Home / افيئر / سنڌ جي گئس ڀڳڙن مٺ تي ۽ ايران کان مهانگي گئس وٺڻ جو معاهدو!
above article banner

سنڌ جي گئس ڀڳڙن مٺ تي ۽ ايران کان مهانگي گئس وٺڻ جو معاهدو!

 

وفاقي بيوروڪريسي روايتن ۽ پاڪستان جي تاريخ کي برقرار رکندي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مفادن، حقن خلاف سازشن جو ڄار اڻيو آهي. ڳالهه ملڪي معاملن ۾ صوبن وچ ۾ معاهدن جي هجي يا ملڪن جا پاڪستان سان معاهدا هجن، مصيبت سدائين سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ئي پئي آهي. اهي معاهدا پاڻي جا هجن يا سرحدي معاملن جا گهاٽي ۾ سنڌ جو عوام ئي رهيو آهي.

 

تازو عالمي سطح تي پاڪستان ايران گيس پائپ لائين جو معاهدو ٿيو آهي. هن معاهدي ۾ پهرين هندستان به شامل هئو پر پوءِ عالمي دٻاءُ يا ٻين سببن جي ڪري هو هن معاهدي يا منصوبي کان الڳ ٿي ويو. هاڻي هي منصوبو رڳو ٻن ملڪن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ آهي. فيبروري 2012ع ۾ ايران جي صدر احمدي نجاد جي پاڪستان جي دوري وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻين معاهدن سان گڏ هن معاهدي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پر پوءِ آمريڪا گيس پائپ لائين معاهدي تي پنهنجي ارهائي جو اظهار ڪيو. پر ان کان اڳ سنڌ حڪومت پڻ هن معاهدي جي ڪجهه نقطن تي وفاق وٽ اعتراض ڪيا آهن. هڪ اعتراض ايران مان گيس پاڪستان آڻڻ لاءِ وڇائجندڙ پائپ لائن جي خرچ بابت آهي ته، اهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيڪس لڳايو وڃي. ٻيو اعتراض اهو آهي ته، سنڌ کان گيس سستي اگهه تي ورتي وڃي ٿي، ايران کان ٻيڻ تي مهانگي گيس وٺڻ جو معاهدو ڪيو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ “افيئر” کي مليل ڄاڻ ڪجهه هن طرح آهي ته، سنڌ ايران کان ايندڙ پائپ لائين بابت لڳايل ٽيڪس تي اهو اعتراض ڪيو ته، پائپ لائين جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ سنڌ تي لڳايل ٽيڪس نا انصافي آهي، سنڌ پهريائين ئي پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گيس پئدا ڪري رهي آهي. ان هوندي به، ان تي واڌو ٽيڪس ڇو پيو لڳايو وڃي، ڇو ته، سنڌ کي ته ايران جي گيس جي ضرورت ناهي ۽ اهو ٽيڪس صنعتن ۽ فيڪٽرين تي لڳايو پيو وڃي. ان ٽيڪس جو ملڪ جو مجموعي طور 82 سيڪڙو سنڌ مان وصول ڪيو ويندو ڇو ته، ايتريون صنعتون بلوچستان، خيبرپختون خواهه يا پنجاب ۾ نه آهن.

سنڌ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ گيس پئدا ڪري، ٻين صوبن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، انهن کي گيس ڏئي رهي آهي ۽ ٻيا صوبا، ان گيس جو اجايو استعمال ڪري ضايع ڪري رهيا آهن. سنڌ جو مطالبو آهي ته، جيڪي صوبا سنڌ کان گيس وٺن ٿا، ايران گيس پائپ لائين جو خرچ به اهي برداشت ڪن، سنڌ ڇو؟ ڇو ته سنڌ ته، پاڻ وٽ ئي پئدا ٿيندڙ گيس استعمال ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 158 جو حوالو ڏنو پيو وڃي. اهو آرٽيڪل هر صوبي کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو پنهنجون ضرورتون پهرين پوريون ڪري. سنڌ جا ماڻهو اهو حق رکن ٿا ته، هتي جيڪڏهن ڪنهن صنعت کي گيس نه ٿي ملي ۽ گيس صاف ڪندڙ دنيا ۾ سڀ کان وڏو ڪيميائي پلانٽ سنڌ ۾ آهي. هو اهو مطالبو ڪري سگهن ٿا ته ان پلانٽ کي گيس ڏيڻ بند ڪئي وڃي. ان جي اجازت آئين جو آرٽيڪل 158 ڏئي رهيو آهي. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته، مرڪزي حڪومت کي اهو حق نه آهي ته هو ڪنهن صوبي کي چئي ته، پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ کانسواءِ گيس ڪنهن ٻئي صوبي کي ڏئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر “افيئر” کي ٻڌايو ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ گيس ضايع ڪري رهيو آهي. ڪراچي شهر ۾ به گيس گهٽ پريشر تي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته، سنڌ ۾ رات جو گيس تي پريشر گهٽ ٿيڻ سبب پريشر کي 15 تائين آندو وڃي ٿو ۽ ڏينهن جو وڌائي 30 تائين ڪيو وڃي ٿو وري ٻن ڪلاڪن کانپوءِ گهٽ ڪيو وڃي ٿو. پر حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته، پنجاب جي شهرن کي 200 جي پريشر تي گيس ڏني وڃي ٿي. پنجاب روزانو 500 سو ڪيوسڪ فٽ گيس ضايع ڪري رهيو آهي. پنجاب ايتري گيس پئدا ئي نه پيو ڪري جيتري وڃائي رهيو آهي.

ٻيو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو سنڌ ۽ ايران کان خريد ڪئي ويندڙ گيس ۾ قيمتن جو فرق آهي. گيس ڪمپنيون سنڌ مان گيس 4 ڊالر تي وٺي رهي آهي جڏهن ته، ايران سان ڏهه ڊالر ۾ گيس خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي. سنڌ اهو اعتراض ڪيو آهي ته، سنڌ جي گيس جي قيمت 10 نه ته 8 ڊالر مقرر ڪئي وڃي. ڇو ته، 18 هين ترميم ۾ اهو نقطو شامل آهي ته، جنهن صوبي جي وسيلن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ان تي 50 سيڪڙو حق ان صوبي جو ئي آهي. پر اڃا تائين سنڌ جي گيس جي قيمتن جي معاملي تي ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي آهي.

سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ گيس جي قيمتن جي معاملي تي هلندڙ اختلاف بابت سنڌ جو ڪو به اعليٰ آفيسر آن دي رڪارڊ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. پر وڏي وزير جو اطلاعات بابت اڳوڻو صلاحڪار ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر تاج حيدر نه رڳو ان سرد جنگ جي تصديق ڪري ٿو، پر هو ان ڳالهه جي وڪالت ڪري ٿو ته گيس جي معاملي تي قيمتن ۽ ٽيڪس جي حوالي سان سنڌ سان نا انصافي ٿي رهي آهي، ڏسون ته پ پ حڪومت ان اهم معاملي تي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪيئن ڪري سگهي ٿي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو