Home / ڪور افيئر / آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءُ بلوچستان مسئلو: حامي ۽ مخالف دوبدو
above article banner

آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءُ بلوچستان مسئلو: حامي ۽ مخالف دوبدو

 

 

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ 17 فيبروري 2012 تي هڪ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي ته بلوچ عوام کي پنهنجي لاءِ آزاد ملڪ جو حق حاصل آهي

.

 

ان ٺهراءُ مطابق بلوچ عوام کي تاريخي طور تي خود اراديت حاصل آهي. ٺهراءُ ۾ وڌيڪ چيو ويو  آهي ته بلوچستان هن وقت پاڪستان، ايران ۽ افغانستان ۾ ورهايل آهي ۽ بلوچ عوام کي حق حاصل نه  آهن. اهو ٺهراءُ ري پبلڪن جماعت جي نمائندي ڊينا روبارڪر جمع ڪرايو آهي. روبارڪر پرڏيهي مامرن جي ذيلي ڪميٽي جو چيئرمين پڻ آهي. هن ويجهڙ ۾ ئي پرڏيهي مامرن جي ڪميٽي ۾ بلوچستان جي معاملي تي عوامي ٻڌڻي پڻ ڪرائي هئي ۽ ان تي به پاڪستان تمام گهڻي تنقيد ڪئي هئي. اوباما انتظاميا ان ٻڌڻي ۾ آمريڪي موقف پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به نه موڪليو هو ۽ اهو پڻ چيو هو ته بلوچستان پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي.

بلوچستان جي عوام جي حق خود اراديت لاءِ پيش ٿيل ٺهراءُ ڄڻ ته ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان حڪومت ان کي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو ته خيبرپختونخواه اسيمبلي ۾ ان خلاف تحريڪ التوا جمع ڪرائي وئي. بلوچ قومپرست حلقن طرفان ان ٺهراءُ جي آجيان ڪئي پئي وڃي. ليڪن چيف آف سراوان وزير اعليٰ بلوچستان نواب محمد اسلم رئيساڻي آمريڪي ڪانگريس ۾ بلوچستان ۾ آجپي پسندن جي حمايت ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ جي مذمت ڪندي ان کي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان حوالي سان آمريڪي حڪومت سان باقاعده احتجاج ڪيو وڃي. هن آمريڪي حڪومت کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان مخالف آمريڪي سينيٽرن ۽ ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان مخالف سرگرمين کان پري رکيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ ريپبلڪن ڪانگريس ميمبر ڊينا روبارڪر جي مذڪوره ٺهراءُ کي رد ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر جان مينگل خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان بلوچ قوم کي آمريڪي امداد جو طعنو نه ڏئي. ڇو ته سندن سياسي ۽ عسڪري قيادت هميشھ اُن آڏو گوڏا کوڙيا آهن. ڪشمير لاءِ حق خود اراديت کي جائز سمجهندڙن کي بلوچستان جي حق خود اراديت تي تڪليف سمجهه کان ٻاهر آهي. آمريڪا ۾ ٺهراءُ پيش ٿيڻ تي گوڙ ڪندڙ بلوچستان ۾ ٿيندڙ بلوچ قوم جي نسل ڪشي تي زبان کولين ها ته اڄ شايد کين گوڙ ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل ان ٺهراءُ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ رد عمل تي حيرانگي ظاهر ڪندي چيو ته ان ٺهراءُ تي پاڪستان ۾ تمام گهڻو گوڙ ڪيو پيو وڃي، حڪومت ته پنهنجي جاءِ تي سمورين سياسي ڌرين به ان کي وڏو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي. اڳوڻن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن جي ڪردار جي ڪري ئي بلوچ نوجوانن ۽ بزرگن جا لاش پاڪستان ۽ بلوچستان جي وچ تي پيا آهن، جيڪو رت وهايو ويو آهي ان ٻنهي جي وچ ۾ مفاصلا وڌائي ڇڏيا آهن. مونکي نٿو لڳي ته حڪمرانن جي نيت ۽ روين ۾ ڪا تبديلي آئي آهي ۽ اهي رويا ۽ سندن مقصد ايئن ئي رهيا ته بلوچستان اڃا به پري هليو ويندو. سردار اختر جان مينگل چيو ته مونکي حيرت آهي ته پاڪستان جي ادارن ۽ سياسي ڌرين کي ان ٺهراءُ جي ڪهڙي لفظ تي اعتراض آهي، حق خود اراديت تي يا بلوچستان تي؟ جيڪڏهن لفظ حق خود اراديت تي اعتراض آهي ته اهو گڏيل قومن جي چارٽر جو حصو آهي ۽ پاڪستان پاڻ به گڏيل قومن جو ميمبر آهي. جيڪڏهن کين اهو اعتراض آهي ته حق خود اراديت جو لفظ بلوچستان لاءِ استعمال ڪيو ويو ته پاڪستان جا حڪمران 1948ع کان وٺي ڪشمير جو نعرو هڻي رهيا آهن. اهو ڪشمير جيڪو متحده هندستان جو حصو هو، جڏهن حق خود اراديت  انهن لاءِ جائز آهي ته پوءِ بلوچستان لاءِ ڇو نه، جيڪو ڪڏهن به متحده هندستان جو حصو هو ئي نه؟ هن اهو سوال اٿاريو ته آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ حالتون ۽ م موقعا ڇو مهيا  ڪيا ويا. 62 ورهين کان بلوچستان سان جيڪو ڪجهه ٿيو. ان وقت گوڙ ڪندڙن پنهنجون زبانون ڇو بند رکيون هيون؟ انهن پنهنجي اکين تي ڇو پٽي ٻڌي ڇڏي هئي؟ جيتري قدر ان ٺهراءُ جو تعلق آهي ته اسان في الحال ان کي هڪ سٺي پيشرفت سمجهون ٿا. ان ۾ فقط بلوچ عوام جي حق خود اراديت جي ڳالهه ناهي بلڪه بلوچستان ۾ جيڪا بلوچ قوم جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ان کي مدنظر رکندي اها قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته انهن سياسي ۽ مذهبي قوتن ۽ اسلام  آباد جي حاڪم قوتن کي بلوچستان ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آمريڪا ۾ صرف پيش ٿيندڙ ٺهراءُ ته ٻڌڻ ۾ آيو ليڪن هتي گولين سان پروڻ ٿيل لاش، بلوچستان جي هر گهر ۾ وڇايل تڏو کين نظر نٿو اچي. اڄ عالمي سطح تي بلوچ قوم جي موقف کي تسليم ڪرڻ اسان جي شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي ۽ اسان جي قومي جهدوجهد جو حاصل آهي.

بلوچ قومپرست اڳواڻ حيربيار مري بلوچستان جي حق ۾ آمريڪي ‎ٺهراءُ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ جهڙي ريت ظلم ۽ جبر جي بازار گرم آهي ان جي مدنظر اهڙو ٺهراءُ ڪافي اڳ اچڻ کپندو هو. اهو بل اچڻ خوش آئند آهي. ليڪن اسان اهو واضح ڪرڻ ٿا چاهيون ته بلوچ ڪنهن جي ٽيڪ تي نه هلندا، بلوچ پاڻ ۾ صلاح مشورا ڪري رهيا آهن ۽ زميني حقيقتن کي اڳيان رکندي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندا. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي غلطي هڪ ڀيرو ڪري چڪا آهيون ۽ هاڻي ان قابض ايوان ۾ نه وينداسين ۽ هينئر جيڪي بلوچ پارليامينٽ ۾ موجود آهن تن کي پڻ مشورو ڏيان ٿو ته اهي پارليا مينٽ تان استعيفيٰ ڏئي بلوچ قومي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃن. برهمداغ بگٽي جي پارٽي جي ترجمان شير محمد بگٽي پڻ مذڪوره آمريڪي ٺهراءُ جي آجيان ڪندي چيو ته اڄ بلوچ قوم پنهنجي عالمي حيثيت مڃرائي ورتي آهي. آمريڪا کانپوءِ برطانيا کي پڻ بلوچ قوم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي سلسلي ۾ پهل ڪرڻ گهرجي.

نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل اڪبر بگٽي خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته بلوچستان جي حق ۾ آمريڪي ٺهراءُ پيش ٿيڻ تي خيبرپختونخواه کان و‎ٺي ڪراچي تائين ڄڻ باهه لڳي وئي آهي. جيڪي ماڻهو آمريڪي مداخلت جون دانهون ڪن ٿا اهي اهو ڇو ٿا وساري ويهن ته 1952ع کان وٺي هن وقت تائين آمريڪا پاڪستان جي هر معاملي ۾ مداخلت ڪندو آيو آهي، جتي هڪ ٺهراءُ تي ايترو گوڙ ڪيو وڃي ٿو اتي بلوچ عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد تي ڇو خاموش تماشائي بڻيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو ته موجوده نام نهاد چونڊيل نمائندن وٽ بلوچن سان ڳالهين ڪرڻ جو ڪو مئنڊيٽ ناهي، ڳالهيون ته منهنجي والد شهيد نواب اڪبر بگٽي سان به ڪيون ويون هيون پوءِ ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟ کيس شهيد ڪيو ويو. شيري رحمٰن 17 مارچ 2005 تي ٿيندڙ واقعي کانپوءِ ڊيره بگٽي جو دورو ڇو وساري ويٺي آهي، جتي هن پنهنجي اکين سان عورتن ۽ ٻارن جا لاش ڏٺا هئا پر اقتدار ۾ ايندي ئي هو ظلم ۽ جبر وساري ويٺي آهي.

خان آف قلات سليمان دائود خان بلوچستان جي حق خود اراديت جي حوالي سان آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ٿيل ‎ٺهراءُ جي آجيان ڪندي چيو ته اهو ٺهراءُ پرڏيهه ۾ ويٺل بلوچ قيادت جي جهد مسلسل ۽ بلوچ قوم جي قربانين جو نتيجو آهي جو عالمي قوتون هاڻي سنجيدگيءَ سان بلوچستان جي مسقتبل جي باري ۾ سوچي رهيون آهن. اهو جيڪو آواز اٿيو آهي اهو به جرمني جي شهر برلن ۾ اسان جي ملاقاتن ۽ حڪمت عملي جو ثمر آهي.

ٻئي طرف سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سياسي قوتن طرفان بلوچستان بابت آمريڪي ٺهراءُ تي سخت ردعمل بنا جواز آهي. ڇو ته آمريڪا ۾ ڪنهن به ميمبر طرفان ڪو به ٺهراءُ پيش ڪرڻ ان جو جمهوري ۽ آئيني حق هجي ٿو. ان تي اڃا بحث ٿيڻو آهي. ڏسجي ته اهو ٺهراءُ منظور ٿئي ٿو يا رد ڪيو وڃي ٿو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو