون حڪومتون تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ هليون وينديون ۽ نه هلي سگهنديون. ان سوچ جو ڪارڻ اهو هو جو اهي ملڪ سوويت يونين جي ٽيڪ تي بيٺل هئا، ليڪن ايئن نٿي سگهيو. اتر ڪوريا جي مرد فولاد ڪم اِل سنگ جو لاڏاڻو 1996ع ۾ ٿيو ته سندس جاءِ سندس پٽ ڪِم جونگ اِل والاري.

اتر ڪوريا ۾ فوج ۽ ورڪس پارٽي انتهائي طاقتور آهن، پولٽ بيورو ۾ انهن جي ئي گهڻائي هوندي آهي. ملڪ جو ڪار وهنوار پارٽي جي سيڪريٽري جنرل حوالي هوندو آهي جيڪو فوج جو پڻ سپريم ڪمانڊر هجي ٿو. ڪم جونگ اِل تخت تي ويهڻ کانپوءِ پيپلز اسڪوائر ۾ قوم کي خطاب ڪندي پنهنجي پيءُ ڪِم اِل سنگ جو مشن پورو ڪرڻ جو وچن ڪيو. هن ڏکڻ ڪوريا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي پهل نه ڪئي، ان ڪري ان سان سندن لاڳا خراب رهيا. جڏهن ته هو ڏکڻ ڪوريا کي سرمائيداراڻي نظام جو ايجنٽ سمجهندو هو. جاپان سان به سندن لاڳاپن ۾ بهتري نه آئي. ان بدران چين سان لاڳاپا بهتر ڪيا ويا. بلڪه ايئن چئجي ته درست ٿيندو ته اتر ڪوريا چين کي اڳوڻي سوويت يونين جيتري اهميت ڏيڻ لڳو. ٻئي طرف اتر ڪوريا پنهنجو ايٽمي پروگرام به جاري رکيو. يورپ ۽آمريڪا  چين تي دٻاءُ وجهندا رهيا ته اهو اتر ڪوريا کي پنهنجو ايٽمي پروگرام ترڪ ڪرائڻ لاءِ اثر رسوخ استعمال ڪري. اهو ان ڪري جو اتر ڪوريا جو ايٽمي پروگرام جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا لاءِ خطرو آهي. ياد رهي ته آمريڪا بهادر جي هڪ لک فوج اڄ به ذڪر هيٺ آيل ٻنهي ملڪن ۾ موجود آهي ته جيئن اُتر ڪوريا جي حملي جي صورت ۾ کيس منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي.

هڪ پاسي اتر ڪوريا پنهنجي ايٽمي پروگرام سبب عالمي خطرا سر تي کنيا ته ٻئي پاسي ان جو ليڊر ڪِم جونگ اِل عورتن جي حسن جو ديوانو هو، انگريزي موويز ڏسڻ به سندس ٻين شوقن مان هڪ هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس مئي پڄاڻان اولهه جي ملڪن جي 20 هزار موويز جون سي ڊي به سندس اثاثي طور ظاهر ڪيون ويون آهن. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته اتر ڪوريا جي مرحوم ليڊر کي جهاز استعمال ڪرڻ جو شوق بنهه ڪو نه هو. ان ڪارڻ هن سڄي زندگي ريل ذريعي سفر ڪيو. هن نومبر 2011 ۾ ايشيا جو دورو پڻ ريل رستي ڪيو هو، اهو دورو سندس حياتيءَ جو آخري دورو ثابت ٿيو. هن انهي دوري دوران اهي هنڌ پڻ ڏٺا جتي اتر ڪوريا جا گوريلا جاپان خلاف تربيت وٺندا هئا.

اتر ڪوريا ۾ 2005 ڌاري بدترين ڏڪار آيو جنهن ۾ اٽڪل 5 لک ماڻهو کاڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار بڻيا. اهڙين خراب حالتن ۾ جڏهن ٻاهرين دنيا سندن مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو تڏهن به هن پنهنجي ملڪ ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. چيو اهو ٿو وڃي ته اتر ڪوريا جي ايٽمي سگهه ٿيڻ پٺيان چين ۽ پاڪستان جو ڪردار آهي. پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان پڻ ان مشن ۾ شامل رهيو. جڏهن ته اتر ڪوريا ميزائل ٽيڪنالاجيءَ ۾ پڻ اڳڀرو آهي. هن وٽ 3 هزار ڪلوميٽر تائين مار ڪندڙ ميزائل موجود آهن، جيڪي جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا کي سولائي سان حدف بڻائي سگهن ٿا. چين جي مدد سان ڇهن ملڪن جي هڪ گروپ اتر ڪوريا سان ايٽمي پروگرام ترڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ اتر ڪوريا جو موقف اهو هو ته خطي مان آمريڪي فوجون نڪري وڃن ۽ دنيا سندن مالي مدد ڪري جيئن هو ڏڪار کي منهن ڏئي  سگهن، ڇو ته ڏڪار سبب آئي ڏينهن ماڻهو موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن، ليڪن عجب جي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به عالمي اداري هيلتائين اتر ڪوريا جي انساني بنيادن تي ڪا به مدد ناهي ڪئي جنهن سبب هزارين ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته اتر ڪوريا جي ڪل آبادي 2 ڪروڙ چاليهه لک آهي، ماڻهن جي گهڻائي ٻڌمت ۽ عيسائيت سان لاڳاپيل آهي. ڪو آپريٽو فارمنگ جو نظام رائج آهي جيڪو رياست جي ڪنٽرول ۾ آهي. اتر ڪوريائي ماڻهو گهڻي ڀاڱي قومپرست سوشلسٽ آهن، سندن مقابلي ۾ ڏکڻ ڪوريا جو معيار زندگي تمام گهڻو بهتر آهي. اُتي لبرل سماج هئڻ سان گڏ اهو تعليم ۽ اقتصادي شعبي ۾ به گهڻو اڳتي آهي. ڏکڻ ڪوريا جي ماڻهن جي خواهش آهي ته ٻئي ڪوريا گڏ ٿي وڃن، جنهن لاءِ اهي سيئول ۾ وقت بوقت احتجاج به ڪندا رهندا آهن. ليڪن عالمي قوتون ٻنهي ڪوريائن جي هڪ ٿيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن.

17 ڊسمبر 2011 ڪِم جونگ اِل ريل ۾ سفر دوران 69 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي لاڏاڻي جي اعلان کانپوءِ اوڀر ايشيا خطي ۾ ڄڻ ته خطري جي گهنٽي وڄي چڪي آهي. ڇو ته اهم سوال سندس جاءِ نشين جو هو پر پوءِ سندس ٽين زال ڪلب ڊانسر مان پٽ ڪِم جونگ ون جي واڳ حوالي ڪئي وئي. 30 سالن جو اهو نوجوان سوئزرليڊ ۾ پڙهيو آهي. کيس سندس پيءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي فوج جو ڪمانڊر مقرر ڪيو هو. هن سندس سياسي تربيت به ڪئي ۽ کيس ئي پنهنجو صحيح جاءِ نشين سمجهيو. جيتوڻيڪ اتر ڪوريا جي واڳ هن وقت هڪ نوجوان جي هٿ ۾ آهي ٻئي پاسي طاقتور فوج آهي جيڪا ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو خطي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو جاپان جي وزير اعظم عهدي جو قسم کڻڻ جي ٻن مهينن اندر چين جو دورو ڪيو ۽ چيني قيادت کي پنهنجي ڳڻتيءَ کان آگاهه ڪيو. هوڏانهن تازو ڏکڻ ڪوريا جي هڪ ڳوٺ تي تازو حملو ٿيو آهي جنهن ۾ ٽي ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا. اهو حملو هڪ قسم جو پيغام هو ته اتر ڪوريا جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي ۽ نئون ليڊر پراڻي پاليسي جاري رکندو.

ڪِم جونگ ون کي ڪرڻ ايئن کپي ته علائقي مان عدم استحڪام جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. خطي مان پرڏيهي فوج جي نيڪالي جي راهه هموار ڪئي وڃي. جرمني وانگر ٻنهي ڪوريائن کي هڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن. اتر ڪوريا کي پاڻ کي بدلائي بند سماج مان لبرل سماج طرف پڻ اچڻو پوندو. جڏهن ته ملڪ ۾ “ون مئن شو” واري پاليسي پڻ هلڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري اها پڻ تبديل ڪرڻي پوندي. باقي جيڪڏهن ڪو ايئن سمجهي ٿو ته ايٽمي طاقت ٿيڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ته اها ناقص سوچ آهي. ڇو ته ايٽمي طاقت ٿيڻ مسئلي جو حل ناهي، سوويت يونين به ته ايٽمي طاقت رکندڙ هو پر ان کي هٿيار بچائي نه سگهيا. ساڳي طرح آمريڪا به پنهنجي فوج واپس گهرائي آخر هو ڪيستائين اوڀر ايشيا کي ڪميونسٽن جو ڊپ ڏئي، مٿن حاڪميت ڪندو؟ چين به سامونڊي لحاظ کان خطي جو حصو آهي، ان ڪري سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڳالهين وسيلي خطي جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو