Home / ڪور افيئر / لکين غير قانوني پرڏيهين کي قانوني بنائڻ جي سازش
above article banner

لکين غير قانوني پرڏيهين کي قانوني بنائڻ جي سازش

 

عاجز جمالي

aajiz_jamal

تازو ڪراچي جي بنارس چوڪ جي پٺاڻن مان هڪ ڇوڪريءَ جي شادي سندس ڪنهن مائٽ سان ڀارت جي شهر دهليءَ ۾ ٿي. ڇوڪري مائٽن سان وزٽ ويزا تي ڀارت وئي. ٽن مهينن اندر اتي شادي به ٿي وئي پر ڀارت سرڪار جو چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ کي واپس پاڪستان وڃڻو پوندو. ڪراچيءَ مان نڪاح نامو ٺهرائڻو پوندو. پاڪستاني سفارت خانو جڏهن شاديءَ کي قبول ڪري ڇوڪريءَ کي ٻيهر ڀارت موڪليندو تڏهن شادي شده ڇوڪري کي ڀارت ۾ رهڻ ڏنو ويندو. ڇوڪريءَ جا مائٽ ڏچي ۾ اچي ويا. ساڳي صورتحال عرب ملڪن ۾ هوندي آهي، عرب ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ پاڪستاني به اتي مقامي شهري نه ٿو بڻجي. جيڪڏهن پاڪستان مان هُو شادي ڪري ٿو ته شادي ڪري ويندڙ ڇوڪريءَ کي اتي هميشه ويزا تي رهڻو پوندو آهي. دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ شهريت حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. سڄي حياتي اتي پاڪستاني بڻجي رهڻو پوي ٿو. پر پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي ڪير به پرڏيهي اچي اُهو ڪجهه سالن ۾ پاڪستاني بڻجي وڃي ٿو. کيس “شهريت” ڇا پيدائش جو سرٽيفيڪيٽ، سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ مقامي پاسپورٽ به ملي وڃي ٿو. پر غير قانوني طور ايندڙ پرڏيهين ۾ وڏو انگ پوءِ به غير قانوني رهي ٿو. ڇو ته انهن جو انگ لکن ۾ آهي.

پاڪستان ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي اندر غير قانوني پرڏيهين جو سڀ کان وڏو انگ رهي ٿو. جن کي سياسي مفادن خاطر سياسي پارٽيون مقامي بڻائينديون رهنديون آهن. ان ڪري غير قانوني طور آباد پرڏيهي به هتي منظم سياسي قوت بڻجي ويا آهن. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري صديق اڪبر ٻڌايو ته 1971 کانپوءِ ڪراچي ۾ رهندڙ لکين بنگالين کي نادرا سُڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيندو. قومي اسيمبليءَ جي گهرو مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين ڪراچي مان چونڊيل ايم اين اي عبدالقادر پٽيل آهي جيڪو خبر ناهي ڪهڙي بنياد تي ڪراچي جي بنگالين کي سُڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي حق ۾ آهي. ماڙي پور روڊ تي سندس تڪ ۾ بنگالين جي وڏي آبادي آهي. “مڇر ڪالوني” ۾ هزارين بنگالي رهن ٿا. پر ڪراچي ۾ بنگالين جي سڀ کان وڏي آبادي اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ۾ آهي. سرڪاري رڪارڊ موجب 25 لک غير قانوني پرڏيهي سنڌ ۾ آباد آهن. سوال رڳو بنگالين جو ناهي. ان کانسواءِ بهاري، برمي، افغاني ۽ ٻين ملڪن جا غير قانوني پرڏيهي ڪراچي ۾ رهن ٿا. غير سرڪاري انگن اکرن موجب صرف ڪراچي ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين جو انگ 50 لک کان وڌيڪ آهي. جن مان لکين ماڻهن وٽ اڳي ئي سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن. اُهي سنڌ جا شهري بڻجي چُڪا آهن. انهن جا ووٽر لسٽن ۾ نالا پڻ موجود آهن. هنن ووٽر لسٽن مان وري ڪراچي ۾ رهندڙ هزارين سنڌين جا ووٽ ڪراچي مان خارج ڪري سندن اباڻن ڳوٺن جي لسٽن ۾ نادرا پاڻ شامل ڪري ڇڏيا، ڇو ته سُڃاڻپ ڪارڊ ۾ مستقل پتو دادو يا جوهي لکيل آهي. پر ڪراچي ۾ رهندڙ “بنگالي” جو نالو ووٽر لسٽن ۾ شامل آهي ڇو ته سندس مستقل ايڊريس واري خاني ۾ “بنگلاديش” بهرحال ناهي لکيل.

ملير جو پروفيسر ٻڌائي ٿو ته هُو نوجواني کان ڪراچي ۾ رهي ٿو. ڪيترائي ڀيرا ووٽ به ڪراچيءَ ۾ ڏئي چُڪو آهي پر هن ڀيري ووٽر لسٽن مان سندس نالو غائب ڪيو ويو آهي. سندس نوجوان پٽ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو آهي. 2008 جي اليڪشن ۾ هُو ووٽ به ڏئي چُڪو آهي پر تازين لسٽن ۾ سندس سڄي ڪٽنب جو نالو خيرپور ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت غير قانوني پرڏيهين کي سُڃاڻپ ڪارڊ ڏئي هتان جو شهري بنائڻ ۽ سنڌين ۽ بلوچن جو ووٽ ڪراچي مان خارج ڪرڻ جون ڪڙيون هڪٻئي سان ملي رهيون آهن. ان ۾ ڪراچيءَ جي اهم اتحادي ڌر ملوث آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي غير قانوني پرڏيهين خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي. سنڌ اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو هُئو ته 16 لک کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي سنڌ ۾ آباد آهن. پر اصل ۾ اهو انگ صحيح ڪونهي. 1971 ۾ بنگال الڳ ٿي بنگلاديش ٺهيو. هتي رهجي ويندڙ بنگالي ۽ بهاري اُهي آهن جن بنگلاديش جي آزاديءَ جي تحريڪ جي مخالفت ڪئي هُئي “الشمس” ۽ البدر” نالي تنظيمون ٺاهيون هيون. اُهي تڏهن کان چوندا آيا ته هو پاڪستان سان گڏ رهڻ ٿا چاهين. تڏهن پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ هنن بنگالين ۽ بهارين جي حمايت ڪئي. 1947 ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ رهندڙ قديمي پٺاڻ خاندان جيڪي ورهائجي ويا. اُهي ڀارت ۾ سخت قانون سبب پنهنجي مائٽن ۾ شادي به نه ڪري سگهندا آهن پر 1971 ۾ بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ رهجي ويل “بنگالي” لکن جي تعداد ۾ اڄ پاڪستاني بڻجي ويهي رهيا آهن. غير قانوني طور تي اڳي ئي هُو سڀ دستاويز استعمال ڪندا رهيا آهن پر هاڻي کين قانون حيثيت ڏني پئي وڃي.

ڪراچي ۾ بنگالي ۽ بهاري ايم پي ايز بڻجي ايم ڪيو ايم جي سيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچي ويا. اورنگي ٽائون جو اڳوڻو ٽائون ناظم بنگالي هُئو. فيروز بنگاليءَ هتي بنگالي ايڪشن جوڙي آهي. هي تنظيم هر سياسي پارٽيءَ کي بنگالين جي “افرادي قوت” پئسن تي فراهم ڪندي آهي. فيروز شيخ (فيروز بنگالي) به اصل ۾ ايم ڪيو ايم جو ماڻهو آهي. پيپلز پارٽيءَ جو گڊو بهاري پڻ ٽائون ناظم بڻجي چُڪو آهي. بنگالين جون منظم تنظيمون ڪم ڪن پيون. “پاڪ مسلم الائنس”، “شير بنگال مسلم ليگ” وغيره. بنگالين جا ڪائوسلر، ايم پي ايز، ايم اين ايز موجود آهن. اهو سڀ ڪجهه غير قانوني آهي. ڇو ته شهريت جي اصولن مطابق بنگالي، بهاري، برمي پاڪستان جا شهري نه ٿا بڻجي سگهن. جيستائين پارليامينٽ اهڙو ڪو قانون پاس ڪري کين پاڪستاني نه ٿي بڻائي. اهڙي صورتحال ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ پاران غير قانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت ڏيڻ نه رڳو غلط فيصلو هوندو بلڪه اهو خدشو سچ ثابت ٿيندو ته سنڌ ۾ رهندڙ مقامي سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽيءَ اندر خود هڪ تڪرار موجود آهي. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته بنگالين ۽ افغانين کي سُڃاڻپ ڪارڊ نه پيا ٺاهي ڏنا وڃن. خود سنڌ جي گهرو وزير منظور وساڻ جو به اهو ئي چوڻ آهي. پر اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين قادر پٽيل جو چوڻ آهي ته بنگالين کي شهريت نه پئي وڃي صرف “سُڃاڻپ ڪارڊ” ڏنو ويندو جنهن ۾ “بنگالي” لکيو ويندو. دنيا ۾ اهڙو ڪو به قانون موجود ڪونهي. جو هڪ شخص کي پرڏيهي به چئون ٿا ۽ سُڃاڻپ ڪارڊ (شهريت جو بنيادي دستاويز) به ڏيون ٿا. ڇو ته سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي ڊوميسائيل ٺهندو آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ “ورڪ پرمٽ” جو قانون آهي. جيڪڏهن اسان جڏهن کين “بنگالي” مڃون ٿا ته پوءِ کين “ورڪ پرمٽ” جاري ڪرڻ گهرجي. جيڪا هڪ سال لاءِ هوندي آهي. يا عرب ملڪن وانگر “ورڪ ويزا” ڏيڻ گهرجي جيڪا وڌ ۾ وڌ پنجن سالن لاءِ هوندي آهي ۽ ان کي هر سال نئون ڪرائڻو پوندو آهي. سنڌ ۾ سرڪار جي خاموشي، وفاقي سرڪار جي منافقت ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهه ڪندڙ ڌرين جي هن مسئلي تي مونجهارو افسوسناڪ آهي. ڇو ته هي ڪو ننڍو مسئلو ناهي 50 لک غير قانوني پرڏيهين کي قانوني حيثيت جو سوال آهي.

aajizjamali@yahoo.com

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو