Home / ڪرنٽ افيئر / نام نهاد مهاجر صوبي جو مطالبو ڌريا ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا
above article banner

نام نهاد مهاجر صوبي جو مطالبو ڌريا ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا

ٿورا ڏينهن ٿيا آهن ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۽ سنڌ جي دل يعني ڪراچيءَ ۾  سو کن ماڻهو، وي.آءِ.پي زون ۽ ٻين مختلف رستن تان ٿيندا ڪراچي پريس ڪلب وٽ اوچتو اچي ڪڙڪيا جن سنڌ اندر هٿ ٺوڪئي مهاجر صوبي ٺاهڻ جي گھُر ڪئي ۽ اهي دڙڪا دهمان به ڏنا ته جيڪو اسان سان ٽڪرائبو سو پاش پاش ٿي ويندو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي  ۾ پڻ اهڙا پوسٽر هنيا ويا. نه رڳو ايترو پر سنڌ اسيمبليءَ  ۾ اهڙو ٺهراءُ پيش ڪندڙ نصرت سحر عباسي ۽ ٻين عورتن کي موبائيل فون ۽ ايس.ايم.ايس ذريعي قتل ڪرڻ ۽ ٺهراءُ پيش ڪندڙن کي سنگين نتيجن ڀوڳڻ جا دڙڪا به ملڻ لڳا آهن جيڪا انتهائي خطرناڪ ڳالهه آهي. ائين محسوس پيو ٿئي ته سنڌ جي ڌرتي ڌڻين  جا ويري هڪ ڀيرو وري پنهنجون صفون ٻڌي رهيا آهن، جن جو مقصد صدين کان امن ڀري صوفين واري ڌرتيءَ تي رتوڇاڻ ڪرڻ آهي. انهيءَ مقصد لاءِ سنڌ جي هر سپوت کي سجاڳ رهڻو پوندو ۽ اسانکي جذبات ۾ اچڻ بدران عقل کان ڪم وٺي انهيءَ فتني کي مٽيءَ ۾ ملائڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ دشمن قوتن کي هن سرزمين تي امن کُکي ٿو ۽ هو سنڌين کي جذباتي بڻائي ۽ فساد پکيڙي پنهنجا بيجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.  هٿ ٺوڪئي مهاجر صوبي جا نعرا ڪجھه وقت اڳ ، ڪراچيءَ جي ڀتين تي رات جي پيٽ ۾ ان وقت اوچتو لکجي ويا هئا جڏهن ايم.ڪيو ايم ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار کان گھٽ ۾ گھٽ چوٿون ڀيرو رُٺي هئي. انهيءَ دوران ذوالفقار مرزا مڙسي ڪري لساني تنظيم جو عوام کي اصلي چهرو ڏيکاريو هو. بقول شيخ اياز جي: “ڪوئي آهي، ڏينهن ڏٺي جو هن ڏائڻ تان پردو لاهي….” ۽ اهو خير جو ڪم ذوالفقار مرزا ڪيو هو. مٿان ايم.ڪيو.ايم جي ترجمان فيصل سبزواري سنڌ سرڪار کي دڙڪا دهمان ڏيندي چيو هو ته مهاجرن کي ديوار سان نه لڳايو، نه ته ديوارن تي لکيل پڙهي وٺو ۽ ديوارن تي لکيل سچ هوندو آهي. اهي دڙڪا دهمان هئا جيڪي  ايم.ڪيو.ايم سنڌ سرڪار توڙي ڌرتي جي ڌڻين کي سڌيءَ ريت ڏنا هئا پر ساڳي وقت انهيءَ لساني تنظيم، اهڙي مطالبي کان ظاهري طور دُوري اختيار ڪئي هئي پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته لساني تنظيم وارا ايڏا معصوم به ڪونه آهن جيڏا هو پاڻکي پوز ڪن ٿا. ٻئي طرف، حقيقي جي سربراهه آفاق احمد جو چوڻ آهي ته ايم.ڪيو.ايم پ پ پ کي ڪمشنري نظام بابت بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مهاجر صوبي جو شوشو ڇڏيو آهي ته جيئن بلدياتي نظام ۾ وڌيڪ اختيار ملن ۽ اهي اڳتي هلي اربين روپين جون سرڪاري زمينون ڦٻائي سگھن.
رپورٽ موجب، ڪجهه درجن ماڻهو ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان شام جو 4 وڳي ڪٺا ٿيا ۽ ڏسندي ڏسندي  سيڪيورٽي ريڊ زون سميت چئني طرفن کان ٻيا به ڪيترا ماڻهو نڪري نروار ٿي انهن سان اچي مليا. انهن مان ٻه اهڙا ماڻهو هئا جن مهاجرن جي الڳ صوبي ٺاهڻ واري مطالبي جا پوسٽر  ورهائڻ شروع ڪيا ۽ نعرا به هنيا، جن تي لکيل هو: “مهاجرن جي مسئلن جو حل مهاجر صوبي ۾ آهي”. اهي پوسٽر هٿ ٺوڪئي “مهاجر صوبا تحريڪ” (ايم.ايس.ٽي) طرفان ورهايا ويا جنهن کي ڪلهه تائين ڪير سڃاڻندو به ڪونه هو. ڪجھه ماڻهن جي هٿن ۾ اهڙا به پوسٽر هئا جن تي لکيل هو ته “جيڪڏهن مهاجر چيف منسٽر نه ٿو ٿي سگھي ته پوءِ مهاجرن لاءِ الڳ صوبو ضروري آهي” ۽ “پاڪستان بچايو،  مهاجر صوبو بڻايو”. هڪ ٻئي پوسٽر تي لکيل هو:  “جيڪڏ هن حڪومت سرائيڪي ۽ هزارا صوبن جي باري ۾ سوچي سگھي ٿي ته انکي مهاجر صوبي جي باري ۾ به سوچڻ گھرجي.” حيرت انگيز طور، مظاهري ۾ شامل هڪ ماڻهو ٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ تيار ڪونه هو پر هنن جو چوڻ هو ته هو الڳ الڳ آيا آهن پر انهن مان ڪوبه پاڻکي ليڊر سڏرائڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هڪ شخص شاڪر عليءَ اها به دعوى ڪئي ته مهاجرن پاڪستان ٺهڻ لاءِ  قربانيون ڏنيون آهن پر هنن کي سندن حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪوٽا سسٽم (مهاجرن لاءِ 20 سيڪڙو) پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي وقت ۾ سال 1949 ۾ رائج ڪيو ويو هو. سال 1952 ۾ مرڪزي سرڪار (هاڻ وفاق) ۾ ست مهاجر سيڪريٽري، 11 مهاجر جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 24 مهاجر ڊپٽي سيڪريٽري هئا جڏهن ته پنج پنجابي سيڪريٽري، ست پنجابي اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ 28 پنجابي ڊپٽي سيڪريٽري هئا. سنڌي ۽ بنگالي سيڪريٽري هڪ به نه هو جڏهن ته هڪ بنگالي جوائنٽ سيڪريٽري ، چار بنگالي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ هڪ سنڌي ڊپٽي سيڪريٽري هئا. بعد ۾ ،ڪوٽا سسٽم تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ مهاجرن لاءِ سيٽون گهٽائي 17 سيڪڙو ڪيون ويون. نئين فارمولي هيٺ 20 سيڪڙو ميرٽ، 40 سيڪڙو ايسٽ پاڪستان (هاڻ بنگلاديش)، 15 سيڪڙو سنڌ، خيرپور، سرحد (هاڻ خيبر پختونخواهه)، پنجاب ۽ بهاولپور ۽ 2 سيڪڙو ڪراچيءَ لاءِ رکيون ويون هيون.
سال 1955 کان 1970 تائين سنڌ ۾ 528 آفيسر رهيا جن مان 147 پنجابي، 220 مهاجر ۽ 146 سنڌي هئا. هڪ سنڌي ليکڪ جي چوڻ موجب سال 1955 کان 1970 تائين مهاجرن سنڌ تي ڀرپور حڪمراني ڪئي.
اهو به ممڪن آهي ته ايم.ڪيو.ايم هميشه وانگيان وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ بليڪ ميلنگ جي اٽڪل طور ، هٿ ٺوڪي مهاجر صوبي جي مطالبي کي غير رسمي طور زور وٺرائيَ.
سال 1972 ۾ شهيد ڀٽي چيو هو: “مان پاڻکي پاڪستاني ثابت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڇا ڪريان؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن کي ماري ڇڏيان؟، ڇا سنڌ جي ڪلچر کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيان؟ اسان سنڌ ۾ رهندڙ پشتونن، پنجابين ۽ مهاجرن کي پنهنجون زمينون ڏنيون، اسان کين پنهنجا گھر ڏنا، اسان سندن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، پنهنجي خلوص ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسان کي پاڪستان لاءِ احترام آهي ۽ اسان مهاجر ڀائرن جا خيرخواهه آهيون.” جيڪڏهن بي ريا ٿي ڏسجي ته ڪراچيءَ واري فتني جي اصل پاڙ پهريون وزيراعظم لياقت علي خان پاڻ هو. پاڪستان ۾ هندوستان جي پهرين هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش پنهنجي اردو ڪتاب “سري پرڪاش اور پاڪستان”۾ پنهنجي يادگيرين وارن مضمونن جيڪي اصل هندستان ٽائيمز (انگريزي) ۽ دهلي کان اردو ۾  شايع ٿيل ڪتاب “پاڪستان” ۾ شايع ٿيا، بعد ۾ اهو ڪتاب 1966۾ پاڪستان ۾ اردوءَ ۾ شايع ٿيو ۽ جنهن کي فرمان فتح پوري ايڊٽ ڪيو تنهن ۾  لکيائين ته مان جڏهن لياقت علي خان سان ڪراچيءَ ۾ مليس ته سندس اها خواهش ڄاڻي حيران ٿيس ته  لياقت علي خان ڪراچيءَ جي آبادي هٿرادو طريقي سان وڌائي چاليهه لک ڪرڻ ٿي چاهي يعني ان وقت سڄي سنڌ جي برابر جيڪا چاليهه لک هئي. ڪراچيءَ کي الڳ صوبي ٺاهڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز موجود ناهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ، ڪراچيءَ جو هڪ وڪيل آزاد بن حيدر اهڙو مطالبو ڪندو رهيو جنهن کي شهيد ڀٽي ڪيترا ڀيرا جيل جي هوا کارائي هئي.  جيڪڏهن ڪراچيءَ جي صحيح آدمشماري ڪرائجي ته اڇا ڪارا پاڻهي پڌرا ٿي  پوندا. هاڻوڪي صورتحال موجب ڪراچيءَ ۾ پشتو ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ، اردو ڳالهائيندڙن کان وڌيڪ آهي پر جيئن ته ميڊيا (اردو) انهن جي هٿ ۾ آهي تنهن پاڪستان ٺهڻ کان وٺي، جائز توڙي ناجائز طريقي سان انهن جو ساٿ ڏنو آهي. سال 1947 کان 1971 (پاڪستان ٽٽڻ) تائين واري عرصي جون اردو اخبارون ڏسبيون ته اها چڱي ريت پروڙ پوندي ته جڏهن به اڪثريت يعني بنگالين ( سڄي ملڪ جو 56 سيڪڙو) کان علاوهه سنڌين، پختونن ۽ بلوچن پنهنجا قومي حق گھريا ته مٿن اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، هندوستاني ايجنٽ، نظرئي پاڪستان جا دشمن هئڻ وارن الزامن جي بارش وسائي وئي. پاڪستان جي ٽٽڻ کانپوءِ، انهن جي حڪمت عمليءَ ۾ ظاهري طور تبديلي آڻي.  هاڻ بيجا فائدا وٺڻ واريون قوتون نئين پوشاڪ پهري نروار ٿيون جيئن هو پاڻ کي سنڌي سڏائي، سندن (سنڌي عوام جو) استحصال جاري رکي سگھن. هڪ مثال:  پاڪستان جي اڳوڻي ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر)  پرويز مشرف جو آهي جيڪو نڪ جي پڪائي سان پاڻکي “سنڌي” ڪوٺائيندو هو پر سندس ڪرتوت سنڌي دشمن هئا. ايستائين جو نسلي متڀيد رکندڙ انهي حڪمران، ڪراچيءَ جي انهيءَ لساني ٽولي جي سنڌين جي قيمت تي هر طريقي سان مدد ڪئي، اڄ اهو ٽولو سنڌي عوام کي ٻڌائي ته نسلي مت ڀيد رکندڙ انهيءَ حڪمران جي ساڍن اٺن ورهين جي دور ۾ هو ڪرتا ڌرتا رهيا پر ڪو به هڪ اهڙو ميگا ترقياتي پراجيڪٽ سنڌ ۾ شروع نه ٿي سگھيو جنهن مان سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي سڌيءَ ريت فائدو ٿئي ها. ڪراچيءَ ۾ نسلي متڀيد رکندڙ سيد مصطفى ڪمال بهاري جو مثال اسان جي اڳيان آهي جنهن دينا داستي تعصب کان ڪم وٺندي سنڌي، بلوچي، پختون ۽  پنجابي اڪثريتي علائقن ۾  پنهنجي چئن ورهين جي دور ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا، اٽلندو انهن کي گند جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيائين ۽ هاڻ ايم.ڪيو.ايم اهڙي تعصبي۽ انتهائي زهريلي ذهنيت رکندڙ شخص کي تازو سينيٽر بڻايو آهي، شايد سنڌين کي ساڙڻ لاءِ.
مهاجر صوبي ٺاهڻ جو ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواز ناهي، جنهن جا ڪجھه مکيه سبب هيٺ ڏجن ٿا.  1. سڄي دنيا ۾ مهاجر سدائين ڪئمپن ۾ رهندا آيا آهن، جن کي الڳ صوبو ڪنهن به صورت ۾ قانوني طورملي نه ٿو سگھي. 2. جيڪي ماڻهو، سنڌ ۾ 64 ورهين کان رهڻ جي باوجود پاڻ کي اڃا به مهاجر ڪوٺائين ٿا يا سمجھن ٿا تن کي گھرجي ته هو پنهنجا نالا گڏيل قومن جي اداري جي پناهگيرن واري هاءِ ڪميشن وٽ داخل ڪرائين  ته جيئن انهن کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ مڃيل سهوليتون ملن ۽ کين ڪئمپن ۾ رکي سگھجي. 3. جيستائين ڪراچيءَ جو واسطو آهي ته هت حقيقي آدم شماري ڪرائي وڃي ڇاڪاڻ ته هت پشتو ڳالهائيندڙن جو انگ، اردو ڳالهائيندڙن کان وڌيڪ آهي. سنڌي، پنجابي، بلوچ، ڪڇي، ميمڻ وغيرهه ان کان علاوهه وڏي انگ ۾ رهن ٿا. .4. نسلي متڀيد رکندڙ جنرل پرويز مشرف طرفان ان ٽولي جي ناجائز سپورٽ کي وائکو ڪيو وڃي ۽ اڳوڻي تعصبي ميئر سيد مصطفى ڪمال جي ڪرتوتن کي به وائکو ڪجي جنهن ڪراچيءَ ۾ سنڌي دشمنيءَ جي انتها ڪري ڇڏي هئي ۽ شهيد بينظير جي شهادت کانپوءِ، هن ڪراچيءَ کان پنج هزار لاش “اندرونِ سنڌ” (ظاهري طور سنڌي) موڪلڻ جي،  ايَ.آر.واءِ  ٽي.وي چينل تي پاڻ اچي اهڙي ڌمڪي ڏني هئي. 5 دنيا کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي بيوروڪريسيءَ ۾ انهن ماڻهن جو وڏو انگ رهيو آهي. اهي استحصالي قوتن ۽ جا حامي رهيا آهن، ساڻن ناانصافي هڪ ڊرامو هئي ۽ آهي. 6. لساني ٽولو، درحقيقت ساڻن ٿيل هٿ ٺوڪين ناانصافين جو راڳ ڳائي، اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته سنڌين، ساڻن زيادتيون ڪيون آهن جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ رهي آهي. اها حقيقت دنيا کي ٻڌائڻ گھرجي. 7. منهنجي خيال ۾ اهو واضح  اعلان ڪيو وڃي ته جيڪڏهن مهاجرصوبي جو مطالبو رسمي طورڪيو ويو ته سنڌي به،  سنڌ ۾ رهندڙ موجوده  مهاجر آباديءَکي پاڪستان ۾ آبادي جي بنياد تي ٻين صوبن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪرڻ ۾ حق بجانب هوندا ڇاڪاڻ ته سنڌ اڳ ۾ ئي مهاجر پنهنجي ڪوٽا کان گھڻو مٿي آهن. سنڌ پاڪستان ٺهڻ وقت ضرورت کان وڌيڪ مهاجر قبول ڪيا هئا  ۽ اها به حقيقت آهي ته جڏهن پنجاب وڌيڪ مهاجرن کي قبول نه ڪيو ۽ ٻن لک مهاجرن کي ڪئمپن ۾ رهايو ته تعصب پرست لياقت علي خان،  پاڪستان جي باني مسٽر محمد علي جناح جي مرڻ کان سکڻا  19 ڏينهن اڳ، سندس سخت بيماريءَ جو بيجا فائدو وٺندي ايمرجنسي لاڳو ڪري انهن مهاجرن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو هو.
mksial@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو