Home / افيئر / گڏيل قومن ۾ روس جو شام خلاف ٺهراءُ
above article banner

گڏيل قومن ۾ روس جو شام خلاف ٺهراءُ

روس گڏيل قومن ۾ شام جي صورتحال جي باري ۾ هڪ نئون ٺهراءُ پيش ڪري اولهه جي ملڪن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. روس ان ٺهراءُ ۾ شام ۾ ٿيندڙ خونريزي ۽ تشدد جي مذمت ڪئي آهي ان هوندي به ڪنهن پابنديءَ جو ذڪر ناهي ڪيو ويو. اولهه جا ملڪ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان شام جي صورتحال جي باري ۾ هڪ ‎ٺهراءُ منظور ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ هئا ليڪن کين روس طرفان ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪرڻ جو خطرو هو. اولهه جي سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته اهي روس طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جي مواد بابت ڳالهه ٻولهه ڪندا. روس طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ شام جي حڪومت ۽ مخالفن کي ساڳي سطح تي رکيو ويو آهي، اولهه جا ملڪ ڪيترن ئي مهينن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي شام خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا هئا ليڪن هر ڀيري چين ۽ روس اهڙي ڪنهن قدم کي ويٽو ڪيو. شام ۾ ويجهڙ ۾ ٿيل تشدد جي واقعن ۾ فوجي باغين سيڪيورٽي فورسز جي 27 اهلڪارن کي ماري وڌو. لنڊن ۾ قائم شام جي انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو ڏاکڻي صوبي ديرعا ۾ ماريا ويا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو