Home / ڪور افيئر / بلوچستان: نيشنل مسئلي کان مصالحي تائين
above article banner

بلوچستان: نيشنل مسئلي کان مصالحي تائين

جڏهن سلاله چوڪين تي حملو ٿيو هو ته تجزيا ڪندڙن پهريان اهو چيو ته ايترا فوجي ته هر هفتي طالبان يا خيبر ايجنسيءَ ۾لشڪر اسلام ۽ انصار الاسلام وارا ماري ٿا ڇڏين تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ ان تي گهڻو گوڙ ڪانه ڪندي ۽ معاملو آهستي آهستي لئه مٽي ٿي ويندو، پراڪثر اندازا غلط ثابت ٿيا. اسٽيبلشمينٽ سلاله حملي تي ڇڙي پئي هئي. هڪ ئي وقت ميمو، سوئز ڪيس، نيٽو حملي تي ري ايڪشن بلڪل ايئن هو ڄڻ هر پاسي کان زرداري جي پارٽيءَ تي ڪتا ڇڏيا وياهجن. بس اهوئي اهو وقت هو جو سياسي پنڊتن کان ويندي عام ماڻهن تائين هر ڪنهن جو اهو خيال هو ته گيلاني سرڪار 2011 جو ڊسمبر ڪانه ڏسندي.

پر گلو گورنمينٽ سڀنيءَ کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. نه رڳو ڊسمبر گذريو، پر جنوري ۽ فيبروري گذاري اها مارچ ۾ پهچي وئي آهي. سڀنيءَ جو چوڻ هو ته سرڪار تي حملا ان ڪري ٿي رهيا آهن جو مخالف لڏو نٿو چاهي ته پيپلز پارٽي سينيٽ جون چونڊون کٽي. پ پ سرڪار هاڻي خيرن سان سينيٽ ۾ 41 سيٽن جي مالڪ آهي، هڪ اڌ آزاد همراهه به ان سان شامل ٿيڻ وارو آهي، مٿان اتحادين ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ  کي سينيٽ ۾ ٽيون نمبر اڪثريت حاصل آهي. جس ڪو قسمت رکي اس ڪو ڪون چکي!

عمران خان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شرط ئي اهو رکيو هو ته پارليامينٽ ۾ هجو ته استعيفي ڏيئي پارٽيءَ ۾ اچو ته جيئن پارليامينٽ به ڪمزور ٿئي، ميان برادرز تي به پريشر پوي ۽ اهي به استعيفي واري سناميءَ ۾ لڙهي وڃن. عمران ته مرڳو پاڻ وڃي درخواست وڌي ۽ ساهميءَ وارن به گهڻا اعتراض ڪيا ته اليڪشن ڪميشن اڃا ڪمپيوٽر واريون لسٽون نه ٺاهي سگهيو آهي، تنهن ڪري ضمني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ڪونهي. پر گيلاني سرڪار استعيفا ڏيندڙن جي خالي ڪيل سيٽن تي چونڊون به ڪرائي ڇڏيون. شاهه محمود قريشي جڪ کائي رهيو هوندو جو هن کي جيڏي تڪڙ هئي معاملا ان تيزيءَ سان گهربل رخ ۾ نه پيا وڃن. سندس پنهنجي سيٽ به پاڙيسرين وٽ هلي وئي. هن جو ۽ سموري عمران ڪمپنيءَ جو خيال هو ته ضمني چونڊون ٿي ئي ڪونه سگهنديون. استعيفائن جي سنامي ۾ نواز ليگ ۽ ٻيا به شامل ٿي ويندا نتيجي ۾ زرداري لڏي جو ڌڙن تختو ٿي ويندو. پر ايئن ڪونه ٿيو. جن ماڻهن تيزيءَ سان استعيفائون ڏيئي سناميءَ ۾ ٽپو ڏنو هو تن کي لهرون واپس ڪناري تي ڦٽو ڪري ويون آهن. سناميءَ جو رزلٽ جيتري دير ڪري رهيو آهي، هنن همراهن ۾ ايترو جهلو ڪونه ٿو ڏسجي. جيڪڏهن عام چونڊون واقعي به آڪٽوبر ۾ ڪرايون ويون جيئن ڪجهه همراهه چئي به رهيا آهن، ته ان وقت تائين توهان هڪ بدران ٻه ٽي تحريڪ انصافون ڏسندا.

ڪنهن چيو پئي ته گيلاني گورنمينٽ پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتو آهي. گيلاني گورنمينٽ جي قيمت وصول ٿي وئي آهي. هاڻي جيڪڏهن ان کي سير واهي ڇڏين ته به ڪو مسئلو ڪونه ٿيندو. جڏهن گيلاني سرڪار شروع ٿي هئي ته ماڻهن چيو پئي ته اها سرڪار چائنيز مال وانگر آهي جنهن لاءِ دڪاندار پاڻ چوندا آهن ته “چل گيا تو چل گيا نهين تو پئسي ضايع.” پر اهي ساڳيا دڪاندار اهو به چوندا آهن ته ميڊ ان چائنا سامان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو “داڻو” اهڙو نڪري ايندو آهي جو ڊگهو عرصو ڪم ڏيئي ويندو آهي. شايد قاف ليگ  ان جو سڀ کان بهتر مثال آهي.

قاف ليگ جي هڪ سينيئر ليڊر آف دي رڪارڊ ڪچهريءَ ۾ پئي چيو ته آءِ ايس آءِ جي سابق سربراهه جنرل احسان سان ويجهڙ ۾  ڪٿي ملاقات ٿي ته هو حيرت جو اظهار ڪري رهيو هو ته آخر قاف ليگ اڃا تائين ڪيئن پئي هلي. جنرل احسان جو چوڻ هو ته هن ته قاف ليگ رڳو ٻن سالن لاءِ ٺاهي هئي ۽ الائي ڪيئن  اها اٺ سال ڪڍي وئي آهي.

زرداريءَ جي ڪوشش هئي ته سينيٽ واري اليڪشن هن دفعي به اتفاق راءِ سان ٿئي پر ايئن ڪونه ٿي سگهيو. مولانا فضل الرحمان عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو واعدو ته ڪيو پر آخر تائين اي اين پيءَ کي همراهه تي اعتبار ڪونه هو. سينيٽ لاءِ پٺاڻ ووٽ هونئن به ويڪائو مال رهيو آهي. هڪ اڳوڻي اليڪشن ۾ پ پ پوري ڪوشش جي باوجود فرحت الله بابر جهڙي ماڻهوءَ کي رڳو ان ڪري ڪونه کٽرائي سگهي هئي جو سامهون واري ڌر ووٽرن کي ٿورو وڌيڪ مال ڏنو هو. مزي جي ڳالهه ته سينيٽ  جي اليڪشن  پٺاڻن جي سڀني پارٽين يا سڀني پارٽين جي پٺاڻ تنظيمن ۾ گهارا وجهندي رهي آهي. بشير بلور ڦڪائيءَ مان چئي رهيو هو ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي پر اي اين پيءَ جي ميمبرن جو سينيٽ جي اليڪشن جي معاملي ۾ رڪارڊ سٺو ڪونهي. هوڏانهن بلوچستان جي چرچائي چيف منسٽر به ووٽ وجهڻ وقت ارمان ڏيکاريو ته ڪهڙو فائدو ٿيو؟ ووٽ به ڏيون پيا پر ملي ڪجهه ڪونه پيو. رئيساڻيءَ لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجو پاڻ کي پاڻ ڪيري ڪيچر ٺاهي رکيو آهي ته جيئن ويڙهاڪ گروپ اهو سمجهن ته چريو ماڻهو آهي، هن جي هلي هونئن ئي ڪانه ٿي تنهن ڪري هن تي ڪهڙي ميار آهي! رئيساڻي ڏاهو ماڻهو آهي، وقت به گذاري پيو ۽ واپسيءَ جو رستو به صاف پيو رکي.

سينيٽ جي اليڪشن وقت پيپلز پارٽي ۽ ارباب غلام رحيم وچ ۾ روزانو رابطو ٿيندو رهيو، پر ڳالهه ٺهي ڪانه سگهي. ڪجهه ٻيا به مطالبا هئا پر  ارباب جي وڏي  ڊيمانڊ اها هئي ته کيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ڊڪليئر ڪيو وڃي. زرداريءَ جي مفاهمت پاليسي وري اها آهي ته سنڌ اسيمبلي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اپوزيشن کان خالي آهي. ان ۾ ڪا “فرينڊليئر” اپوزيشن به موجود ڪانهي. پيپلز پارٽي پنهنجو اهو گنيز بوڪ وارو رڪارڊ خراب ڪرڻ ڪونه ٿي چاهيو سو معاملا ڪونه ٺهي سگهيا. پر ڌرين وري به ڳالهه اهڙن سُرن تي ختم ڪئي آهي جو جنهن مهل چاهين راڳ وري شروع ٿي سگهي ٿو.

بلوچستان ۾ هڪ هندو ڀاءَ رميش ڪمار جي پئسي جلوو ڏيکاريو ۽ پيپلز پارٽيءَ سڄي سندس شاپنگ بيگ ۾ پئجي وئي.  جيالي ڪرسچن ڇوڪري حنا گلزار کي پارٽي ٽڪيٽ مليل هئي پر اليڪشن کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ مال پاڻيءَ آڌار فيصلو اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي ٽڪيٽ يافته اميدوار بدران آزاد اميدوار رميش ڪمار کي ووٽ ڏياريندي. اهو ٻيو ڀيرو آهي جو حنا گلزار کي ٽڪيٽ به ملي پر پارٽي ساڻس ڌڪ ڪري وئي. هتي اسلام آباد ۾ اسرار ايڊووڪيٽ کي پارٽي وڏي عرصي کان آسرن جو آچار کارائي رهي هئي. اسرار پراڻو جيالو آهي. اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي آجيان لاءِ پيپلز لايرز فورم جي پاران لڳايل ڪيمپ  تي ٿيل بم حملي ۾ سندس ٻئي ڄنگهون هليو ويون. هو پاڻ چوندو آهي “آئون ست فوٽن جو ماڻهو هئس، ٽن فوٽن جو رهجي ويو آهيان.” هڪڙي قرباني ڏيندڙ ورڪر کي پيپلز پارٽي ڪجهه به ڪونه ڏنو. هن جي مدد ڪانه ٿي ته هو 2008ع واري اليڪشن ۾ اسلام آباد واري سيٽ تان هارائي ويو. پوءِ واري عرصي ۾ هن کي پارٽي کنگهيو به ڪونه. سينيٽ جون چونڊون ٿيون، وري هاڻي ٿيون، اسرار ڪنهن کي ياد به ڪونه آيو. اسرار شاهه ٺيڪ ان ڏينهن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو جنهن ڏينهن سينيٽ جي اليڪشن لاءِ پولنگ هلي رهي هئي. اسرار شاهه جو وڃڻ ته بهرحال پارٽيءَ جي ٻوٿ تي چماٽ آهي.

“ٿڦڙ سي ڊر نهين لگتا صاحب، پيار سي لگتا هي.” هي ڊائلاگ دبنگ فلم ۾ سلمان خان جي هيروئن جو آهي جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو هو. وحيده شاهه جي ٿڦڙ لڳي ٿو ته پاڻ وحيده شاهه جي منهن ۾ اچي لڳي آهي جنهن کٽيل اليڪشن ڄڻ ته هارائي ڇڏي آهي. ماڻهن چوڻ شروع ڪيو هو ته ڪاوڙيل قسم جي ته آهي ئي پر مائيءَ جو هٿ ڪيڏو ڳرو آهي! وڌيڪ خبر ته مرحيات کي هوندي پروحيده شاهه لاءِ چون ٿا ته هاڻي هوءَ جوابي ٿڦڙ کائڻ لاءِ به تيار آهي جي ان سان هن جي اليڪشن کيس موٽي ملي، پر سياسي زندگيءَ جي پهرئين ڏينهن ئي سندس سياست جي پڄاڻي ٿي وئي آهي ۽ کيس شايد سياسي عدت ۾ به ويهڻو پوي. هتي ڪجهه صحافين جو ڪمينٽ هو ته چڱو ٿيو سيٽ سيدن جي قبضي مان نڪتي. پر ڊپ اهو آهي ته سيٽ وحيده شاهه جي ڏير کي نه ملي وڃي جيڪو پنهنجي مرحوم ڀاءُ سان وير رکيو ويٺو هو.  فيبروريءَ ۾ اخبارن ۾ اها ڳالهه آئي هئي ته پ پ ليڊيز ونگ واريون مايون جڏهن عدت ۾ ويٺل وحيده شاهه سان تعزيت لاءِ ويون ته هن نياپو موڪليو هو ته خاندان جي خالي پيل سيٽ سندس ڏير کي نه ڏني وڃي جو انهيءَ جي هنن سان دشمني آهي. سندس ڏير حسن شاهه جيڪو سابق جج به آهي تنهن ڪوشش ته گهڻي ڪئي پر هن جي ڪانه هلي. هن ٿڦڙ تي هو ڏاڍو خوش ٿيو هوندو. ٿي سگهي ٿو ته هن جي لاٽري کلي وڃي.

اسان هن ليک ۾ ايڏيون خبرون ڪيون آهن پر ان ۾ ميمو معاملي ۽ وزير اعظم جي توهين عدالت واري ڪيس جي ڪا پچار نه ڪئي آهي. هاڻي ساهميءَ وارن جي خبر سواءِ هڪ خاص خصوصي چينل کي ڇڏي هرهنڌان هيٺ لهي آئي آهي. ڊان ٽي وي وارن ته هڪ ڀيرو مشڪري ڪري ان کي آخر ۾ ايندڙ اسپورٽس وارين خبرن کان اڳ نشر ڪيو. ڪجهه انگريزيءَ ۾ لکندڙ همراهن ته “فضيلت ڪريو!” وارا ليک لکيا. ايڊيٽوريل به آيا. خبر ڪانهي ته معاملو وري ڪڏهن گرم ٿيندو پر هن هفتي کي مفاهمت جو هفتو چئي سگهجي ٿو. هن هفتي ۾ چيف صاحب جي پٽ جي شادي هئي ۽ ميريئٽ هوٽل جي مارڪي ريسٽارينٽ ۾ ٻه هزار مهمانن کي وليمي جي دعوت تي گهرايو ويو هو. وڏي فراخدليءَ سان چيف صاحب وڪيلن اندر پنهنجي حامي توڻي مخالف وڪيلن کي به دعوت ڏني هئي. سياستدان ۽ فوجي آفيسر الڳ هئا.

هي ليک لکجڻ تائين ان ڳالهه جو آخرين فيصلو ڪونه آيو آهي ته پاشا کي نوڪري وڌڻ جي آشا ملي آهي يانه، پر اهي خبرون اچي ويون آهن ته کيس اسٽريٽجڪ ڊويزن جو سربراهه مقرر ڪيو ويندو. يعني ايٽمي ساز سامان جي نگراني هن جي ذمي هوندي. شايد ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻي ايڪسٽينشن ڏيڻ جو پروپوزل به ويچار هيٺ آهي جو نواز ليگ گوڙ ڪري رهي آهي ته متان کيس ايڪسٽينشن ڏني اٿئو. پنهنجو ليکو اهو آهي ته همراهه کي ايڪسٽينشن ڪانه ملندي ۽ هو پنهنجو سامان پيڪ ڪندو.

ويهين ترميم کان پوءِ زرداريءَ جون ننڊون موٽي آيون آهن. ساهميءَ وارا سانت ۾ آهن. لشڪري لڏي سان معاملا طئي ٿي چڪا آهن. هن نواز شريف کي سندس سامان ملڻ جي پڪ آهي. اتحادي پنهنجي پنهنجي مورچي ۾ مزي سان ويٺل آهن. سينيٽ جي اليڪشن به سنگت کي خوش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ساڳي ريت ضمني چونڊن ۾ به سياسي سـڱابندين جي ريهرسل ٿي.

اهو سڀ ٺيڪ ٿيو. يا ايئن به چئي سگهجي ٿو ته ٺيڪ نه ٿيو. ويجهڙ ۾ بلوچستان جي پارٽين سان ٿيندڙ گفتگو دوران هر ڪنهن چيو ٿي “نيشنل ڪوئيسشن”. مهمان گورا بلوچستان جي تاريخ به پڙهي آيا هئا، سموري سياسي ڪهاڻي به کين سمجهه ۾ آيل هجي پر پريشان هجن ته اهو وري ڪهڙو سوال آهي. نيٺ هڪ کان رهيو ڪونه ٿيو ۽ پڇيائين ته جڏهن توهين چئو ٿا قومي سوال ته ڇا توهان جو عوام ۽ توهان جا ورڪر سمجهي وڃن ٿا ته ان مان ڇا مراد آهي؟ همراهن هائوڪار ۾ وراڻي ڏني ۽ چيو ته اهي ٻه لفظ اسان کي بزنجو ڏيئي ويو هو هاڻي بلوچ ٻڪرار کان به پڇندو ته هو ٻڌائيندو ته قومي سوال ڇا آهي.

مون کي سن واري سائينءَ جي هڪ سالگرهه  (جنهن کي اڪثر ورڪر غلطيءَ مان سائينءَ جي ورسي به چوندا هئا) ياد آئي. سيد پٽڪو ٻڌيو اسٽيج تي ويٺو هو ۽ حفيظ قريشيءَ تقرير  ڪري رهيو هو. حفيظ کي سندس لڙڪندڙ اڳٺ جي خبر ڪانه هئي. هن جي اسٽيج تي اچڻ سان خلق ٽهڪن ۾ پئجي وئي. هو سڄو وقت ٽريجڪ ڳالهيون ڪندو رهيو پر آڊيئينس کل ۾ اونڌو هجي. حفيظ جي تقرير جو  موضوع هو “نيشنل مسئلو”. تنهن زماني ۾ پي ٽي ويءَ تي هلندڙ مصالحي جي هڪ اشتهار جي لفظن ۾ ترميم ڪندي حفيظ باربار چئي رهيو “نيشنل مسئله (مساله) بات يقيني!” ماڻهو جڏهن آخر تائين سيريئس نه ٿيا ته حفيظ اهو به چيو ته “ڪڏهن ڪڏهن قومون انهن ڳالهين تي کلنديون آهن جن تي کين روئڻ گهرجي.”

شايد نيشنل مسئلو اسان وٽ نيشنل مسالو ٿي ويو آهي. پر بلوچ پنهنجي نيشنل مسئلي جي گونج هرجاءِ تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. هنن جا سياستدان به ڪرپٽ آهن پر هنن جي پڇاڙي ضرور آهي. اسان جي سياسي ماڻهن جي پڇاڙي تبليغي جماعت يا ان کان به ڪنهن ڀيانڪ روپ ۾ ٿئي ٿي. بلوچن جا 79 سال جا پوڙها به وڙهندي مارجي رهيا آهن ۽ اسان جا قومپرست پنهنجي ئي ماڻهن کان ورتل ڀتي جي پئسن مان روزانو نيشنل مسالي سان پچندڙ ڪڙهايون کائي  ٿلها ٿيندا پيا وڃن.

“مين روئون يا هنسون؟” پرسوال اتي جو اتي آهي ته “تيرا ڪيا بني گا ڪاليا؟” پاڻ واري پرڳڻي جي سياست مڇيءَ جي کاريءَ وانگر آهي جنهن ۾ وهندڙ پاڻيءَ بدران فش فارم جي بيٺل پاڻيءَ جون مڇيون مئل آهن. هاڻ ته شايد اسٽيبلشمينٽ وٽ به هنن کي رڌڻ جي ڪا سٺي ريسي ـ پي موجود نه هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو