Home / افيئر / بَڇَ ۽ ويڙهاند ۾ فرق
above article banner

بَڇَ ۽ ويڙهاند ۾ فرق

 

مهان آتمائون تاريخ جا پَير آهن ته سندن پئدا ڪيل ٽرئجڊي، سَاگا وقت جي ٻِرانگهه چئجي. زمانو کانئن سواءِ اڳتي وڌي ئي نه ٿو سگهي. هيرو پيار ڪندو ۽ پوءِ جنگ وڙهڻ هليو ويندو. ڇاتي ۽ مُنهن تي گهاوَ کڻي واپس ورندو ۽ ٻيهر ٻَاجَهه ڏيکاريندو. ٿيئٽر جي دنيا مان ٻاهر نڪرجي ته هن جو پريم کوڙ انوکا پاسا رکندي ملندو. عورت جي گهاٽن وارن کان پرڀرو. ڍُونڍَ جهڙي ازدواجي زندگي نايڪ جي مُراد نه آهي. ۽ نه وري رول ماڊل انسانن جي فصل ۾ زال ذات ڪا مرد جي مقابلي ۾ گهٽتائيءَ جو شڪار رهي آهي. اِتهاسَ، مُذڪر جي متوالي آهي. پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهئون.

مجذوب مائرن جا مجذوب پُٽ. چَرياڻ عورتن جا چرياڻ ٻَارَ-شاعر هڪ خاص جنس ڏانهن اشارو ٿو ڪري. پتنگ ڄاڻيندي به ته شمع جي چوڌاري موت آهي ڏانهنس اُڏامندا ٿا وڃن. ڇو ڀلا؟ مٿير ماڻهو انجام ڪُلهي پايو ٿو گهمي. معلوم هوندي به ته راڪاس معنيٰ خاتمو. اجگر جي ڀرسان اونداهه آهي. تڏهن پڻ للڪار هُن جو ڪم. ڌُپار جِيوُ. ڀُڏِي ڪرت پويان-عامَ چواڻيءَ. مڇيءَ پيٽ گهِڙي، سندس لاش ڪناري آڻيندڙ. ساَم سَن جي ڪٿا ۾ شينهن ماري شيرافگن ٿيندڙ. هيرو، نايڪ، رول ماڊل نانگ جي ٻِرَ ۾ هٿ ٿو وجهي. اهڙا خفا ٿو پالي جن جي حمايت ۾ ٿورڙو عقل رکندڙ منش به وات کولي نه سگهي. لوهه کي سون ۾ بدلائڻ ڪنهن سالم دماغ جو شوق آهي؟ سائنس هجي يا فَنُ- شاهڪار نتيجا آڻڻ ٽَوٽِي ارواحن جي وَسَ جي ڳالهه ڪٿي. رياضت ڪرڻ، چِلا پچائڻ ماليخوليائي وندر ڪوٺجي؟ يا کڻي نه سڏجيس؟ ڪجهه به هجي دَاونچي ۽ آئن اسٽائن جهڙي لهپ توهان، مون پارن نالي ۾ نهال نارمل انسانن جي ڀاڱي ۾ ڪڏهن ٿي اچي. ايئن هجي به، شرط هڪ ڊگهي تپسيا جو آهي. ويچار، فڪر ۽ لمبي مشق کانپوءِ حاصلات طرف نهارجو. سڀ کان اول اوهان جو مَنُ ئي ته سُرور وڪوڙ جي ويندو.

هر ٽرئجڊي، تاريخ لاءِ سوکڙيءَ جي حيثيت ماڻي ٿي. ڪنهن گهڙيءَ ديس مٿاهون ٿئي ته وَيرَ وطن وارا. ڪيئي گُڻَ ڌرتيءَ چوڌاري سِڪو ليکجن. سُک جا سانگيئڙا ايندي پَسجن. نيپولين جي ماسڪو طرف ڪاهه يا هٽلر جي هَلان-لوڪ ڏٺو ته رُوسي پنهنجي آزادي بچائي ويا. دولهه دريا خان جي روپ ۾ سنڌ، ساڻيهه جي شڪل ڌاري. ڄاڻي ورتوسين ته دنگ ۽ ننگ ڪاڻ حياتي ڏئي سگهجي ٿي. ايئن ڪٿي وري ايثار، اُلفت، سَنگ ۽ دوستيءَ جهڙيون وصفون ميدان مارين ٿيون. ارپنا، سماجي زندگيءَ لاءِ وڏي اُڇل جا سبب جنم ڏئي ته عجب نه وٺي. انساني تجربي تنهن ريت ڪري ڏيکاريو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽي جي آڻ مڃڻ کان انڪار، رياست کي نانگو ڪري ڇڏيو. وقت گذرڻ سان گڏ هڪ وڏو سچ سائين جي ايم سيد جي واٽ ثابت ٿي آهي. ايندڙ نسلن کان ڪوئي ڪيترو لڪائي سگهندو. ڪيئن چوندو ته خاڪ مٿان سُوري ڪا نه سجائي وئي. کوڙ بي جان بدن لُڏندي نه ڏٺا ويا. اهو پڻ ته الاهي مرد کِلندي ڳاٽو ڪپائڻ نه آيا. اڃا اڳتي-نچندي ٻَليدان چَڙهيل آتم، تڪليف مان مزو وٺندڙ نفسياتي بيمار هئا؟

ڪير ٻُڌائي کڻي ته مجذوب ۽ نفسياتي مريض ۾ تفاوت ڇا آهي؟ چَي گويرا جي ڳاڙهي انقلاب ۽ جارج بُش جي رت جي پياس ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ هيرو ۽ ولئن ساڳي صِف ۾ بيهارجن؟ لازم ناهي ته سڀني سوالن جا جواب ڏجن. ايترو سو سَنڌو ضرور ڪڍجي، مجذوب خوشيءَ سان، شوق وچان پنهنجو جيئندان دَاوَ تي لڳائڻ لاءِ آتو نهاربو. ڪانئر کل نايڪ، سندي ذات کي محفوظ رکڻ خاطر ٻئي جي ڳچي مروٽڻ جي جنون ورتل گڏبو. هَائو سائين! جنون دماغي خلل آهي ۽ نهٺاءُ عظيم انساني روش. چَرياڻ عورتن جا مست ٻالڪ سانڀر پائين ئي نه ته غرض سان ٽٻٽار دنيا کان ڪنارو اختيار ڪندا ويندا. هر شيءِ، آسائش تان هٿ کڻندا ڏِسبا. سُک ۽ لذت کان آجي ايشور جو اوتار ٿي اُڀرندا. مادي جوڙيل هن سرشتيءَ ۾ آدم ئي اهڙا ڪارناما آڏو آڻي سگهي ٿو. الک کي سندس پويان هلڻو پوندو. اتهاس الهامي رضا کان گهڻو سَرس ماڻهوءَ جي ارادي مان سگهه ورتي آهي. ڪِيني پاڪ هينئڙي سان ويچاري ته ڏسجي.

صدام، بن لادن ۽ بُش-نايڪ جو جُبو پائي روبرو اچن ته کِل وٺي. آمريڪا بهادر جي نظر سان باقي ٻن همراهن ۾ ولئن ڳولهجي يا پوئين صاحب لاءِ کَل- نايڪي جو طوق سجائي-تجريد پلئه پوندي. منجهائن هيرو ڪو نه گڏبو. رڇ ۽ تازيءَ جي ويڙهه ۾ ڪنهن هڪ کي وحشي ڪوٺڻ مشڪل آهي. ان طرح جي لقاءَ ۾ معصوميت تلاشڻ به اجايو هوندو. هر هنڌ مظلوميت جو هَوڪو ڏيندڙ پاڻ ماڻهو ڇا ڪُتي ڪاڻ ماتم ڪنداسين ان لاءِ ته هُو گهٽ هُوڙيائپ پالي ٿو؟ وڏي ڪاز جو وزن ڪلهن تي اٿس. گهايل آهي تنهن ڪري ابهم آهي؟ ڏاٺ هيٺ آيل هَر مُنڍي ڪهڪاءَ لائق نه ٿي هجي. هارايل ايڊولف ديوتا جي مسند ڪين ويهي. جنگ جِيتيَ به نه. بلڪل ساڳيو مَتو-شينهن جي ڀاڪُر ۾ سَام سَن.سامراج جي مُٺ ۾ چيَ گويرا. گورن جي مهاڏي ۾ ڪارا. ڍاوَلَ جي دَر تي بکايل. لومڙ جي وات ۾ ڪٻر. ٻيو نه ته هڪ پاسي وحشت، هوڙيائپ جي اڻ هوند. ڪمزور، هٿين خالي جيوت. رڇ ۽ ڪُتي جي ويڙهاند کان مختلف منظر. جنگ ۽ بَڇَ ۾ تفاوت چٽو ڏسي سگهجي ٿو. اڳڀرو نهاربو ته ٻَڪريءَ جي لاش تي چئن بگهڙن ۾ ساگا ناهي هوندو. منجهائن ڦڏو ۽ نتيجي ۾ ٻن ٿورو معمولي تاتيل جنارون جو موت ٽريجڊي جو روپ ڪو نه اوڍيندو. تنهن ڪٿا ۾ هيرو لڀڻ ته بنهه اجايو ٿيندو. افسوس سانڍبو ۽ سو به نِٻل ڇَيليءَ لاءِ.

لَوڪَ جهيڙيندي گذاريو آهي. جُڙتو لڙائين جي مَنڊلي پڻ سجائيندو رهيو آهي. تاريخ جي هاڻوڪي مرحلي تائين سندس فهم ضرور ڄاڻي چڪو آهي. سَام سَن جي شير سان جَوٽَ، خنزير مٿان گُلر جي بَڇَ کان نرالو واقعو آهي. تَازيءَ کي سُوئر قابو ڪري مالڪ سامهون پيش ڪرڻو هجي ٿو. ساڳئي سمئه ڪتي جو ڪنڌ نمائڻ سڀني ڏٺو هوندو. زخمي رڇ ڀرسان بيهي فقير ڏانهن سَاهسيءَ جي نهار ۾ تعبيداري ملندي، نايڪ جي سَرسي نه. بنيادي طرح وحشت، ڪُتي جي پالڻهار جو شڪار هجي ٿي. تازيءَ کي ڪِرايي جو قاتل ڪوٺجي ته غلط نه هوندو. ڀَاڙي جو مَاري. ٻئي طرف سَام سَن آڏو ڊِلائلا آهي. شينهن کي ڍير ڪرڻ سَواءِ چارو نه اٿس. مات ڪريس يا پنهنجو انت پائي-مقصد آهي جنهن ڪاڻ هٿ ڳنڍي ٿو. سَوڀ يا شڪست، انجام کان بي پرواهه سَام ارپنا جي ڪاڄ جي پَورائي ڪاڻ ميدان ۾ ڪُڏي پوي. ساگا، ٽرئجڊي جنم وٺي. صدين تائين هُن جي آکاڻي انسانن لاءِ اتساهه جو وسيلو بڻجي. هوريان پاڻ نايڪ جو اوتار پائيندو وڃي.

عظيم ارواح چئجن سَي. ڪوئي ڪاز، مُراد، منزل کين ڀاڪرين وٺي. ڀوڳنا جو سفر شروع ڪن. اتهاس جو چَرخ اڳتي رڙهي. وقت جا پَير ڪوٺجن. سڦلتا جي لوڀ کان ڏور، ٽڪراءَ ۾ اچن. ٽريجڊي پئدا ٿئي. تاريخ ٻرانگهون ڀَري. هيرو سدائين، درد ڀريو داستان آهي. ڏوراپي کان خالي. ڊاڪٽر زواگو جي ڪيس کي نه وسارجي. آفاقي پاسا رکندڙ بيچينيءَ جو ڀنڊار-جيڪڏهن هيمليٽ کي ياد ڪجي. رت وهائڻ آخري آپشن طور نهاريندڙ-چي گويرا. اهنسا وسيلي ڏاڍ ۾ ڏارون وجهڻ-مهاتما گانڌي ۽ جي ايم سيد.

راويءَ سان سادي ڳالهه ونڊجي، تَه. گهڻو پري نه وڃجي، پِڻ. ويڙهاند پويان ڪروڌ ڪين ٿو ڀانئجي. هيرو لاءِ سندس جنگ ڪرت، ڌنڌو، کيتي نه آهي. جيئندان آهي. ميٽافزڪس ڏانهن ورڻو پوندو. زمان، جڏهن ايشور جو ديهانت ٿي چُڪو. ڪوئي مقصد، ڪائي چِنتا مٿس وَاسَو ڪري. کيس پنهنجو ڪري. حياتي گُهريسَ. ساهه کڻندي به هُو اهوئي هجي موت بعد جنهن مطلب جو اهڃاڻ ٿي اُڀري. دَيوَ جي اِيڏَرَ وانگر جهان گُهمي. هر هنڌ هجي. خلق منجهه وشواس آڻي. ڌرتيءَ تي حاوي گُهگهه اونداهه جو خاتمو ٿئي. باک ڦُٽڻي آهي. ماڻهو، ماڻهوءَ تي بَڇَ ۾ ڇو هجي. رت جون ڪَسيون سُڪنديون وڃن. آشتي اسان جو مقدر بڻجي. آدرش ئي سَهي پاڻ کي کپي ته ايئن ٿو نه.

سنڌ جو نماڻو ديس مون، اوهان کي پُڪاري ٿو. ڪانئر، ڪُٽڻ، ڀَاڙي جا خوني روش بدلائين. رول ماڊل، نايڪ، هيرو ڄمي پون. ڇوٽڪاري جو نياپو عام ڪن. وطن ۽ پنهنجي لوڪ ڪارڻي نراڙ جهڪائي بيهن. آءُ خود مٿان حيف، ڦِٽڪار ڄاڻان مرڻ کي جي مِهڻو سمجهان. رڇ سامهون وڃان به ته ڳَڀَي لاءِ جهيڙيان

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو