Home / افيئر / 2011: دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ ڪتاب!
above article banner

2011: دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ ڪتاب!

2011 ۾ کوڙ سارا ڪتاب شايع ٿيا، اڪنامسٽ جن ڪتابن کي بهترين قرار ڏنو تن ۾ چين، ڪانگو، افغانستان، پاڪستان، چارلس ڊڪنز، ونسنٽ وان گو وغيره بابت ڪتاب شامل آهن. سياست ۽ سياسي صورتحال بابت جن ڪتابن کي بهترين قرار ڏنو ويو انهن ۾ Exceptional people- How Migration Shaped our world and will define our future. به آهن. انهن ڪتابن جا ليکڪ ايان گولڊين جيوفري ڪيمرون ۽ ميرا بالا راجن آهن. هن لڏپلاڻ ۽ ترڪ سڪونت جي سمورن پهلوئن جو جائزو ورتو ويو آهي. Tide Players- The Movers and Shakers of A Rising China. جنهن جو ليکڪ جيان بنگ زا آهي. هُو بيجنگ ۾ پيدا ٿيو هو. مذڪوره ڪتاب کي چين بابت انتهائي اهم ڪتاب قرار ڏنو ويو آهي.

Pakistan A Hard Country جو ليکڪ اناتولي لائي وين آهي. هُو ٽائمز جو اڳوڻو رپورٽر آهي ۽ اڄ ڪلهه ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ پڙهائي ٿو. هُن پاڪستان جو به کوڙ ڀيرا سفر ڪيو آهي ۽ زندگي جي هر طبقي جي ماڻهن سان پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي اٿس. هِن ۾ موضوع جي عمران سمورن پيچيدگين جو احاطو ڪيو ويو آهي.

ڪانگو ۾ 15 سال کان جيڪا خطرناڪ ويڙهه جاري آهي اها جديد دور جي انهن جنگن مان آهي جيڪي تمام گهڻيون پُرتشدد آهن. Dancing In The Glory Of Monsters. هن موضوع جو مڪمل احاطو ڪري ٿي. هِن جو ليکڪ جيسن اسٽرنز آهي هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن جنگ جي پويان ڪهڙيون سماجي ۽ سياسي قوتون ڪار فرما آهن. هي جنگ پاڙيسري آفريقي ملڪن تائين به ڦلهجي چڪي آهي ۽ هن مهل تائين 50 لک ماڻهو مارجي چڪا آهن.

Cables From Kabul افغانستان جي باري ۾ اولهه جي نقطئه نظر بابت مختلف ڪتاب آهي. هن جو ليکڪ شيرارڊ ڪائوپرڪولز آهي. جيڪو اتي برطانيا جو سفير رهي چُڪو آهي. هُو هن ملڪ ۾ اولهه جي پاليسين اولين مخالف آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن ملڪ ۾ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ جيڪا فوجي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي اها انتهائي ناقص ۽ غلط آهي.

The nine Eleven Wars جي ليکڪا جيسن برڪي آهي. هن “وار آن ٽير” جو بي رحمي ۽ کليل انداز ۾ جائزو ورتو آهي. گارجين جي لاءِ ڪم ڪندي هن افغانستان، پاڪستان ۽ وچ اوڀر جي ڪوريج ڪئي. هُو تڪرارن جي سڀني مرحلن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هُن با اختيار حڪمرانن کي نه بلڪه انهن تڪرارن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو جن مشڪلاتن کي مُنهن ڏين ٿا ان کي فوڪس ڪيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو