Home / افيئر / فرانس ۾ صدارتي چونڊون ۽ تاريخ جي ڪُک ۾ لڳل خنجر
above article banner

فرانس ۾ صدارتي چونڊون ۽ تاريخ جي ڪُک ۾ لڳل خنجر

 

روس کانپوءِ فرانس ۾ به هي چونڊن جو سال آهي. ايندڙ صدارتي اليڪشن ۾ ٽن ڌرين ۾ مقابلو آهي. اپريل يا مئي ۾ پهريون مرحلو ڪرايو ويندو. اگر ڪو اميدوار واضح اڪثريت يا مقرر ڪيل ووٽ نٿو حاصل ڪري ته پوءِ ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. ان ۾ جنهن اميدوار سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا ته ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو.

صدر جو مدو ست سال هوندو آهي. فرانس ۾ نائب صدر جو عهدو ڪونهي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ به آهي جيڪا پڻ اليڪشن ذريعي چونڊي ويندي آهي. فرانس ۾ گذريل 50 سالن کان هر صدارتي چونڊ ۾ الجزائر وارو قصو اهم ۽ چونڊ مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته الجزائر 1962 ۾ ستن سالن جي ڊگهي گوريلا جنگ ذريعي فرانس کان آزادي حاصل ڪئي هئي. فرانس جي قبضي دوران لکين الجزائرين پنهنجي جان ۽ عزتن جي قرباني ڏني هئي. آزاديءَ جي جنگ جو هيرو بن بيلا هيو. جنهن جنگ ۾ الجزائر جا نوجوان ننڍي عمر ۾ فرانسي قابض فوج تي گولي هلائيندا هئا ۽ ڇوڪريون هوٽلن ۾ بم رکي وينديون هيون. هن جنگ ۾ الجزائر جا 2 لک رهواسي فرانس جي قبضي جا حامي هئا ۽ ديش دروهي وارو ڪردار ڪندا رهيا. جيڪي آزادي کانپوءِ فرانس ڀڄي ويا ۽ فرانس جي سرڪار انهن کي شهرن ۾ آباد ڪرڻ بجاءِ شهر کان ٻاهر ڪئمپن ۾ آباد ڪيو.

 

فرانس جي بيٺڪيت هئڻ جي ڪري الجزائر نجات ماڻهن جو چڱو تعداد يعني 2.3 ملين ووٽر پڻ آهن. ان ڪري سوشلسٽ پارٽي کي ٻاهريان يعني تارڪين وطن ويجها آهن ۽ انهن جو پڻ هنن لاءِ سافٽ ڪارنر هوندو آهي. اهي چوندا ته ساڄي ڌر وارن جو تارڪين وطن وارن لاءِ سخت رويو هوندو آهي ۽ هو ٻاهرين آباديءَ جي آمد خلاف آهن. جيڪا يورپ جي ملڪن ۾ آئي ڏينهن وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته انساني اسمگلرز ۽ روزگار خاطر ۽ بهتر مستقبل لاءِ اولهه جي ملڪن جو رخ ڪري رهيا آهن ۽ مقامي آبادي صنعتي انقلاب کانپوءِ آبادي جي واڌ ۾ عورتون خاص ڪري پڙ ڪڍي بيٺيون آهن. ان ڪري نئون نسل جي واڌ ويجهه ۾ اضافو گهٽ ٿي رهيو آهي. ان ڪري اولهه جي ملڪن ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته ائين نه ٿئي جو هو ايندڙ وقت ڪنهن اقليت ۾ نه اچي وڃن. هڪ وري اتي انتهاپسند گروپ آهي جيڪي الٽرا قوم پرست يا فار لائٽ جي نالي سان مشهور آهن. اهي آهن ته ٿوري تعداد ۾ مگر انهن جي ڪئمپ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهي گروپ ڌارين جي خلاف آهن ۽ انهن جي وجود جي خلاف بلڪه انهن کي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو پروگرام آهي. ان ڪري هو مختلف موقعن تي حملا وغيره ڪن ٿا ۽ قتل وغيره جا ڪيس به ٿيا آهن جنهن کي هو هيٽ ڏوهه ڪري چوندا آهن.

مٿين ٽن پارٽين وچ ۾ ايندڙ مهيني فرانس ۾ صدارتي دنگل ٿي رهيو آهي. موجوده صدر نڪولس سرڪوزي جو مقابلو سوشلسٽ اميداوار مينوڪا ۽ فار رائٽ اميدوار لي بن جي وچ ۾ ٿيندو. مسٽر نڪولس سرڪوزيءَ جي پوزيشن ڪا سٺي ڪونهي. خاص ڪري يورو زون گهوٽالي سان گڏ فرانس اندر معيشت ۾ سڌارو ڪو نه آيو آهي ۽ پيداواري حدف به پورو ڪو نه ٿيو آهي. جڏهن ته فرانس ۾ بيروزگارن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ملڪ اندر معيشت مضبوط نه ٿي سگهي آهي. ٻيو ته يونان جي معاشي گهوٽالي سڀني کي لوڙهي ڇڏيو آهي. فرانس ۾ افغانستان ۾ موجود فوج جو طالبان هٿان مارجڻ به سوال اٿاري رهيو آهي. ٻيو ته برطانيا يورپي يونين ۾ شامل هجڻ باوجود يورو زون ۾ شامل ڪونهي. برطانيه ۽ فرانس ۾ سفارشي لاڳاپن جي حوالي سان سرگرمي ڪونهي، هڪٻئي تي تنقيد ٿي رهي آهي. شام اندر جيڪو ڏڦيڙ آهي ان ۾ فرانس جو ڪردار ڪونهي. ڇاڪاڻ ته شام پهرين مها ڀاري جنگ کانپوءِ فرانس جي قبضي هيٺ رهيو پر شام بيٺڪيت نه رهيو، جيئن الجزائر آوري ڪوسٽ ۾ آفريڪا جا ٻيا ملڪ رهيا آهن.

سرڪوزي هڪڙي ڳالهه ضرور ڪئي جيڪا هن جي مقابلي ۾ اڳوڻي آءِ ايم ايف جي سربراهه جناب اسٽراس ڪيهن سوشلسٽ پارٽي جو مضبوط اميدوار رهيو ۽ هو عوام ۾ مقبول رهيو. ڇاڪاڻ ته هو فرانس جو اڳوڻو ناڻي وارو وزير به رهي چڪو هو. ان مٿان هڪڙي سازش تحت گذريل سال آمريڪا ۾ جنسي ڏاڍائي وارو ڪيس مڙهيو ويو، جنهن تحت هن جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ۽ ان تحت سندس کان عالمي ماحولياتي اداري واري سيٽ ته وئي پر ڪورٽ جا به چڪر ڪاٽيا. سوشلسٽ پارٽي کيس ٽڪيٽ به نه ڏني. پوءِ سوشلسٽ پارٽي گهٽ مقبول اڳواڻ مسٽر ميلنڪا کي ٽڪيٽ ڏني. جيڪڏهن اميدوار اسٽراس ڪيهن هجي ها ته سرڪوزي جو ٻيهر صدارتي اليڪشن کٽڻ مشڪل هجي ها پر جڏهن ته سرڪوزي جي مقبوليت ۾ اڃا تائين ڪو اضافو ناهي ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ جو هو هڪ ته پاڪستان کي ميرين بوٽ واري معاهدي ۾ شامل هيو جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ فرانس جي عملدارن جي بس تي جيڪو حملو ٿيو جنهن ۾ ڪجهه فرانسيسي شهري مارجي ويا هئا. اهو حملو دراصل طئي ٿيل ڪميشن نه ملڻ جي ڪري ٿيو هو. اڄڪلهه اهو ڪيس فرانس جي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. ٽيون اميداوار لي پن آهي جيڪو غير يورپين جي آبادڪاري خلاف نسل پرست فار لائٽ جو نمائندو آهي. جيئن ته هيءُ همراهه انتهاپسندن جو نمائندو آهي ۽ فرانس جي الجزائر جي قبضي جي حق ۾ آهي ۽ جنرل ڊيگال جي 18 مارچ 1962ع واري فيصلي جي خلاف ۽ الجزائري شهرين جي فرانس ۾ موجودگي ۽ آبادي خلاف آهي، گڏوگڏ سندن نيڪالي جو حامي آهي. لي پن جي حمايت بظاهر ته گهٽ آهي پر هن کي 14 کان 18 سيڪڙو ووٽ ملڻ جي اميد پڻ آهي. جڏهن ته سرڪوزيءَ جو اصل مقابلو سوشلسٽ اميدوار سان آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي گاڏڙ نسل جي آبادي جي اڪثريت جي حمايت آهي ۽ هاڻي يورو گهوٽالي جيڪو ماڻهن کي پريشان ڪيو آهي ان جي حل جي اميد ماڻهو سوشلسٽ پارٽيءَ مان رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته سوشلسٽ پارٽي ۾ هيٺئين ڪلاس جنهن ۾ عام ماڻهو ورڪر ڊيلي ويجز ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت جي اڪثريت شامل آهي. ايئن ممڪن آهي ته صدارت هن ڀيري سوشلسٽ اميدوار جي هٿ ۾ وڃي پر اهو وقت ٻڌائيندو. جرمنيءَ ۾ پڻ ڪرسچن ڊيموڪريٽ پارٽي کي مڪاني ادارن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ چانسلر اينجيل مارکل جي پارٽيءَ کي خاص ڪري برلن شهر ۾ شڪست ملي آهي. جيڪو ڪرسچن ڊيموڪريٽس جو ڳڙهه هيو. ان کان اڳ ۾ پاڙيسري ملڪن جي حڪومتي پارٽيءَ عوامي دٻاءَ تحت چونڊيل نمائندن جي هوندي ٽيڪنوڪريٽ حڪومتي سربراهه ڪيا ويا جيڪي اٽلي ۾ مارسڪوني جي جاءِ تي هوٽي ۽ يونان ۾ پينيدرو جي جاءِ تي هڪ ٻئي همراهه کي حڪومتي سربراهه مقرر ڪيو ويو ۽ اسپين ۾ سوشلسٽ پارٽي کي شڪست آئي ۽ قدامت پرست پارٽي حڪومت ۾ آئي. انهن سڀني جو اثر فرانس ۾ ٿيندڙ اليڪشن تي ضرور پوندو. لبيا ۾ حڪومت خلاف ناٽو جي سربراهي فرانس ۽ برطانيا ڪئي جنهن ۾ نو فلاءِ زون ۾ فرانسيسي جهازن معمر قذافي جي هوائي طاقت کي تباهه ڪري ڇڏيو. سرڪوزي لبيا مان قذافي جي تڏاويڙهه جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ فرانس جو يورو زون ۾ پڻ اهم ڪردار ۽ يونان کي ڊفالٽ مان بچائڻ جو پڻ سهرو پاڻ تي کڻندو.

فرانس 2014 ۾ فرانسيسي ايساف ۾ شامل فوج کي واپس گهرائيندو ۽ آوري ڪوسٽ ۾ بيگو حڪومت خاتمي جو سهرو پاڻ کڻندو ته فرينچ آرمي بيگو کي گرفتار ڪرائي حڪومت کٽيل اميدوار حوالي ڪئي. فرانس شام خلاف ۽ ايران خلاف عالمي پابندي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فرانس شام مان پنهنجو سفير واپس گهرايو آهي. انهن سمورين ڪارستانين باوجود فرانس جي ڪيل ڪالونائيزيشن واريون طويل حرڪتون صدر ديگال ڌوئي نه سگهيو. پر اڃا تائين فرانس ۾ چونڊ مهم ۾ اهم ڪردار طور ياد رهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته فرانسيسي ڪنهن ڪالوني مان عزت سان نه نڪتا آهن. جيئن خاص ڪري انگزير آهي  سولو انهن به ڪو نه ڇڏيو پر فرانس، جاپان، پورچوگيزن ۽ اسپينين کان گهٽ ظالم رهيا آهن ۽ انهن اتي ڪافي سڌارا پڻ آندا. پر فرانسيسي ان مقابلي ۾ گهٽ ڪردار جو مظاهرو ڪيو آهي جيئن آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جنهن ۾ يوگنڊا، آوري ڪوسٽ، بحر ڊيلٽا جي ملڪن۾ شامل آهن.

فرانسيسي عوام هاڻي آباد ٿيل ماڻهن کي فرانس مان ڪڍي نٿو سگهي. ان ڪري پنهنجي ماضي جي ڪاررواين کي ڏسي ڪري برابري جو چيو پيو وڃي ته هو آرمين جي نسل ڪشي تي معافي وٺي تيئن الجزائري عوام کان معافي ورتي وڃي ۽ ظلم جو حساب ڏنو وڃي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو