Home / افيئر / سنڌ يونيورسٽي: ڏوهاري فيڪٽر ۽ نااهل وائيس چانسل
above article banner

سنڌ يونيورسٽي: ڏوهاري فيڪٽر ۽ نااهل وائيس چانسل

 

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير مغل کي پاسيرو ڪري، پروين شاهه کي وقتي وي سي مقرر ڪري، سنڌ حڪومت في الحال معاملي کي ٿڌو ڪرڻ چاهي ٿي، پر وقت ۽ حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته اهو سڀ ڪجهه وقتي آهي، ڪُل وقتي نه آهي. يعني گورنر سنڌ ۽ انجي صلاحڪارن اڃا تائين اهو قطعي فيصلو ناهي ڪيو ته ڪو نظير مغل کي مستقل ان ڪرسيءَ تان هٽايو وڃي. پر هڪ حڪمت عملي تحت وقتي وائيس چانسلر کي Onboard ڪري ان سڄي معاملي کي ٿڌو ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي ۽ جيئن معاملو ٿڌو ٿئي، هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر نظير مغل کي ساڳيءَ ڪرسيءَ تي ويهاري، وري يونيورسٽيءَ جي گاڏي کي ڌڪيو وڃي.

توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي يا نه اچي، اوهين اچرج ۾ به ضرور هوندا ته آخر ڊاڪٽر نظير مغل آهي ڪهڙي بَلا، جو سنڌ يونيورسٽي جو سڄو وايو منڊل تباهه ٿيڻ باوجود هڪ شخص آهي جو اڃا تائين مضبوط ڪِلي تي پيو ڪڏي؟ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ بي گناهه شاگرد جي خون، يونيورسٽيءَ جي روڊن کي ڳاڙهو ته ڪيو، پر معاملو اڃا ايئن جو ايئن اينگهايو پيو وڃي. ايترو عرصو گذري وڃڻ باوجود معاملو ساڳي پوزيشن تي ٽنگيو پيو آهي، سنڌ حڪومت ان سڄي معاملي کي صرف وي سيءَ کي بچائجي ڪيئن، وارو فائيل سمجهي، ڪيس پينڊنگ ۾ رکي ڇڏيو آهي، ڏسون اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟! بهرحال هن وقت يونيورسٽي ۾ هڪ وڏي غير يقيني واري صورتحال آهي، ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي، ته آخر هن ڪهاڻي جو انت ڇا ٿيندو؟ ڇا وائيس چانسلر هميشه لاءِ وڃي چڪو يا ڪجهه ڏينهن ۾ وري براجمان ٿيندو؟ يا ڪو نئون وائيس چانسلر اچي منصب سنڀاليندو ۽ ان ۾ به هي سوال ته ڇا نئون وائيس چانسلر هن يونيورسٽيءَ مان ئي هوندو يا هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻي روايت برقرار رکندي ٻاهران امپورٽ ڪيو ويندو. بهرحال هن وقت ته اهي سوال بلڪل به اڻ لاڳاپيل ان ڪري به لڳي رهيا آهن ڇو ته في الحال ته اهڙو ڪو به انديشو يا امڪان ڪونهي ۽ نه ئي وري موجوده حالتون ڪو اشارو ڏين ٿيون ۽ نه ئي اهڙو ڪو Clue ٿو ملي، ان ڪري ڪوي امڪان ته اهي ئي آهن ته ڪجهه ڏينهن انتظار ڪري، جيئن ئي يونين اڳواڻ، شاگرد ۽ استاد تنظيمن جا اڳواڻ احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پون، تيئن ئي ڊاڪٽر نظير مغل ٻيهر اچي پنهنجي ساڳي پوزيشن تي ڪڙڪي.

جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي جي موجوده صورتحال کي 2 مهينا گذري چُڪا آهن، ۽ ان سڄي عرصي ۾ شاگردن جي پڙهائي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي پر لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ اها ڳالهه شامل ئي نه آهي،  ته نه رڳو موجوده شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي پر سنڌ يونيورسٽي جو مجموعي پروفائيل متاثر ٿي رهيو آهي. نه رڳو سنڌ يونيورسٽي جا ريگيولر شاگرد دربدر آهن پر ڪاليجي سائيڊ جي به هزارين شاگردن کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، جتي ايم اي فائنل جي واءِ واز لاءِ مقرر تاريخ تي امتحان نه ٿيڻ سبب هڪ ته نئين تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو. ٻيو اهو ته ڪن شاگردن کان لِڪ ئي لِڪ ۾ واءِ واز ورتي وئي آهي، جنهن سبب هزارين شاگرد اهڙي امتحان کان رهجي وڃڻ جو انديشو پڻ موجود آهي، جن کان شايد زباني امتحان نه ورتو ويندو، ان ڪري اهڙن شاگردن  جو به سال ضايع ٿيڻ جو خطرو آهي.

بهرحال سنڌ يونيورسٽي جي موجوده صورتحال انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي سبب آهن پر سڀ کان وڌيڪ اهم اهو ته هن وقت سنڌ يونيورسٽي انتظامي طور تي بنهه ڪمزور ٿي چڪي آهي. نه رڳو ڊاڪٽر نظير مغل پر سنڌ يونيورسٽي جو عهدي طور منتظم “وائيس چانسلر” سڀ کان وڌيڪ ڪمزور شخص آهي، جيڪو هِڪ ئي وقت ڪيترن ئي طاقتن کي منهن ڏئي ٿو، جيڪي وائيس چانسلر کي ڪنهن به وقت پريشان ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس هٽائڻ جي سگهه پڻ رکن ٿيون. اچو ته يونيورسٽيءَ جي ٻاهرين قوتن جو ذڪر تفصيل سان ٿا ڪريون، جيڪي وائيس چانسلر جو سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪين ٿيون.

1): شاگرد تنظيمون:

جيتوڻيڪ شاگرد تنظيمون سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ انتهائي سرگرم آهن پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهڙين تنظيمن جو نيٽ ورڪ ۽ يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت بنهه گهڻي آهي. يونيورسٽي جي ڪمزور مئنيجمينٽ جو شاگرد اڳواڻ  ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن. جيڪي سنڌ يونيورسٽي لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهن. سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيمون هر قسم جي ڪرائيم ۾ شامل ٿي ويون آهن، جنهن سبب مجموجي طور تي يونيورسٽي وائيس چانسلر جي ڪنٽرول هيٺ گهٽ پر اهڙن ڪرمنل شاگردن جي ڪنٽرول هيٺ وڌيڪ آهي. هِن وقت به سنڌ يونيورسٽي ۾ اهوئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. ٿئي ايئن ٿو ته اهڙن ڏوهاري شاگردن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا لٺ کڻڻ جي بجاءِ چٺ واري روش اختيار ڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اندر مجموعي طور تي ڪرائيم کي هٿي ملي آهي، ۽ شاگرد تنظيمن ۾ ڏوهاري ڪلچر پروان چڙهي رهيو آهي، جيڪو هِن وقت گهٽ ۾ گهٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ته عروج تي پهتل آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود گهٽ يا وڌ پر مجموعي طور تي تقريبن سڀ شاگرد تنظيمون مختلف ڏوهاري سرگرمين ۾ ڪاهي پيون آهن، جنهن سبب جتي به سندن ذاتي مفادن ۾ کين رڪاوٽ محسوس ٿئي ٿي، اتي هر مزاحمت ڪن ٿا ۽ ڪنهن به خون خرابي کان به نه ٿا لنوائين. گذريل ٻن مهينن ۾ به هِڪ پروفيسر ۽ هڪ شاگرد جو قتل ان سلسلي جون ئي ڪڙيون آهن، ۽ نتيجي ۾ اهڙن ڏوهاري شاگردن جو وار ونگو به ڪو نه ٿو ٿئي ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهڙي صورتحال ۾ قتل غارت کي ٻنجو ڪيئن ايندو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت ڏوهاري عنصر شاگرد هيٺن سرگرمين ۾ رڌل آهن. جنهن مان اهي ڏيوالپڻي جو شڪار شاگرد اڳواڻ لک پتي بڻجي رهيا آهن.

الف) يونيورسٽي ۾ ڦرلٽ:

هي هاڻي معمول جو حصو بڻجي ويو آهي، هر روز ڏينهن توڙي رات يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کان پئسا، موبائيل ۽ ٻيون قيمتي شيون ڦر ٿين ٿيون. هِڪ شاگرد نالو ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي “افيئر” کي اهو به ٻڌايو ته توڙي جو سندن ڳوٺ تمام پري آهي پر پوءِ به هو رڳو هڪ هفتي جا پئسا گهران کڻي اچن ٿا، جو هتي هاسٽل تي وڌيڪ پئسا رکڻ وڏي رِسڪ بڻجي ويو آهي.

ب) ڀتا خوري:

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڀتا خوري به عروج تي آهي، شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ خاص طور تي پئسي وارن شاگردن  توڙي استادن کان ڀتا وصولي ۾ مصروف آهن، اهڙن شاگردن ۽ استادن کي يا ته خوف واري حالت ۾ رکي کين تحفظ جي ضمانت تي ڀتا وٺي رهيا آهن، جنهن سبب خود شاگرد تنظيمون به اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار آهن، جو سندن اڳواڻ تنظيمي سرگرمين کي پاسيرو رکي صرف پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويا آهن.

ت) شاگردن کان مختلف بهانن سان سرعام چندا وصول ڪرڻ:

هي عمل به ڀتا خوريءَ جو نئون Version آهي، مختلف شاگرد اڳواڻ مختلف پروگرام ڪرائڻ جي بهاني سان شاگردن کان چندا وصولي ڪن ٿا، جيڪو چندو پڻ لکن ۾ ٿئي ٿو. ايئن هي عمل به پئسن ڪمائڻ جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي ويو آهي.

ث) انتظاميه کان مختلف پروگرامن جي بهاني چندا وصول ڪرڻ:

شاگرد تنظيمون يونيورسٽيءَ ۾ سال ۾ هڪ اڌ وڏو پروگرام ڪرائڻ بهاني انتظاميه کان وڏا چندا وصول ڪري رهيون آهن، جن ۾ ڊينز، چيئرمين، ڊائريڪٽرس کان ويندي رجسٽرار، ڪنٽرولر ۽ وائيس چانسلر تائين سڀ ڌريون شامل آهن، جيڪي هڪ وڏي رقم شاگردن کي فقط ان ڪري ڏين ٿيون، ته جيئن سندن تعلقات اهڙن ڏوهاري شاگردن سان خراب هرگز نه ٿين.

ج) شاگرد اڳواڻن کي داخلا ۽ نوڪرين ۾ حصيداري ڏيڻ:

جيتوڻيڪ هي سلسلو گذريل ڪيتري عرصي کان هلندڙ آهي، پر هِن موجوده ڪرائسز ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير مغل ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ شاگرد يونين جي چند اڳواڻن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هن يونين اڳواڻن لاءِ نوڪرين جا دروازا کولي رکيا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ان سلسلي ۾ مواد ڪٺو ڪرڻ وقت “افيئر” کي مختلف ذريعن کان ڄاڻ ملي ته ڊاڪٽر نظير مغل اهڙن چند يونين اڳواڻن کي نوڪرين، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ داخلائن ۾ وڏي حصيداري ڏني آهي، جيڪي اڳواڻ يونيورسٽي جي ٻين شاگردن جي تحريڪ کي encounter ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا هئا. بهرحال اهڙي عمل سان شايد وي سي کي وقتي طور رليف ملي به وڃي پر ان جا خراب نتيجا گهڻي عرصي تائين يونيورسٽي انتظاميا کي ڀوڳڻا پوندا.

2): گورنر هائوس:

گورنر هائوس کي يونيورسٽي جو قبلو تصور ڪيو ويندو آهي، جتان ڪڏهن به کين گهر ڀيڙو ڪرڻ جو پروانو نڪري سگهي ٿو. ان ڪري هر ايندڙ وائيس چانسلر پاڻ کي اوترو ئي طاقتور سمجهي ٿو، جيترو گورنر هائوس ۾ سندس قلعو مضبوط آهي. ان ڪري ئي هر ايندڙ وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن جي بجاءِ پنهنجو پاڻ کي صرف گورنر هائوس آڏو جوابده سمجهي ٿو ۽ سندس سڄو جهڪاءُ ۽ ڌيان ان قبلي طرف ئي هجي ٿو.

3): حڪمران پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ:

هر وائيس چانسلر پاڻ کي حڪمران پارٽيءَ جو هميشه طابع سمجهي ٿو، سندن اهو ايمان بڻجي وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪيڏي مهل به حڪمران پارٽي يا انجا اڳواڻ ناراض ٿيندا ته ڪاغذ پهچڻ کان پهريان زباني حڪم تي ئي سندس تڏا ويڙه شروع ٿي ويندي. ان ڪري هر وائيس چانسلر پنهنجو پورو مدو صرف حڪمران جماعت جي اڳواڻن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ پورو هجي ٿو ۽ موٽ ۾ جڏهن کيس گورنر حاصل ۽ حڪمران جماعت جو مڪمل آشيرواد ملي وڃي ٿو ته پوءِ هو پنهنجو ڌيان شاگردن ۽ استادن ۽ يونيورسٽي ملازمن کان هٽائي ڇڏي ٿو.

4): استاد ۽ ملازم يونينون:

جيتوڻيڪ هڪ وقت ۾ استاد ۽ ٻين ملازمن جون يونينون يونيورسٽيءَ جي انتظامي معاملن ۾ ايتريون اثرانداز نه ٿينديون هيون پر هن وقت سنڌ جي مڙني يونيورسٽين ۾ ڪنهن به وائيس چانسلر لاءِ انهن جو آشيرواد حاصل ڪرڻ تمام ضروري بنجي ويو آهي. جڏهن کان ميڊيا ترقي ڪئي آهي، تڏهن کان هر قسم جي يونين کي اهميت ملڻ لڳي آهي، ۽ جيئن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن ۽ ٻين ننڍن ملازمن جو تعداد تمام وڏو آهي، ان ڪري اهڙيون يونينون وڌيڪ طاقتور آهن، ٻيو اهو به ته سنڌ يونيورسٽي سنڌي ميڊيا جي وڏي شهر حيدرآباد جي ويجهو آهي، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي جا ملازم نه رڳو اهو ته جلد احتجاج ڪن ٿا پر کين ميڊيا ۾ جوڳي موٽ به ملي ٿي. ان ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد تنظيم ۽ ٻين ملازمن جي يونين جي به هڪ خاص اهميت آهي، هي ٻئي يونين ڀرپور طاقت رکن ٿيون ۽ ڪنهن به وائيس چانسلر کي هٽائڻ جي سگهه به رکن ٿيون، جنهن  ڪري هي يونين به وائيس چانسلر جي سامهون وڏي طاقت رکن ٿيون.

5): ميڊيا:

ميڊيا جي اهميت کي سامهون رکندي اها ڳالهه ٻيهر ورجائي سگهجي ٿي ته هر اداري جي منتظم جيان وائيس چانسلر کي به ميڊيا جو خيال رکڻو پوي ٿو. ميڊيا خود به هڪ وڏو پريشر آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به وائيس چانسلر جون توانايون ۽ وقت درڪار هجي ٿو.

مٿي ذڪر ڪيل اهي سڀ طاقتون آهن، جن سڀني کي هڪ وائيس چانسلر کي هڪ ئي وقت منهن ڏيڻو پوي ٿو. اها حقيقت به آهي ته شايد ئي ڪو وڏو انتظامي عهدو هجي، جتي ٻاهريون قوتون پريشان نه ڪنديون هجن، جيڪي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي اثرانداز نه ٿينديون هجن پر ان لاءِ هڪ ڳالهه انتهائي اهم آهي، اُها اِها ته وائيس چانسلر جي عهدي تي هڪ باوقار شخص ويٺل هجي جنهن کي استاد برادري، شاگرد، يونيورسٽي جا ملازم، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور حمايت حاصل هجي نه ڪي ڊاڪٽر نظير مغل جهڙو شخص جيڪو هر هنڌ نه رڳو پنهنجا پُتلا پر پوري ساک ساڙائي چڪو هجي. شاگرد يونين، ميڊيا، گورنر هائوس، حڪمران ڌر ۽ ان جا اڳواڻ، استاد ۽ ملازم يونين جهڙن سڀئي طاقتن کي هڪ ئي وقت اخلاقي طور ڏيوالپڻي جو شڪار وائيس چانسلر ڪيئن Face ڪندو، جيڪو هن وقت وي سي هائوس ۾ زخمي شينهن جيان پڃري ۾ بند آهي، ۽ جڏهن ته وي سي هائوس هڪ عجائب گهر جو ڏيک ڏئي رهيو هجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو