Home / ڪور افيئر / اختر مينگل چوي ٿو بلوچستان جي ڌرتي صرف بلوچن لاءِ آهي
above article banner

اختر مينگل چوي ٿو بلوچستان جي ڌرتي صرف بلوچن لاءِ آهي

 

ڇنڇر 18 فيبروريءَ تي رات جو 11 هين وڳي کانپوءِ پاڪستان جي مختلف ٽي وي چينلز جڏهن آمريڪي سينيٽ ۾ بلوچستان جي عوام کي حق خود اراديت ڏيڻ جي قرارداد پيش ڪرڻ بابت بريڪنگ نيوز هلائڻ شروع ڪئي ته لڳو ته ڄڻ بلوچستان جو مسئلو پهريون ڀيرو پاڪستان مان لوڙها لتاڙي وڃي دنيا جي ايوانن ۾ دانهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته “حق خود اراديت” آهي ڇا؟ پاڪستان 1948 ع ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ ڪشمير بابت جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو هو ان جو مول مقصد اهو هو ته ”ڪشميري عوام کي خود اراديت جو حق ڏنو وڃي” خود اراديت جي سياسي اصطلاح کي انهيءَ سينس ۾ ورتو ويندو آهي ته هر هڪ شخص کي اهو حق  آهي ته هو ڪنهن رياست ۾ رهي يا ان کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي علحدگي اختيار ڪري. پاڪستان جي اختيار ڌڻين کي ڇاڪاڻ ته يقين آهي ته جيڪڏهن ڪشمير جي عوام کي اهو حق حاصل ٿيو ته اهي يقيناََ پاڪستان جي چونڊ ڪندي انڊيا جي رياست کان لاتعلقي جو اظهار ڪندا. اهو ئي سبب آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي جيڪو اسان حق ڏيارڻ لاءِ گذريل 64 سالن کان مطالبو ڪري رهيا آهيون. بلڪه مطالبي کان به عملي جهدوجهد ڪري رهيا آهيون. اهو حق جڏهن پنهنجي ملڪ جو ڪو صوبو يا عوام گهري ٿو ته اسين تپي باهه ٿيو وڃون ٿا. “سنڌ کي خود اراديت جو حق ڏنو وڃي” 17 فيبروري 2012 تي سائين جي ايم سيد جي سالگره واري تقريب ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو سمورين قوم پرست ۽ روشن خيال ڌرين آڏو مطالبو ڪيو هو.” پر جيڪڏهن انهيءَ مطالبي کي ڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ تسليم ڪيو يا حمايت ڪئي ته غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ فيڪٽرين جا منهن کلي ويندا.

 

هڪ سياسي رپورٽر جي حيثيت سان منهنجي لاءِ اهو چيلينج هو ته آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل ٺهراءُ واري انهي اسٽوري بابت ڪنهن بلوچ قوم پرست اڳواڻ جا ڪمينٽس شامل ڪجن. پر مسئلو اهو هو ته بلوچ قيادت اڪثر جلاوطن آهي. جڏهن ته سردار عطاءُ الله مينگل، سردار شير باز مزاري هونئن ته ڪراچي ۾ موجود آهن پر انهن جي عمر هاڻ کين ايتري اجازت نٿي ڏئي ته اهي رات دير تائين جاڳن ۽ وري پريس سان ڳالهائن. مون مٿين ٻنهي اڳواڻن سان فون ذريعي رابطي جي ڪوشش ڪئي. جواب مليو ته “سردار صاحب آرامي آهن” هاڻي منهنجو ٽارگيٽ بي اين پي جو اڳواڻ سردار اختر جان مينگل هو. مون بي اين پي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر حميد ساخبا سان رابطو ڪري سردار صاحب جو دبئي ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيليفون نمبر هٿ ڪيو ۽ نمبر ملايو. رات جا ساڍا ٻارنهن ٿي رهيا هئا. بهرحال خوش قسمتيءَ سان نمبر سردار اختر جان پاڻ کنيو. خوش خير عافيت دوران ئي لهجو سڃاڻيندي مونکي چيائين ته “سائين لڳي ٿو ته اوهين سنڌي آهيو” پوءِ سنڌي ۾ ئي ڳالهايو. مون سندس ٿورومڃيندي ساڻس “افيئر” لاءِ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا هتي جيئن جو تيئن ڏجي ٿي.

افيئر: آمريڪي ايوان نمائندگان  بلوچستان جي عوام کي خود اراديت جو حق ڏيڻ جي قرارداد پيش ڪئي آهي، اوهان انهيءَ فيصلي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

اختر مينگل: اسين انهيءَ فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. 62 سالن جي جهدوجهد کانپوءِ آمريڪي عوام اسانکي انسان هجڻ جو حق ڏنو آهي. آمريڪا جنهن سان اسانجو ڪو به رشتو ناهي، نه مذهبي لاڳاپا آهن ۽ نه ئي وري ڪي خوني رشتا. پر انهن 62 سالن کانپوءِ اسانکي انسان هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي. اسلام جي قلعي ۾ رهندڙن ته اسانکي ڪڏهن انسان به نه سمجهيو آهي. جيڪو اسانجي ڦٽن تي مرهم رکندو، اسانجي جهدوجهد جي حمايت ڪندو ته اسان ان جي آجيان ڇو نه ڪنداسين. جڏهن اسانجي نوجوانن جا چچريل لاش ملي رهيا هجن. اسانجا ننگ محفوظ نه هجن، سوين سياسي ڪارڪن لاپته هجن ته اهڙي صورتحال ۾ اسانجي ڳالهه ڪندڙ آمريڪي قرارداد کي اسان پنهنجو اوآز ۽ پنهنجي جهدوجهد لاءِ هڪ قوت محسوس ڪريون ٿا.

افيئر: آمريڪا طرفان قرارداد پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ناهي. خاص طور اهڙو ملڪ جيڪو آمريڪا جو اتحادي آهي. ڇا انهيءَ قرارداد سان ٻنهي ملڪن جي پهرين کان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن تي وڌيڪ خراب اثر نه پوندا؟

اختر مينگل: اوهان ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته پاڪستان ڪير آهي ۽ آمريڪا ڪير آهي. ڪو به ٻار پنهنجي پيءُ کي اهو نٿو چئي سگهي ته سندن گهريلو معاملا الڳ آهن. پاڪستان جي سياست، اقتصاديات ۽ دفاع تي آمريڪا جو ڪيترو اثر آهي. اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ڪانهي. ٻنهي ملڪن کي الڳ ڪري ٻڌائڻ سان ڪنهن کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. هي سال 2012 آهي. پر بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جو اسان بنياد 1988ع ۾ وڌو هو. گذريل 30 سالن کان بي اين پي جو اهو واضح مطالبو رهيو آهي ته بلوچستان کي خود اراديت جو حق ڏنو وڃي. جيڪڏهن پاڪستان جي مقتدر قوتن کي لفظ “خود اراديت” کان چڙ آهي ته پوءِ اهي ساڳيو مطالبو ڪشمير لاءِ ڇو ڪندا رهيا آهن.

افيئر: بلوچستان جي جهدوجهد بابت اهو واضح الزام هنيو پيو وڃي ته ان ۾ ڀارت ملوث آهي. وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني گڏيل قومن ۽ ڀارتي وزير اعظم من موهن سان ڪيل ملاقات دوران اهڙو الزام هڻي چڪو آهي. هاڻي جڏهن اوهان ڪشمير وارو مطالبو بلوچستان بابت ڪري رهيا آهيو ته پوءِ ڇا ڀارتي مداخلت واري الزام کي هٿي نه ٿي ملي؟

اختر مينگل: قرارداد آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ٿي آهي. جيڪڏهن ڀارتي پارليامينٽ ۾ ٿئي ها ته پوءِ توهان ڀارت بابت الزام لڳائي پئي سگهيا. افسوس آهي ته اسانجي جهدوجهد 62 سالن کان هلي رهي آهي. اها ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي اچي. پهرين عالمي جنگ، ٻي عالمي جنگ، پاڪستان جي ڀارت سان هلندڙ ۽ ماضي واريون جنگيون سڀ سمجهه ۾ اچي ويون پر بلوچستان ۾ هلندڙ جنگ ۽ جهدوجهد ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. بلوچستان جي تحريڪ نه ته ڪنهن جي چوڻ تي شروع ٿي آهي نه ئي ڪنهن جي مخالفت ۾ آهي. اسانکي ڪنهن به ملڪ يا عالمي قوت جي هرگز پشت پناهي ڪونهي. اسين هي جنگ پنهنجي ٻانهن جي طاقت جي زور تي پنهنجي مفادن ۽ حقن  لاءِ وڙهي رهيا آهيون. انڊيا سان ڪنهن جا لاڳاپا آهن. ڪير اتان ڪهڙيون مراعتون حاصل ڪري رهيو آهي اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي. اسلامي قلعي ۾ رهندڙن لاءِ اسانجي حقن جي ڳالهه ته پري آهي اسانکي ڪڏهن انسان ئي نه سمجهيو ويو آهي. اسانجي خلاف ڪيترا رياستي آپريشن ڪيا ويا. اڄ به اسانجا نوجوان پهاڙن تي ويٺل آهن. اڄ به هزارين سياسي نوجوان قيد آهن. اسانجي نياڻين جي بي حرمتي ڪئي وڃي ٿي. بلوچ معاشري ۾ عورت جي ناموس جي وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. پر اسانجون مائرون ڀينرون محفوظ ڪونهن. هڪ بلوچ جي عزت نفس تي حملا ڪيا پيا وڃن. اسانجي منزل مقصود ملڻ تائين اسانجي جهدوجهد هاڻي رڪجي نٿي سگهي.

افيئر: بلوچن جي منزل مقصود ڪهڙي آهي؟ جنهن لاءِ اوهان جو چوڻ آهي ته انهيءَ منزل تائين ضرور پهچڻو آهي.؟

اختر مينگل: اسانجي منزل مقصود اها منزل آهي جتي بلوچ جي عزت نفس تي حملا نه ٿيندا هجن. اها منزل جتي پوڙهي ماءُ کي جوان پٽ ۽ جوان ماءُ کي پنهجي معصوم ٻار جو لاش نه کڻڻو پوي ڪنهن ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ کي ان ڪري سگهارا ادارا گاڏين ۾ ٻڌي نه گهلين ته سندن پٽ، ڀاءُ، پيءُ بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڇو ٿو ڪري. جتي بلوچ جي پڳ محفوظ هجي. اسانکي ڪنهن جي پڳ ۾ هٿ وجهڻ جي هرگز ضرورت ڪانهي پر اسانکي اسانجي پڳ محفوظ هجڻ جي گارنٽي کپي. اسان رکي سکي ماني ته کائي سگهون ٿا پر پنهنجي ننگن ۽ پنهنجي پڳ جي حفاظت چاهيون ٿا. بلوچن هزارين سال پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي آهي. اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪنهن به ڌارئي کي برداشت نه ڪنداسين. اها ڪهڙي ترقي آهي ته بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪري انهن جي زمينن تي قبضا ڪري اتي محل بڻايا وڃن. اسين پنهنجي وسيلن مطابق زندگي گذارڻ جا حامي آهيون. اسين پنهنجي حال تي خوش آهيون. اسانکي اسلامي قلعي وارن جي ترقي نه کپي. بلوچستان جي ترقي جون سڀ دعوائون ڪوڙيون آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو