Home / افيئر / ووٽر لسٽن ۾ هيرا ڦيري-سنڌين جا لکين ووٽ خارج
above article banner

ووٽر لسٽن ۾ هيرا ڦيري-سنڌين جا لکين ووٽ خارج

 

چوندا آهن ته ووٽ جي طاقت سان قومن جي تاريخ تبديل ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن ان کي صحيح استعمال ڪجي ته وڏيون تبديليون اچي سگهن ٿيون پر گذريل ڇهن مهينن کان نادرا سڄي ملڪ ۾ انهن ووٽن سان اهڙو حشر ڪيو آهي جو تاريخي قومن جا ووٽ ٻين صوبن ۾ ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي

جنهن تي سڄي ملڪ ۾ دانهوڙ ٿي آهي ته لکين ووٽ خارج ڪري ٻين صوبن ۾ انهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن سان اڪثريت ووٽرن جي پريشان آهي ته آخر اسان جا ووٽ بلوچستان سميت ٻين صوبن ۾ ڪيئن منتقل ٿيا آهن؟ هاڻي ڌسڻو اهو آهي ته آخر ايڏين وڏين غلطين جو ازالو ڪيئن ٿئي ٿو؟يا وري ائين ئي صورتحال رهندي؟

 

12 مارچ سومر تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي سخت ردعمل کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن  موجب هڪ لک 26 هزار 200  سنڌ جا ووٽ بلوچستان منتقل ٿيا آهن جڏهن ته 30 هزارن جي لڳ ڀڳ ڪراچي ۽  ساڍا 13 هزار ووٽ حيدرآباد  ۾ رهندڙ سنڌين جا انهن جي ڳوٺن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن ۽ اها صورتحال سڄي سنڌ جي شهرن ۾ آهي، هر ضلعي ڪنهن مان ڏهه، پنج، ٽي هزار تائين خارج ڪري انهن جي ڳوٺن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن جيڪا سراسر آئين جي ڀڃڪڙي آهي. اهو اختيار اليڪشن ڪميشن کي به نه آهي جيڪا هڪ خودمختيار اٿارٽي آهي. ليڪن نادرا کي اهو ڪنهن حق ڏنو آهي ته اها غيرقانوني انداز ۾ ماڻهن جا ووٽ ٻي هنڌ منتقل ڪري ڇڏي. اسيمبليءَ ۾ ته ڪجهه ميمبرن اهو به مطالبوڪيو ته جنهن جي به غلطي آهي ان خلاف ڪيس داخل ڪريو ڇو ته اها غلطي نٿي ٿي سگهي، هيءَ هڪ سنڌ خلاف وڏي سازش آهي جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت تائين ڪل 41 لک ماڻهن پنهنجا ووٽ ايس ايم ايس ذريعي تصديق ڪرايا آهن ۽ ڪل ووٽر 8 ڪروڙ 7 لک 24 هزار 900 آهن ته پوءِ ٻين جو الاهي ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، انهن جا ووٽ الاهي ڪهڙي کوهه ۽ کڏ ۾ اڇلايا ويا هوندا؟ انهن بابت ڪابه اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ته واقعي انهن جا ووٽ به صحيح نموني داخل ٿيل هوندا يا نه. نادرا جي ڪمپيوٽرائيزڊ لسٽ جي شفافيت جو اندازو رڳو سيوهڻ تعلقي مان لڳائي سگهجي ٿو جتان 7000 ووٽ خارج ڪري بلوچستان جي ڪڇ ۽ ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، هاڻي اهو فيصلو عوام تي ئي آهي ته اهو انهن ووٽرلسٽن کي رد ڪري ٿو يا وري قبول ڪري ٿو؟ باقي سنڌ جي چونڊيل نمائندن ته ان کي رد ڪندي اهو مطالبو ڪيو آهي ته نادرا ٻيهر نظرثاني ڪرڻ لاءِ ووٽن جي تصديق واري مرحلي ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪري. ڇو ته ان واڌ ڪرائڻ جو هڪ سبب ته اهو آهي، سنڌ ۾ 2010ع ۾ ٻوڏ ۽ 2011ع ۾ شديد قسم جي برساتن سبب ته سنڌ واسيءَ دربدر هئا جن جا ووٽ شفاف نموني سان داخل نه ٿيا آهن.

نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل بريفنگ وقت اسيمبليءَ ميمبرن جي اها دعويٰ هئي ته سنڌ مان 2 کان ٽي لک ووٽ خارج ۽ منتقل ٿيا آهن جن کي واپس موٽائڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ۽ ٻيو جيڪي مسئلا پئدا ڪيا ويا آهن انهن جي جاچ ۽ حل لاءِ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وڃي. ڇو ته لکين ووٽر ٻوڏ ۽ برساتي آفتن سبب دربدر ٿيل آهن جن جي ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪو بندوبست ڪيو وڃي.گڏجاڻي ۾ اها به ڳالهه نڪتي ته ڪراچي مان جيڪي ووٽ خارج ڪيا ويا آهن انهن ۾ سپروائيزر ملوث آهن جن جا نالا اليڪشن ڪميشن شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ڪيا اهي عامر شيخ ۽ زبير آهن جيڪي قصر ناز جي سرڪاري فليٽس ۾ رهن ٿا جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا طرفان اهو اعتراف ڪيو ويو آهي ته شهري علائقن مان 26 هزار ووٽ ڪراچي ۽ ساڍا 13 هزار ووٽ حيدرآباد مان ٻهراڙين ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي  نادرا جي(جنرل مئنيجر) جي ايم رٽائرڊ ڪرنل زاهد خان ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪمشنر سوني خان بلوچ  ۽ ٻي عملي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ميمبرن کي گذارش ڪئي وئي ته اسان سپريم ڪورٽ جو دٻاءُ هجڻ سبب جلدي ۾ ڪم ڪيو پر هاڻي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ووٽن جي تصديق لاءِ مدي ۾ واڌ جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي جئين اسان مدي ۾ واڌ وارو قدم کڻڻ جو جواز پئدا ڪري سگهون. ذريعن موجب اجلاس ۾ ايم پي ايز  نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن آڏو اها دعويٰ  ڪئي ته سنڌ جا 2 کان ٽي لک ووٽ بلوچستان سميت ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿيا آهن جنهن تي ٻنهي اٿارٽيز جي اڳواڻن طرفان ان جي تصديق ڪندي چيو ته ووٽ واقعي ئي منتقل ٿيا آهن پر ايترا نه آهن جيترا ٻڌايا پيا وڃن.

اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ موجب سنڌ جا ڪل هڪ لک 16 هزار 200 ووٽ بلوچستان منتقل ٿيا آهن جنهن تي ميمبرن اهو چيو ته جيڪڏهن اهو اوهان جي علم ۾ به آهي ته پوءِ اوهان ان جي جاچ ڇو نه ڪرائي ته اهي ووٽ ڪئين خارج ڪيا ويا ۽ ٻئي صوبي ۾ منتقل ٿيا آهن، ڇا اها ڪنهن ايجنسي جي ڪا سازش ته ڪانه آهي؟ ذريعن موجب اجلاس ۾ مقامي سنڌي چونڊيل نمائندن اختيارين کي ٻڌايو ته لياري جا ووٽ ڪراچي سينٽرل، اوڀر، ڏکڻ ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ٿيا آهن، ابراهيم حيدري جا ووٽ اورنگي ٽائون ۾ منتقل ٿيا آهن. ذريعن موجب ڪراچي جا هڪ لک کان وڌيڪ ۽ حيدرآباد جا 60 هزار 200 ووٽ سنڌ جي شهرن کان ٻهراڙين ۾ منتقل ٿيا آهن پر نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن اها دعويٰ به رد ڪندي چيو ته 26 هزار ڪراچي ۽ ساڍا 13 هزار حيدرآباد جا ووٽ شهرن مان خارج ڪري ٻهراڙين ڏي منتقل ٿيا آهن. ٻئي طرف بريفنگ ڏيندي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شازيه عطا مري چيو ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جا ڪل هڪ لک 16 هزار 200 ووٽ بلوچستان منتقل ٿيا آهن جيڪي ڀل ۾ هليا ويا آهن، جعلي آڱوٺن ذريعي اهي ووٽ منتقل ڪيا ويا آهن جن جي نشاندهي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڪجهه ووٽ به هڪ ضلعي کان ٻي ضلعي يا تعلقي کان ٻي تعلقي ۾ منتقل ٿين ٿا ته به وڏو عذاب ٿي وڃي ٿو پر هيءَ ته لکين ووٽ ٻئي صوبي ۾ منتقل ٿيا آهن. هن چيو ته ٻنهي اٿارٽيز جو اجلاس ٻيهر 25 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسان کي انهن چيو ته رهجي ويل ووٽر  فارم نمبر چار ڀرين پر اسان ان ڳالهه کي رد ڪيو آهي ڇو ته اهو اشو  جن جو پئدا ڪيل آهي اهي ئي حل ڪن، اسان پنهنجي ووٽرن کي ڪنهن ٻي جي غلطي سبب ڇو تڪليف ڏيون.هن چيو ته ٻنهي اٿارٽيز کي گهرجي ته اهي فارم نمبر چار جو مسئلو ختم ڪن.هن چيو ته 26 هزار  ووٽ ڪراچي مان خارج ڪري ٻهراڙين ۾ منتقل ڪيا ويا آهن جنهن ڪري مسئلو پئدا ٿيو آهي، اها عارضي رهائش آهي جيڪا ختم ڪري مستقل پتي ڏي ان جو ووٽ منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي سميت ٻين ضلعن ۾ به 10-5 ۽ 2-2 هزارن تائين ووٽ خارج ٿيا آهن. جيڪي اليڪشن ڪميشن موجب ڪل هڪ لک 26 هزار 200 بيهن ٿا.

سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيوته 2 کان 3 لکن تائين ووٽ خارج ٿيا آهن جيڪي بلوچستان ڏي منتقل ڪيا ويا آهن ۽ اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جا ڪل 1 لک 26 هزار 200 ووٽ منتقل ٿيا آهن. پ پ جي ايم پي اي احمد علي شاهه چيو ته سنڌ جا هڪ لک 26 هزار 200 ووٽ بلوچستان منتقل ٿيا آهن، بلوچستان جي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙا ڪي به ووٽ منتقل نه ٿيا آهن جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته اهو اچي هتي شڪايت ڪري.هن چيو ته اسان جو موقف آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرائڻ لاءِ ڪنهن سگهاري اداري جي سازش ته نه آهي جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي. پ پ ايم پي اي شميم آرا پنهور چيو ته هڪ ماڻهو جا 7000 آڳوٺا لڳل آهن جيڪي جعلي نموني سان فارمن تي لڳايا ويا آهن ۽ سنڌ جا منتقل ٿيل ووٽ واپس ڪرائڻ لاءِ پ پ احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. پ پ جي منور عباسي چيو ته اسان نادرا  ۽ اليڪشن ڪميشن جي بريفنگ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي. صوبائي وزير رفيق انجنيئر چيو ته منهنجي ڀاءُ جو ووٽ ٻن سپروائيزرن عامر شيخ ۽ زبير  جعلي آڱوٺن وسيلي ووٽ منتقل ڪرايا آهن جيڪي قصر ناز جي سرڪاري فليٽن ۾ رهن ٿا. هن چيو ته لياري جا سينٽرل، ڏکڻ، اوڀر ڪراچي  ڏانهن ووٽ منتقل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ ۾ عارضي ۽ مستقل رهائش هجڻ سبب مسئلا پئدا ٿيا آهن  ۽ نادرا عارضي رهائش جو پتو ختم ڪري مستقل پتي ڏانهن ووٽ منتقل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته سڀ سپروائيزرن جا مسئلا پئدا ڪيل آهن انهن جعلي آڱوٺن ذريعي ووٽ منتقل ڪيا آهن. فشريز واري وزير زاهد ڀرڳڙي چيو ته نادرا عارضي پتي وارا ووٽ خارج ڪري ڇڏيا آهن جن کي مستقل رهائش اختيار ڪيل ڳوٺن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته ٻي ضلعي ۾ اليڪشن ڪميشن وارا چون پيا ته پهريان اتان ووٽ خارج ڪرايو ته پوءِ اسان جتي ووٽ داخل ٿيل هو اتي ٻيهر داخل ڪنداسين پر اسان جي احتجاج بعد سوني خان ڊي جي اليڪشن ڪميشن سان ڳالهايو جنهن چيو ته هاڻي ٻي ضلعي مان ووٽ خارج ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي پاڻمرادو جتي داخل ٿيندو ته ٻي ضلعي مان خارج ٿي ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان کي ٻڌايو آهي ته سپريم ڪورٽ جو دٻاءُ هو ان لاءِ ووٽرلسٽن ۾ جلدي ڪئي، هاڻي سنڌ اسيمبليءَ هڪ ٺهراءَ منظور ڪري ته اسان ووٽرلسٽن  جي تصديق واري مرحلي ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته مون کي ان گڏجاڻي ۾ اهو محسو س ٿيو ته نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ڪو رابطو نه آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب ووٽن جي تصديق به ٺيڪ نه ٿي سگهي هئي ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وڃي.

ٻئي طرف ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن موجب ملڪ ۾ 2007ع دوران ڪل 8 ڪروڙ 12 لک 13 هزار 620 ووٽ داخل ٿيل هئا جن مان هڪ ڪروڙ 14 لکن کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري 8 ڪروڙ 7 لک 24 هزار 9 ووٽن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي آهي، انهن ۾ سنڌ جا پراڻا هڪ ڪروڙ 97 لک 52 هزار 843 جنهن 2007ع جا تصديق شده ووٽ 91 لک 54 هزار 456 آهن ۽ غير تصديق شده ووٽ هڪ ڪروڙ 5 لک 98 هزار 387 جڏهن ته 86 لک 18 هزار 587 ووٽن تي نادرا  اعتراض واريو آهي ۽ نئين ووٽرلسٽن موجب سنڌ جا هاڻي هڪ ڪروڙ 77 لک 73 هزار 43 ووٽ داخل ٿيل آهن. پنجاب جا 2007ع ۾ 4 ڪروڙ 51 لک 47 هزار 994 جنهن ۾ 2 ڪروڙ 67 لک 94 هزار 918 تصديق ٿيل ۽ هڪ ڪروڙ 83 لک 53 هزار 76 ووٽ غير تصديق ٿيل آهن جڏهن ته هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽن موجب 4 ڪروڙ 70 54 هزار 149 ووٽ آهن، خيبرپختونخواهه جا 2007ع ۾ هڪ ڪروڙ 8 لک 4 هزار 696 ووٽ آهن جن مان 61 لک 28 هزار 905 تصديق ۽ 46 لک 75 هزار 791 غيرتصديق ٿيل ووٽ آهن جڏهن ته نئين ووٽرلسٽن ۾ ان صوبي جا هڪ ڪروڙ 16 لک 42 هزار 122،بلوچستان جا 2007 جي ووٽرلسٽن موجب 42 لک 28 هزار 970 ووٽ آهن جن مان 14 لک 58 هزار 832 تصديق ۽ 27 لک 70 هزار 144 ووٽ غيرتصديق ٿيل آهن يعني هاڻي ڪل 30 لک 4 هزار 464 ووٽ آهن، فاٽا جا 2007ع ۾ 12 لک 79 هزار 111 ووٽ داخل ٿيل هئا جن مان 4 لک 90 هزار 456 ووٽ تصديق ۽ 7 لک 88 هزار 655 غيرتصديق ٿيل آهن جڏهن ته هاڻوڪين لسٽن موجب 12 لک 50 هزار 231 ووٽ داخل ٿيل آهن جيڪي هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ ووٽرلسٽون ليکيون وينديون. سنڌ جي ضلعن جي ووٽن جا هيٺيان تفصيل آهن.بدين ۾ 2007ع ۾ 5 لک 66 هزار 213 ووٽ هئا جيڪي نئين ووٽرلسٽن ۾ انهن جو تعداد 5 لک 64 هزار 700، ڪراچي ۾ پراڻا 66 لک 34 هزار 238  ۽ نوان ووٽ 68 لک 2 هزار 497، دادو ۾ 8 لک 31 هزار 479 ۽ نئين ۾ 5 لک 52 هزار 644، گهوٽڪي ۾ پهريان 5 لک 79 هزار 634 ۽ نون ۾ 5 لک 36 هزار 303، حيدرآباد ۾ پهريان 11 لک 29 هزار 49 ۽ هاڻي نوان 9 لک 22 هزار 214، جيڪب آباد ۾ پهريان 4 لک 57 هزار 501 ۽ هاڻي 3 لک 82 هزار 502، ڄامشورو ۾ پهريان 5 لک 4 هزار 351 ۽ هاڻي 3 لک 58 هزار 397، ڪشمور ۾ پهريان 3 لک 90 هزار 462 ۽ هاڻي 3 لک 9 هزار 364، خيرپور ۾ پهريان 10 لک 96 هزار 170 ۽ هاڻي 7 لک 76 هزار 283، لاڙڪاڻي ۾ پهريان 7 لک 25 هزار 489 ۽ هاڻي 5 لک 55 هزار 281، مٽياري ۾ پهريان 2 لک 75 هزار 7 ۽ هاڻي 2 لک 80 هزار 456، ميرپورخاص ۾ پهريان 6 لک 41 هزار 274 ۽ هاڻي 5 لک 58 هزار 437، نوشهروفيروز ۾ پهريان 7 لک 68 هزار 624 ۽ هاڻي 5 لک 22 هزار 94، سانگهڙ ۾ پهريان 6 لک 93 هزار 972 ۽ هاڻي 7 لک 51 هزار 755، شهدادڪوٽ ۾ پهريان 3 لک 12 هزار 391 ۽ هاڻي 4 لک 62 هزار 574، شهيد بينظيرآباد ۾ پهريان 6 لک 32 هزار 39 ۽ هاڻي 5 لک 96 هزار 763، شڪارپور ۾ پهريان 5 لک 12 هزار 755 ۽ هاڻي 4 لک 71 هزار 192، سکر ۾ پهريان 5 لک 35 هزار 551 ۽ هاڻي 5 لک 4 هزار 665، ٽنڊوالهيار ۾ پهريان 2 لک 63 هزار 479 ۽ هاڻي 2 لک 65 هزار 831، ٽنڊومحمد خان ۾ پهريان 2 لک 87 هزار 887 ۽ هاڻي 2 لک 8 هزار 100، ٿرپارڪر ۾ پهريان 4 لک 93 هزار 918 ۽ هاڻي 4 لک 50 هزار296، ٺٽي ۾ پهريان 8 لک 12 هزار 567 ۽ هاڻي 6 لک 6 هزار 971، عمرڪوٽ ۾ پهريان 6 لک 8 هزار 793 ۽ هاڻي 3 لک 23 هزار 724 ووٽ داخل ٿيل آهن.

هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ڇا سنڌ جي آبادي انهن چئن سالن ۾ وڌي ئي نه آهي ۽ رهندو کٽي رهي آهي جو 10 لکن کان وڌيڪ ووٽ گهٽايا ويا آهن، ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرائي وڃي ۽ ووٽرلسٽن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ واري مدي ۾ واڌ ڪري صحيح نموني سان ڪم ڪيو وڃي. ڇو ته سنڌ جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي جا سڃاڻپ ڪارڊ ئي ٺهيل نه آهن ان لاءِ نادرا کي اهو حڪم ڏنو وڃي ته ڪارڊ تڪڙي بنيادن تي ٺاهي انهن کي وقت سر  اڪلايو وڃي ۽ لکين ماڻهو اهڙا آهن جن جا پراڻا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن جن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ نادرا موبائل ٽيمون جوڙي گهر گهر وڃي سڃاڻپ ڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري ٻيهر ووٽن جو ڪم سرانجام ڏنو وڃي. هاڻي اهي ووٽرلسٽون به عوام آڏو آهن، جن مان اهي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سنڌ جي عوام کي اقليت ۾ شامل ڪري ڌارين کي اڪثريتي آبادي ڄاڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ائين گهرشماريءَ ۾ به ٿيو هو ته ڪراچي ۾ هڪ سياسي جماعت ان مرحلي ۾ پاڻ ڪم ڪيو ۽ من پسند آبادين جا انگ اکر لکرايا جنهن کي اڳتي هلي  رد ڪيو ويو ۽ هاڻي ووٽرلسٽن کي به تڪراري نه بڻايو وڃي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو