Home / افيئر / نياڻين جو وڪرو-هڪ ٻيو موقف ٿر جي لوئي ۽ لڄ نه لڄايو
above article banner

نياڻين جو وڪرو-هڪ ٻيو موقف ٿر جي لوئي ۽ لڄ نه لڄايو

گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿر ۾ غير سرڪاري تنظيمن جو اهڙو ڄار وڇايو ويو آهي جو اڌ پڙهيل هر ڪوئي پنهنجو پاڻ وڏو سماجي ڪارڪن سڏائڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪري. انهن غير سرڪاري تنظيمن سٺو ڪم ڪندڙ ادارن جي پڻ ساک خراب ڪئي آهي. انهن غير سرڪاري ادارن جي نظر ۾ ٿر هڪڙو اهڙو ڪشتو آهي، جنهن ۾ ڪو به ڊونر ادارو پروجيڪٽ جا پنج رپيا اڇلڻ کان سواءِ وڃي ئي نٿو سگهي. انهي ڪري ئي ٿر جو هاڻ جيڪو تعارف ڪرايو وڃي ٿو اهو گهڻو تڻو غير سرڪاري ادارن جا نالي ۾ نهال دانشور ئي ڪرائن ٿا. جن وڏن ادارن مان ڪم ڇڏي پنهنجا دڪان رڳو انهي ڪري کوليا آهن ته پنهنجي ڪک سائي ڪري اک ڪڪڙي ڪري سگهن. پر هو پنهنجو تعارف سماجي ڪارڪن طور ڪرائين ٿا ۽ پنهنجي دڪان تي بورڊ سماجي تنظيم جو هڻي ويٺل آهن. جيڪڏهن ڪو مٿي ڦريو ماڻهو هنن نالي ۾ نهال دانشورن کان رڳو سماج جي وصف ڀڇي ته هي سماجي ڏاها سڏائيندڙ انگريزي جا ٻه چار رٽيل جملا ورجائيندا ئي رهجي ويندا پر سماج جي وصف بيان ڪري نه سگهندا.

هاڻ اهو دور ويو جڏهن ٿر جو تعارف مرشد لطيف جي سرسارنگ ۽ سر ماروي کي پڙهي ڪرايو ويندو هو. سارنگ جنهن ۾ ٿر جي فطري حسن مان فيضياب ٿبو هو ته روح جا ڪٽ لهي ويندا هئا، جنهن سارنگ ۾ لطيف کي سامونڊي کان بطويل انتظار جي اوگهي جو ٻارڻ آهي، تاڙي جي تنوار ۽ آرين جو ابر جي آسري هجڻ، ماروي جنهن ۾ لطيف صحرا کي ستر ٿو سمجهي، گولاڙو اوڇڻ آهي. مسڪين جهان خان واري سماجي خدمت وارو حوالو به هاڻ ڪمزور پئجي ويو آهي، سچل جنهن کي ته هي همراهه سڃاڻن ئي ڪو نه.

انهن غير سرڪاري سماجي تنظيمن جي ويجهڙ ۾ ٿيل هڪڙي ڪلسٽر جي گڏجاڻي ۾ هڪڙي ڊونر اداري جي همراهه کي به هنن ٿر جو هڪڙو نئون تعارف ڪرايو آهي. انهي تعارف مان لڳي ته ايئن ٿو ته انهي تعارف ڪرائڻ پٺيان به هنن جو حاصل مقصد ڪو ڪم وٺڻ آهي. حقيقت ۾ نه رڳو اهو تعارف ڪرائيندڙ پر اهو هر ٿريئي لئه ٻڏي مرڻ جهڙي ڳالهه آهي. خدا جا بندا هي ٿر جو ڪهڙو تعارف پيا ڪرايو. اوهان ٿر جي پوتي پيا چو واٽي تي اڇلايو. اها ته ماروي جي انهي لوئي سان هٿ چراند آهي، جيڪا لوئي هن عمر جا ويس وڳا اوڍي به نٿي لاٿي. اوهانجو ٿر جو ڪرايل اهو تعارف ٿي سگهي ته اوهانکي ڪو وڏو ڪم ڏياري وڃي. اوهانجي ڪک ڪوسي ڪري پر ماروي جي اها لوئي ضرور لڄي ٿي آهي. جيڪا چو واٽي تي ٽنگي وئي آهي، جيڪا هن ليڙون ليڙون ٿيڻ کان پوءِ به لاٿي ڪو نه هئي. اوهين پنهنجي هيئن تي هٿ رکي پوءِ ايمانداري سان ڳالهه ڪريو. ورندي سوچي سمجهي ڏجو ته ڇا ٿر جا سڀ مسلمان توڙي هندو مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجون نياڻيون وڪرو ڪن ٿا؟ جڏهن ته صاحب ڪنهن هڪڙي ذات برادري يا ڳوٺ پاڙي جو مثال ناهي ڏنو. ڳالهه جو پير هجي ته مثال ڏي، جي ڳالهه جو ڪو کر پير ئي نه هجي ته ڪهڙو مثال ڏي. ڳالهه جي اڀري سڀري هجي ته ڪن لاٽار ڪري ويهجي يا ٻڌي اڻ ٻڌي ڪجي، جي ڳالهه جو ڪو بڻ بڻياد ئي نه هجي ته ڇا ڪجي؟

گذريل “افيئر” ۾ زاهد جلباڻي جو اهو انتهائي تحقيقي، تخليقي ۽ انتهائي سگهارو آرٽيڪل شايع ٿيو آهي، جنهن جو عنوان ئي آهي“مٺي جتي نياڻيون وڪرو ٿين ٿيون” انهي ۾ هي صاحب لکي ٿو ته انهي غير سرڪاري تنظيم جو نالو نٿو ڄاڻائي پر ايترو ضرور لکيو آهي ته هن انهي غير سرڪاري تنظيم جو اهڙو ڪم ڄاڻايو آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين غير معمولي مذهب نه ڪرائي سگهيا، نه هن پياري پاڪستان جو قانون ڪرائي سگهيو، سياسي تنظيمون نه ڪرائي سگهيون پر انهي غير سرڪاري تنظيم ڪرايو، جنهن کي ليکڪ صاحب شابس به ڏي ٿو ته هن ٽن سالن جي ڇوڪريءَ ۽ اٺن سالن جي ڇوڪري جي شادي روڪرائي. اوهان ٻڌايو ڇا اسان وٽ غير سرڪاري تنظيمون ايتريون سگهاريون آهن جو سماج جي اهڙي ڪڌي عمل کي روڪي سگهن. جيڪي مذهبن جي پابندي ۽ ملڪ جو قانون هوندي نه رڪيون آهن. ڳالهه يقين ۾ نٿي اچي.

ايئن ناهي ته ڪو ٿر ۾ بي جوڙ شاديون نٿيون ٿين پر اهي ايتريون بي جوڙ جو ٽن سالن جي ڇوڪري ۽ اٺن سالن جو ڇوڪرو ايترن ننڍڙن ٻارڙن جي شادي جي اجازت مذهب به نٿو ڏي ۽ اها شادي ڪيئن ٿي هوندي ۽ اهو روڪرائي وري سماجي تنظيم، ڏيو منهن، سماجي ڪارڪن سماج ۾ ايترا سگهارا ٿي ويا آهن ته پوءِ سماج راتو رات تبديل ٿيڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي.

جلباڻي صاحب تڏهن ڇرڪي ٿو وڃي جڏهن وڌيڪ پڇا ڪرڻ تي هن کي اهو سماجي ڪارڪن ٻڌائي ٿو ته ٿر ۾ ٻارن کي خاص طور تي 13 سالن جي نياڻين کي مائٽ پنهنجي راضپي سان ٿر جا سڀ هندو ۽ مسلمان وڪرو ڪن ٿا. پاڻ به رول ماڻهو آهيون. ٿر جي 2400 ڳوٺن ۾ رولڙا ڪٽيا ۽ راتيون ٽڪيون آهن ۽ ڪچهرين ۾ سج اڀاريا آهن. پنهنجو مڙهه مقام ٿر آهي. مون ته نه ڏٺو نه ٻڌو ته ڪنهن ڪو ٻار وڪيو هجي. هن صاحب کي الائي ڪهڙي سماجي ڏاهي انتهائي مفيد ڄاڻ سان نوازيو آهي ۽ هن صاحب راڄن کي ٻڌائي ڇڏيو. 13 سالن جي نينگري جو وڪرو اهو ته هر ٿرئي لاءِ نڙي تي ننهن ڏئي ساهه ڪڍڻ برابر آهي. هنن ڳالهين جو ته ٿر ۾ ڪو کر پير ئي ڪو نه ملندو، ڪو مثال ۽ دليل به ڪونهي. کوکلي بي مقصد ڳالهه. ٿريا هاڻ پٺاڻ ٿيا آهن، جي ٿر جا سڀ هندو مسلمان نينگريون وڪرو ٿا ڪن ته اهي ڪٿي ٿيون وڪرو ٿين؟ هنن نالي ۾ نهال سماجي ڪارڪنن ته ٿر کي هيرا منڊي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪٿي وڪرو ٿين ٿيون ۽ ڪير ٿو خريد ڪري؟ ٻي ڳالهه ته جي ٿر جون سڀ نينگريون وڪرو ٿيون ٿين ته ٿريا پاڻ ڪٿان ٿا پرڻجن. هي 95 سيڪڙو ڏي وٺ تي ٿيندڙ شاديون ڇا آهن؟ هي هيترا ڪاڄ ڇنن ۾ سڱن جا نبيرا، پٽيلن جا فيصلا ڇا مقصد آهي؟ مونکي رڳو هڪڙو مثال ڏين ته ڪنهن مينگهواڙ ڪنهن ڀيل يا ڪولهي کي نينگري پرڻائي يا وڪڻي ڏني هجي. هڪڙو مثال هجي ته ڏين يا ڪنهن ڪنڀار، نهڙي يا سميجي کي يا ڪنهن نهڙي سميجي وري ڪنڀار کي نينگري رڳو پرڻائي ڏني هجي. ٻيو صاحب اڳتي لکي ٿو ته نينگريون انهي ڪري وڪرو ڪيون وڃن ٿيون جو ٿر جي ماڻهن جو خيال آهي ته نينگريون هئين پرايون آهن. جڏهن جوان ٿينديون ته اسانکي سندن شادي جو خرچ ڪرڻو پوندو. رشتي جي ڳولا ڪرڻي پوندي. انهي کان بهتر آهي ته کين وڪڻي ڇڏيون.

ٿر ۾ مسلمان پنهنجي ويجهن مائٽن ۾ ۽ بدي تي (منفي روايت آهي) شادي ڪن ٿا. انهي ڪري مسلمانن ۾ ته رشتي جي ڳولا وارو خيال ئي اجايو آهي ۽ ٿر ۾ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو هندو برادري رهي ٿي انهن جي ريت ۾ ٻي ذات ۾ ڇوڪري جي شادي ڪرائي ئي نٿي سگهجي. اهڙو هڪڙو مثال ئي ناهي. اتي هندن جون وڏيون برادريون آهن. انهن ۾ رشتو ملڻ سولو آهي ۽ رشتا صرف ٿر تائين محدود ناهن. عمر ڪوٽ سانگهڙ ۾ به مائٽيون ڪن ٿا ۽ ٿر ۾ ايترو ڏيج نٿو ڏنو وڃي. وڌ ۾ وڌ ٻڪري يا رڍ جو ڌڻ ۽ ٻه چار جوڙا ڪپڙن جا ڏين ٿا. نه فرج، نه اي سي، نه ڊبل بيڊ. هو صاحب لکي ٿو ته نينگرين جو وڪرو ٿر ۾ وڌيو آهي. هاڻ ڏيو منهن، ٻوڏ آئي بئراج ۾ نينگرين جو وڪرو وڌيو ٿر ۾. راڄن کي خبر آهي ته هيلوڪي ٻوڏ ۾ سڀ بئراجي ماڻهو لڏي اچي ڀٽن تي ويٺا، ٿرين انهن جي مهمان نوازي ڪئي اڃا رهيا پيا آهن. توڙي جو ٻوڏ جو ٿرين تي تر جيترو به اثر نه پيو. سو انهي حوالي سان سموريون ڳالهيون بي بنيادي ۽ بي مقصد آهن، جن جو ڪو به بنياد ڪونهي. وڌيڪ نالي ۾ نهال سماجي ڪارڪن ۽ هنن جا ڊونر وس وارا آهن!

jogee_khalid@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو