Home / افيئر / شڪارپور: معصوم ٻارڙن جو ساهُه مُٺِ ۾
above article banner

شڪارپور: معصوم ٻارڙن جو ساهُه مُٺِ ۾

 

شڪارپور ضلعي ۾ ٻني تڪرار، سڱاوتي تڪرار ۽ برادري جهيڙن ۾ سال 2012ع جي جنوري ۽ فيبروري دوران جتي ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون حياتيون ڳڙڪايون آهن، اُتي ان اثر معصوم ٻارڙن جي زندگين کي به نه بخشيو آهي. جنوري جي آخري ڏينهن ۾ مارفاڻي برادري جي هٿياربندن هٿان راڄو خان جعفري ڳوٺ ۾ رهندڙ معصوم نينگري ممتاز مڱڻهار ڏينهن ڏٺي جو قتل ٿي. شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي جي ٿاڻي گولو دڙو تي گناهه نمبر 2012-2 جي فريادڻ مسمات ميهر خاتون زال بابن جو چوڻ آهي ته هڪ سال اڳ ڳوٺ گلشير مارفاڻي ۾ ويٺا هئاسون ته محمد نواز مارفاڻي وارن منهنجي ماروٽ راحب ولد خان محمد مگڻهار کي بي گناهه قتل ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان لڏي وياسون. جوابدار ڌر مسلسل قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائيندي رهي. کين اسان جي لڏي وڃڻ تي ڪاوڙ به هئي ان ڪري اسان جڏهن سندن دٻاءُ ۾ نه آياسين ته هنن اسان کي وڌيڪ هيسائڻ ۽ حراسان ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪري اسان جي نينگري قتل ڪئي آهي. پنهنجي گهر جي اَڱڻ ۾ ڪم ڪندڙ ممتاز کي ڪلاشن ڪوف ۽ جي ٿري سان فائرنگ جي نتيجي ۾ سسي جي کٻي پاسي کي گوليون پروڻ ڪري ويون ۽ هٿيار بند بي خوف فرار ٿي ويا.

فيبروري  مهيني جي پهرين ڏينهن تي يارهن ٻارنهن ساله نينگر محمد علي کي ڳوٺ غلام حسين پٺاڻ ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو جنهن جو ڪارڻ اهو پيو ٻڌايو وڃي ته مقتول جي مڱ کسڻ لاءِ سندس خون ڪيو ويو. جوابدارن نينگر جي قميص سان ئي کيس گهٽو ڏئي موت جي ننڊ سمهاريو. گناهه نمبر 2012-7 جي فريادي بهار شر جو چوڻ آهي ته جوابدار ڳوٺ محمد عالم پهوڙ جا آهن. ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڏاڍائي ۽ ظلم به اسان سان ۽ هيسايو به اسانکي پيو وڃي.

فيبروري جي ٻي هفتي جي آخري ڏينهن تي زميني تڪرار تان 12 ساله معصوم شمن بڊاڻي جتوئي قتل ٿيو آهي جيڪو مينهون چاري رهيو هو ۽ ٽيپهري ويل ماريو ويو. بڊاڻي جي مڇي فارم وٽ هٿياربند آيا ۽ ڇتي فائرنگ ڪري معصوم زندگي ڳڙڪائي ويا. ڪڇي جي ٿاڻي ڪوٽ شاهو تي داخل ايف آءِ آر گناهه نمبر 2012/4 مقتول جي ماءُ مسمات ماروي زال خان بڊاڻي فريادي ٿي آهي. سندس چوڻ آهي ته واقعو اربيلو بڊاڻي وارن سان هلندڙ تڪرار جو نتيجو آهي. جن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ اربيلو بڊاڻي ۾ راند کيڏندڙ ست ساله نينگري هدايت خاتون جي قتل جا پيرا ٻڌائن ٿا ته بڊاڻي برادري ۾ هلندڙ تڪرار معصوم نينگري جي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيا آهن. مقتول ٻارڙي جي ماءُ مسرت بڊاڻي ٻڌائي ٿي ته اسان جو جهيڙي سان ڪو به تعلق نه هو. ان جي باوجود اسان سان نسورو ناحق ٿيو آهي. شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور جي ڪچي واري انهي علائقي جا مٿيان ٻئي واقعا هفتي ڏيڍ جي عرصي ۾ هڪ ئي برادري جي معصوم ٻارن جو زندگيون ختم ڪري ويا آهن. وڏڙن جي ويڙهه ۽ انائن جو ڪيتو معصوم ٻارڙن کي لوڙڻو پيو آهي ۽ پنهنجي دشمنين ۽ پلاند پاڙڻ واري وڌندڙ رجحان معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. اهي ٻارڙا جن کي اڃا پوري ريت اهو شعور ئي ناهي ته جهيڙو ڇا ٿيندو آهي ۽ نفرت ڪهڙا رنگ پسائيندي آهي. دشمنين ۽ جنگين جي اخلاقيات ۾ ٻارن. ٻڍن ۽ عورتن کي نشانو ناهي بڻائبو پر خبر ناهي ته اڄ الائي ڪهڙو واءُ گهليو آهي جو ماڻهن کان اهي قدر ئي وسري ويا آهن ۽ وير پاڙڻ دوران به جن ڳالهين جو لحاظ رکڻ ضروري هوندو آهي تن جو خيال به نه ٿو ڪيو وڃي ۽ رڳو شڪارپور نه پر لڳ ڀڳ پوري سنڌ جي سرزمين گذريل ڪيترن ڏهاڙن کان معصوم ٻارن لاءِ ٽامڻي بڻيل آهي ۽ ان احساس کي آڏو رکندي چائيلڊ رائيٽس ڪميٽي شڪارپور 23 فيبروري تي ٻين ڌرين جي سهڪار سان هڪ پرامن واڪ به ڪيو آهي. ٻارڙن جي حوالي سان اهي ضلعي انتظاميا ۽ متاثر خاندانن سان به لهه وچڙ ۾ آيا آهن ميڊيائي سطح تي به آواز بلند ڪيو ويو آهي. پر ان جي باوجود واقعن ۾ گهٽتائي نه ٿي آهي نه وري ڪي اهڙيون سرگرميون سامهون اچي سگهيون آهن جن سان اهڙن درد ناڪ المين جي ڪا ئي روڪٿام يقيني بڻجي سگهي. ان حوالي سان نه ته ڪا سياسي سنجيدگي ڪو کڙ تيل ڪڍي سگهي آهي نه ئي انتظامي طور تي ڪائي اڳڀرائي ٿي آهي. واقعن کي گهريلو، زمين ۽ ذاتي ڇڪتاڻ چئي ڪن لاٽار ڪرڻ واري روش انتهائي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ ان رجحان جي ڪري ٻارڙن سان پيش ايندڙ واقعن جا ٻين سوين ٻارڙن جي ذهنن تي انتهائي هاڃيڪار اثر مرتب ٿي رهيا آهن.

هڪ طرف اها سنگين صورتحال آهي ته ٻئي طرف شڪارپور شهر ۾ تاريخي ۽ قديمي تعليمي درسگاهن ۾ شودن جون شودي گيريون وڌي ويون آهن ۽ انهن ۾ ايتري ته تيزي اچي وئي آهي جو شاگردن ۽ استادن وٽ احتجاج کانسواءِ ڪو دڳ ئي نه بچيو آهي ۽ اهي شڪارپور جي روڊن تي احتجاج پڻ ڪري چڪا آهن. ان حوالي سان تازو ئي هاءِ اسڪول ٽو ۾ استادن سان پيش آيل واقعي شاگرد ۽ استادن ۾ بي چيني جي لهر پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ استاد ضلعي انتظاميا ۽ سياسي ماڻهن سان مسلسل رابطي ۾ رهيا آهن پر کين ٺلهن دلاسن کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پيو آهي. اهي استاد ايڏا ته هيسيل آهن جو سڌي سنئين ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر به نه ٿا ڪٽرائي سگهن. هاءِ اسڪول ٽو، ون قاضي حبيب الله، اسلاميه، شاهه لطيف، حاجي فتح محمد اوستو ۽ سٽي اسڪولن ۾ هزارين شاگرد ۽ سوين استاد اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آهن. انتظاميا ۽ سياسي پنڊتن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. تنهنڪري سازگاز تعليمي فضا جي اڻ هوند انيڪ ڳڻتي جي اُهڃاڻ آڇي رهي آهي. اهي الميا گهٽجڻ بدران ان ڪري به وڌي رهيا آهن ڇو ته انهن جو ڪو نوٽيس نه ٿو وٺي. اهي ڪنهن جي ترجيح ناهن.

دراصل تيزي سان اجتماعيت واري احساس جو ڏُڪر سماج کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري رهيو آهي. اناپرستي جي خول ماڻهن کان ماڻهپو ڦري ورتو آهي. هوڏ ايتري انتها تي پهچي چڪي آهي جو وڙهندڙ ۽ ماريندڙ کي خود خبر ئي نه ٿي پوي ته متاثرڌر جو قصور ڪهڙو هو ۽ متاثر ماڻهو ان ڳالهه تي حيران ۽ پريشان آهن ته وقت جي اها وڄ هنن مٿان ڪهڙن افعالن جي رد عمل ۾ مصيبت بڻي نازل ٿي آهي. ڳوٺن ۾ گولي جي ٻولي ٿي هلي ۽ اها ايتري زور سان گونجي ٿي جو ان جو کاڄ بڻجڻ کان پوءِ متاثر ڌر جي مردن بدران عورتون ڪيس داخل ڪرائن ٿيون ڇو ته مردن کي موت جو خوف ٻاهر نڪرڻ نه ٿو ڏئي ۽ اهي پنهنجي مورچن ۾ ئي پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري وڏڙن جا وير ننڍڙن جي زندگين جي ڏيئي اُجهامڻ سان پاڙجن ٿا. ان سموري صورتحال جي پسمنظر ۾ جڏهن ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ آڏو انيڪ سوال رکجن ٿا ته هو حالتن جي سنگيني سان اتفاق ڪندي سوال اُٿاري ٿو ته حالتن جي تبديليءَ ۾ سول سوسائٽي جي گهربل ڪردار جي اڻ هوند ڪري معاملا ويتر خراب ٿين ٿا.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڏوهارين جي ڌر ماڻهن کي خاموش ڪيو ٿي اچي پر جيستائين اها مصلحت رهندي تيستائين ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيئن ٿيندو؟

هو وڌيڪ چوي ٿو ته ڪيسن جي عدالت تائين رسائي وارا ڪيترائي مرحلا پوليس لاءِ آزمائشي ثابت ٿين ٿا. پهرين ته ڪو فرياد لاءِ تيار ناهي ۽ ڪيس داخل ٿي به وڃي ته ان جي پيروي ۽ ثبوت به هڪ امتحان ئي هجن ٿا. ان جي باوجود پوليس پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي آئي آهي. جهيڙيندڙ ڌرن جهالت سبب هڪٻئي جا جهڳا جهڻ ڪري ڇڏيا آهن، ڪيسن ۾ اڪثر نامزد مفرور ۽ روپوشن جي گرفتارين لاءِ ڇاپا بدستور جاري آهن ۽ اطمينان جوڳي حد تائين گرفتاريون به ٿيون آهن. ٻارڙن جي قاتلن خلاف هنگامي ۽ ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪندا آهيون.

انهي اهم نوعيت جي معاملن ۾ ميڊيا به گهربل حد تائين اک نه پٽي آهي. اسان وٽ واقعا رپورٽ ٿين ٿا انهن جا سبب ۽ سماج تي پوندڙ اثر رپورٽ نه ٿيا ٿين. جيڪڏهن اهي رخ پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان عيان ٿين ۽ پنهنجو پورو پورو تاب ڏيکارڻ شروع ڪن ته رياست ۽ ان جي ادارن کي باقاعدگي سان شرمائي سگهجي ٿو ۽ جهالت جي جُوءِ ۾ زندگيون گهاريندڙ ماڻهن جو ماڻهپي ڏانهن ڌيان ڇڪرائي سگهجي ٿو ۽ زنگجي ويل ضميرن تي چڙهي ويل وقت جي دزُ هٽائي سگهجي ٿي. پر ان حوالي سان گهربل اڳڀرائي جي سوچ جو احساس ئي پئدا ناهي ٿيو ته وڌيڪ اڳڀرائي ڪيئن ٿي سگهندي. تنهنڪري ضروت ان ڳالهه جي آهي ته وقت جي قلمڪار کي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ چڻنگ مان چڻنگ اُٿي ڀڀڙ ٿيندو آهي ۽ جڏهن اهو ٻرندو آهي ته گهڻن انائن جي بتن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندو آهي.

naseembukhari@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو