Home / افيئر / بدين اوپن جيل، جنهن ۾ ڏوهاري اشراف بڻيا
above article banner

بدين اوپن جيل، جنهن ۾ ڏوهاري اشراف بڻيا

ملڪ جي اڳوڻي آمر صدر جنرل ايوب خان جنهن ڪوٽڙي بئراج مان نوان ڪئنال ۽ واهه کوٽائي سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي سنڌ جي ڏاکڻي دنگ رڻ ڪڇ جي ڪنڌي تائين سنڌين جي ڀلائي ۽ لاڙ کي آباد ڪرڻ لاءِ نه پر بنگال سميت ٻين صوبن جي لکين سيٽلرن ۽ رٽائر فوجين کي ڏاکڻي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري مقصد لاءِ جنگي بنياد تي کوٽايا هئا. جنهن جو هڪ ثبوت لائيڊ چئنل (اڪرم واهه) مين ڪئنال آهي. جنهن کي سرن سان پڪو تعمير ڪيو ويو ۽ هن ئي مين ڪئنال جي واهن جي پاڻي تي بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين رٽائرڊ فوجين ۽ پنجابي، پٺاڻ ۽ بنگالي سيٽلرن کي مفت ۾ ڊفينس ۽ عام نيلام وارن ڪارن قانونن تحت الاٽ ڪئي ويئي. پر ڪوٽڙي بئراج جي واهن جو اهو پاڻي لکين مسڪين لاڙ واسين لاءِ 60 واري ڏهاڪي کان هڪ امرت ثابت ٿيو ۽ لاڙ ۾ سبز انقلات اچي ويو. اهڙي طرح ايوب خان 62-1961ع ۾ بدين اوپن جيل خبر ناهي ڪهڙي مقصد لاءِ قائم ڪيو هو. پر هي کليل جيل سنڌ جي جنم ٽيپ وارن قيدين  لاءِ شروع وارن ڏينهن ۾ هڪ بهترين جيل ثابت ٿيو ۽ هن جيل ۾ جيڪي به قيدي ايندا هئا، اهي نه فقط آساني سان جيل واري علائقي ۾ آزادي سان گهمي ڦري سگهندا هئا. پر اهي پنهنجي مٽن مائٽ ۽ دوستن سان ملاقات ۽ ڊگهيون رهاڻيون ڪري سگهندا هئا. پر ڪيترائي قيدي جيل لڳ پنهنجا ڪچا گهر ٺاهي ٻار ٻچن سان گڏ رهڻ لڳا ۽ ڪيترن قيدين انهي کليل جيل ۾ شاديون پڻ ڪيون.

چيو وڃي ٿو ته اهڙا اوپن جيل سڄي دنيا ۾ ٻه عدد آهن. انهن مان هڪ جيل فرانس ۾ ۽ ٻيو هي جيل بدين تعلقي ۾ آهي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته اڳوڻي مرهيات صدر جنرل ايوب خان ان وقت پنهنجي فرانس واري هڪ پرڏيهي دوري ۾ فرانس جي ان اوپن جيل جو دورو پڻ ڪيو هو. ان جيل کان متاثر ٿي هن بدين ۾ اهو جيل قائم ڪيو. بدين تعلقي جي موجوده يوسي سيراڻي جي ديهه چيل ۾ قائم ٿيل ان اوپن جيل لاءِ 1408 ايڪڙ زرعي زمين الاٽ ۽ 592 ايڪڙ ليز ڪري مختص ڪئي وئي. ان ڄاڻايل زمين کي قيدين هٿان آباد ڪرائڻ لاءِ قاضيا سب ڊويزن جي قاضيا ڪئنال مان هڪ الڳ شاخ گُڙهو مائنر پڻ کوٽائي ويئي، جيل جي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ جيل جا پنهنجا چار عدد الڳ واٽر ڪورس ۽ ٽن ٻين ڪڙين تي جيل جي زرعي زمين جي حصيداري واري پاڻي جي پيچ چڙهيل آهي. قيدين هٿان جيل جي زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ شروع ۾ هڪ رپورٽ موجب ٽي عدد ٽريڪٽر، ڍڳن جا 14 جوڙا، ٻه ڏاند گاڏيون هڪ ٽريڪٽر ٽرالي، ڪمند کي پيڙي ڳڙ ٺاهڻ جو هڪ ڃيچڙو، لوهار خانو، واڍڪو ڪارخانو، درزي خانو، ڌوٻي خانو، ۽ ٻيا ڪيترائي زرعي اوزار هوندا هئا. هن ئي جيل ۾ پنهنجي جنم قيد واري سزا پوري ڪري، 80 واري ڏهاڪي ۾ آزاد ٿي ڪڍڻ شهر ۾ آباد ٿيندڙ اڳوڻو قيدي محمد صديق سنڌو هوٽل وارو جيڪو هن بدين واري اوپن جيل ۾ پنهنجي ڪٽنب سان رهندو هو، جنهن کي هن ئي جيل ۾ پنهنجو هڪ پٽ قيد دوران ڄائو ۽ ان سال هن کي آزادي پڻ نصيب ٿي. جنهنڪري هن پنهنجي پٽ جو نالو آزاد رکيو، سندس پٽ آزاد هن وقت وٽنري ڊاڪٽر آهي. محمد صديق “افيئر” کي ٻڌايو ته اسانجي وقت ۾ اٽڪل 400 کن قيدي هوندا هئا، جيڪي اٽڪل 1500 ايڪڙ زرعي زمين آباد ڪندا هئا. زرعي فصل ۾ ساريال، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون پوکيون وينديون هيون. زرعي اپت بابت هو ٻڌائي ٿو ته، هر سال اٽڪل ڏهه هزار مڻ ساريون، اٽڪل 30 هزار مڻ کان وڌيڪ ڪمند ۽ اٽڪل 15 کان 20 هزار مڻ ڪڻڪ ۽ سوين مڻ سايون ڀاڄيون پيدا ٿينديون هيون. شروع ۾ هن جيل جو انتطام هلائڻ لاءِ جيل واري کاتي طرفان اٽڪل 100 جي لڳ ڀڳ اسٽاف مقرر ٿيل هو. جنهن ۾ هڪ جيل سپرنٽينڊنٽ، هڪ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ، هڪ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ (جيلر) ڪلرڪ، هڪ ميڊيڪل آفيسر، هڪ ڊسپينسر، ٽريڪٽر ۽ جيپ جا ڊرائيور، 20 جيل پوليس جا سپاهي، چار حوالدار، هڪ اسڪول ماستر، هڪ مسجد جو خطيب مولوي، چار صفائي واري عملي جا ملازم وغيره شامل هئا. 70 واري ڏهاڪي ۾ ٻچڙيوال قيدين جي ٻارن جي تعليم لاءِ هڪ پرائمري اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڇوڪرن سان گڏ قيدين جون نياڻيون پڻ ان اسڪول ۾ تعيلم حاصل ڪنديون هيون. ان پرائمري اسڪول ۾ قيدين جي ٻارن سان گڏ ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ٻار پڻ تعليم حاصل ڪندا هئا. اهڙي طرح سٺ ستر ۽ اسي وارن ٽن ڏهاڪن جي اٽڪل 30 سالن تائين بدين جو هي اوپن جيل فرض شناس، جيل سپرنٽينڊنٽ جي جاکوڙ ۽ قيدين جي محنت سان هڪ ڪامياب ۽ اصلاحي جيل ثابت ٿيو. جو هي جيل نه فقط هن جيل جي سڀني قيدين جي کاڌي خوراڪ سميت سمورن خرچن ۾ پاڻڀرو ٿي ويو. پر هر سال زرعي فصل جي اپت بچت جا لکين روپيه هر سال جيلن واري کاتي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪيا ويندا هئا.

رپورٽ موجب ماضي ۾ هي جيل عروج واري ڏينهن ۾ سنڌ جي ٻين جيلن جي قيدين لاءِ راشن پڻ فراهم ڪندو هو. هن جيل جي عروج وارن ڏينهن جو هڪ گواهه بدين جو صحافي ظهير حسين حيدري پڻ آهي. جيڪو پنهنجي جواني ۾ 1976 ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي خاص مهربانين سان اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ (جيلر) بڻيو. کيس اها نوڪري شهيد ڀٽي پيپلز پارٽي بدين جي باني اڳواڻ سندس والد مرحوم ڪامريڊ نذير حسين حيدري جي ڪري ڏني هئي. ساڳي سال 1976ع ۾ هو اوپن جيل بدين جو جيلر مقرر ٿيو. هن پنهنجون ساروڻيون ساريندي “افيئر” کي ٻڌايو ته اوپن جيل بدين ۾ مزا هوندا هئا. انهيءَ جيل ۾ مون اٽڪل 2 سال نوڪري ڪئي. جيل بدين کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر پري هڪ جهنگ ۾ هو جتي نج ٻهراڙي وارو ماحول هئڻ ڪري پهرين ڪجهه مهينن تائين سخت تڪليف ٿي. روڊ رستا ڪچا هئڻ ڪري جيل کان سيراڻي شهر ۽ ڪڏهن ڪڏهن بدين شهر تائين پهچڻ لاءِ اسانکي ڏاند گاڏين ۾ سفر ڪرڻو پوندو هو. پر ان جيل ۾ اهڙيون ته رونقون هيون جو جهنگل ۾ منگل لڳا پيا هئا. قيدين کي مڪمل آزادي هئي، قيدي ڏهاڙي 7-6 ڪلاڪ مشقت ڪندا هئا. گهڻو ڪري سڀني قيدين کان زرعي فصلن جي پوکائي هارپي واري مشقت ورتي ويندي هئي. انهي جيل ۾ ڪيترائي قيدي ٻارن سان رهندا هئا. قيدين جون جيل ۾ شاديون پڻ ٿينديون هيون. رات جو راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي هئي. انهن قيدين مان ڪجهه سريلا ڳائڻا هئا. آءُ انهن محفلن جي اخبارن ۾ رپورٽنگ پڻ ڪندو هيس. کير، مکڻ ۽ اناج جام هوندو هو. قيدين ۽ آفيسرن ۾ پنهنجائپ وارو بهترين ماحول قائم ٿيل هو. ظهير حيدري ان وقت جيلر واري ملازمت سان گڏ هڪ سرگرم جيالو پڻ هوندو هو. کيس تازو نوڪري ملي هئي. هن جو اصل اباڻو گهر نندي شهر ۾ هوندو هو. 1978ع ۾ نندي شهر ۾ ٿيل هڪ روڊ حادثي خلاف شهرين هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو جنهن جنهن جلوس جي اڳواڻي ظهير حيدري ڪري رهيو هو. جيڪو ان وقت هڪ سرڪاري ملازم جيلر هو. سڄي ملڪ تي ان وقت آمر جنرل ضياءُ الحق جو  ظالماڻه مارشل لائي راڄ قائم ٿيل هو.جلسي ۽ جلوسن تي سخت  پابندي لڳل هئي. ڄاڻايل احتجاجي مظاهري جو ان وقت بدين ۾ ڪيس داخل ٿيو جنهن ۾ مک جوابدار ظهير حيدري کي نامزد ڪيو ويو. جنهن ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪري، بدين جيل ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو اهو ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ بدين ۾ چالان ٿيو جتي هر شنوائي تي کيس هٿ ڪڙيون هڻي بدين شهر جي بازار مان پيادل سمري ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو هو. ان فوجي ڪورٽ جي هڪ ميجر کيس ڏيڍ سال سخت پورهيي جي ٽيپ ٻڌائي نوڪري مان خارج ڪيو. ظهير حيدري پنهنجي ساروڻين ۾ اوپن جيل بابت اهو پڻ ٻڌايو ته ان وقت ان جيل جون تي لاڪڙ جون بهترين عمارتون ٺهيل هيون جن جي بنياد ۾ سرون لڳل هيون. انهن جاين مان هڪ سپرنٽينڊنٽ جو بنگلو، هڪ عمارت جيلر لاءِ ۽ هڪ جاءِ پوليس لاءِ هئي ۽ قيدي پنهنجا ڪچا گهر ٺاهي انهن ۾ رهندا هئا۽ ٻچڙيوال قيدين جا الڳ گهر ٺهيل هئا. جيل ۾ بجلي نه هئڻ ڪري هڪ هيوي جنريٽر پڻ هوندو هو. جنهنجي هلائڻ سان رات جو جيل روشن ٿي ويندو هو.

هن جيل جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو جڏهن کان آزادي سان گهمندڙ ڪن قيدين ان نرمي جو ناجائز فائدو وٺي، جيل مان ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه قيدي جيل اندر ۽ ڀرپاسي ۾ سنگين ڏوهه ڪرڻ لڳا. هن جيل جي اصل تباهي ان وقت شروع ٿي جڏهن 1993ع ۾ هن ئي جيل ۾ مقرر هڪ ڊاڪٽر فضل پيرزادي  جيل جي هڪ قيدي بچل ڏاهري کي نهايت سفاڪي سان ڪهي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو ۽ مقتول قيدي جو لاش ڀرواري واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. پهرين مقتول قيدي کي ڀڳوڙو ڄاڻايو ويو بعد ۾ ان جي جسم جا عضوا واهه مان ملڻ بعد ان قاتل ڊاڪٽر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.ان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي بعد جيل جو ماحول وڌيڪ بگڙي ويو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين هن جيل مان اٽڪل 112 قيدي مبينا طور فرار ٿي ويا. 1996ع ۾ هڪ قيدي حاجي مغيري جيل مان فرار ٿي ويو. جنهن قيدي جي فرار ٿيڻ جي الزام ۾ جيل جي هڪ سپاهي ۽ ٻن حوالدارن خلاف غفلت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جنهن سان جيل پوليس ۾ پڻ بيچيني وڌي وئي ۽ هن جيل جا گهڻا پوليس وارا پڻ بدليون ڪرائي ڀڄڻ لڳا. جيئن ته قاعدي موجب شروع ۾ سنڌ جي ٻين مختلف جيلن مان سٺي ساک وارن قيدين کي هن اوپن جيل ۾ آڻي انهن کان پاڪ ڪتاب تي حلف کڻايو ويندو هو ته اهي هن کليل آزاد جيل مان پنهنجي سزا پوري ٿيڻ کان اڳ هرگز نه ڀڄندا. ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث نه ٿيندا، ڪم ڪار کان انڪار نه ڪندا. ڪنهن به قسم جي گروپ بندي نه ڪندا وغيره. پر هن جيل جي ڪن قيدين ان کليل حلف نامي جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ 90 واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جيل انتظاميا جي قيدين تي گرفت ايتري حد تائين ختم ٿي وئي جو ساليانو لکين روپيا بچت واري اپت ۽ آمدني ڏيندڙ نرالو جيل علائقي ۾ ڏوهن جو مرڪز بڻجي ويو. نه فقط هن جيل ۾ منشيات جو واهپو وڌيو پر هن جيل جي ڪن قيدين پهريون ڀيرو هن علائقي جي سيراڻي ۽ ڪڍڻ وغيره جهڙن شهرن ۾ منشيات خاص طور تي چرس جو وڪرو ڪري منشيات جي زهر کي ولاسو ۽ مانڌر ۾ پکيڙڻ جو سنگين ڏوهه پڻ ڪيو. منشيات کانپوءِ هن جيل جي ڪن قيدين تي ڀرپاسي واري علائقي جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چوري ۽ کاٽ هڻڻ جا الزام پڻ لڳا. 90 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ هن ئي اوپن جيل واري علائقي ۾ هڪ  ٻيو پراسرار ۽ سنگين واقعو پڻ پيش آيو. جيل واري ديهه ڇيل جي ڀرواري ديهه گهڙٻي ۾ قاضيه واهه جي احمد شاهه موري جي ڀر ۾ اوچتو هڪ اجنبي ماڻهو حاجي لاشاري جي نالي سان ظاهر ٿيو. هي همراهه گهر ٺاهي علائقي ۾ وڏيون سخاوتون ڪرڻ لڳو. بنا ڪنهن ظاهري آمدني جي علائقي ۾ ٺٺ ٺانگر ۽ شاهاڻي طريقي سان رهڻ لڳو. هن ڪيتريون ئي خوبصورت نوجوان عورتون پنهنجي گهر ۾ رکيون. رات جو ڪن پراسرار ماڻهن جي هن جي گهر آمد پڻ ٿيندي هئي. جن ماڻهن جي مهمان نوازي لاءِ هو رات جو ٻڪر پڻ ڪهندو هو. بظاهر اڇي سونهاري وارو هي جهور پوڙهو شخص ايتري قدر دولتمند ٿي ويو جو هو پاڻ کي سخي ۽ نيڪ ماڻهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ضرورتمند ۽ غريب ماڻهن جي هزارين روپين سان مدد پڻ ڪندو هو. ڏهاڙي خيراتون ڏيندو هو. آخر ۾ هن جي گهر تي پوليس جو ڇاپو لڳو ۽ پوليس هن گهر مان زبردستي قيد ڪيل خوبصورت نوجوان ڇوڪرين جو هڪ ڌڻ هٿ ڪيو ۽ هو پاڻ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. يا بدين پوليس کيس هٿ سان ڀڄايو. آخر ۾ خبر پئي ته اهو همراهه اصل ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو ڏاڏو سڏجندڙ خطرناڪ ڌاڙيل نُورو ماڇي هو. جيڪو هتان ڀڄڻ بعد سگهوئي بدين ضلعي جي شهر ٽنڊو غلام علي لڳ هڪ سندس دوست جي دوکي سان جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. بعد ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو ته ان خطرناڪ ڌاڙيل نورو ماڇي جي ڄاڻايل گهر ۾ ان وقت جي سنڌ جي انتهائي خطرناڪ مٽياري واري ڌاڙيل محب شيدي سميت ان وقت جا ٻيا ڪيترائي خطرناڪ ڌاڙيل ايندا رهندا هئا. جيڪي کيس لکين روپين جو نذرانو پڻ ڏيئي ويندا هئا. جيتوڻيڪ خطرناڪ ڌاڙيل نُورو ماڇي جي هن علائقي ۾ اچي ديرو ڄمائڻ واري واقعي جو اوپن جيل جي قيدين سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان تعلق جو ڪو اعتماد جوڳو ثبوت “افيئر” کي ملي نه سگهيو آهي. پر مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اوپن جيل جي قيدين جي هن وٽ اچ وڃ ضرور هوندي هئي ۽ هو ڪن قيدين جي مالي مدد پڻ ڪندو هو. چيو وڃي ٿو ته خطرناڪ ڌاڙيل نورو ماڇي کي هتي ٽنڊي محمد خان جي محمد شاهه ٽڪر واري پنهنجي رشتيدار پنائي سيرن جي ديهه گهڙٻي واري قبضو ڪيل زمين جي قبضي تي آڻي ويهاريو هو.

90 واري ڏهاڪي ۾ پيش آيل مٿين واقعن کانسواءِ 80 واري ڏهاڪي کان هن جيل جي قيدين ۽ ڪن پوليس اهلڪارن ڪڪڙ ويڙهائڻ پڻ شروع ڪيا ۽ 90 واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن تائين هن اوپن جيل ۾ هر هفتي ڪڪڙن جي ميل جا وڏا آکاڙا پڻ لڳڻ شروع ٿيا. جنهن ۾ سڄي ضلعي بدين کانسواءِ پري پري جا ڪڪڙن جا سوين خفتي ان آکاڙي ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ هر هفتي لکين روپين جي جوا کيڏي ويندي هئي. جنهن برائي سان پڻ هن پرامن علائقي ۾ ڏوهن ۾ بي پناهه واڌ آئي. 1996 ۾ هڪ قيدي حاجي مغيري جي ڀڄي وڃڻ بعد جيل جي اهلڪارن تي ڪيس داخل ٿيو هڪ سپاهي ۽ ٻه حوالدار گرفتار ٿيا. اهڙي طرح 1997 ۾ هي جيل مڪمل طور تباهه ٿي عملي طرح بند ٿي ويو. هن جيل جي بند ٿيڻ تائين ان ۾ فقط چار قيدي ۽ جيل پوليس جا فقط چار سپاهي موجود هئا. انهن چئن قيدين جي به ٻين جيلن ۾ منتقل ٿيڻ بعد پويان جيل جي لکين روپين جي سامان، مشنري ۽ زمين جي سار سنڀال لاءِ فقط چار سپاهي موجود هئا. جنهنجو نتيجو اهو نڪتو ته سڄو جيل اجڙي تباهه ۽ ويران ٿي ويو جيل جي اٽڪل ٻه هزار ايڪڙ زرخيز زمين غير آباد ٿي بنجر بڻجي وئي. ٽريڪٽرن سميت ٻيو سمورو جيل جو قيمتي سامان تين وال ٿي ويو. هن وقت جيل جي هڪ ٽريڪٽر جي ڳريل ڍانچي ۽ چند پراڻن زرعي اوزارن کانسواءِ جيل واري اجڙيل وسندي ۾ پراڻن آثارن جي ٻي ڪا به شيءِ نظر نٿي اچي. جيل جي زرخيز زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بااثر سياسي ماڻهن جون نظرون کتل هيون. جيل جو واهه گڙهو مائنر پڻ آبپاشي کاتي جي بي ڌياني سبب لٽجي تباهه ٿي ويو هن واهه جو پاڻي چيلن جي زمين کانسواءِ ديهه ڇيل، ٻڏهڏي، هيڄا بصري ۽ ديهه لهڻ جي هزارن ماڻهن ۽ حيوانن لاءِ جياپو بڻيل هو ۽ هن واهه جو پاڻي سنڌ جي قومي هيري شهيد دودي سومري جي آخري آرام گاهه روپا ماڙي تائين پڻ پهچي ٿو. واهه جو اهو مٺو پاڻي بند ٿيڻ سان ڄاڻايل سڄو علائقو ويران ۽ رڻ پٽ بڻجي ويو آهي.

تازو هن سال جنوري ۾ سنڌ حڪومت هن جيل کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو تاريخي اعلان ڪيو آهي، جنهن لاءِ جيل جي وزير اياز سومري جيل جي ٻيهر بحالي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ٻه ڪروڙ روپيا جاري ڪيا آهن. جنهن رقم مان جيل جي ڪجهه عمارتن جي تعمير پڻ شروع ڪئي وئي ۽ جيل جو اسٽاف پڻ مقرر ٿيڻ شروع آهي. هيل تائين هڪ جيل سپرنٽينڊنٽ اسلم ملڪ، هڪ جيلر حسن علي، 10 پوليس سپاهي ۽ ست قيدي هن جيل ۾ پهتا آهن جيل سپرنٽيڊنٽ کي هڪ پراڊو گاڏي پڻ ملي آهي. اڏاوت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري جيل جو اسٽاف ۽ قيدي ڏهاڙي بدين کان اچ وڃ ڪن ٿا. قيدين کي ڏهاڙي بدين جيل پوليس جي موبائيل جي گاڏي ۾ آندو وڃي ٿو. جيل تائين اٽڪل 7 ڪلوميٽر روڊ ڪچو آهي هن جيل کي ڪنڊيدار تار لڳائن ۽ جيل جي زرعي زمين قيدين کان آباد ڪرائڻ جو پڻ پروگرام آهي. پر جيل جي مٿي ڄاڻايل ڪهاڻي جي مد نظر جي جيل ٻيهر اصل شڪل ۾ بحال ٿيڻ سواليه نشان بڻيل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو