Home / ويندي ويندي / ڏاڍي ٿي
above article banner

ڏاڍي ٿي

 

ارباب غلام رحيم حڪومت جا آخري ڏهاڙا هئا، جڏهن پاڻ پهرين ڀيري ٻڌوسين ته “نه وساريو ته سنڌ اسيمبليءَ ڪراچي ۾ آهي.” بيان الائي قائد تحريڪ ڏنو هو يا تحريڪي ساٿين، پر بيان هليو ۽ بيان ۾ ڏنل ڌمڪي لڪل ڪا نه هئي. ڇا چيو هو شاعر ته :

ڪيون اداس  ڦرتا هي، تنهائي ڪي شامون مين

اس طرح تو هوتا هي، اس طرح ڪي ڪامون مين.


سو، اهڙن ڪمن ۾ ايئن ته ٿيندو جو نيٺ سنڌ اسيمبلي تي اهڙو ڏينهن به ايندو جو سنڌي اسيمبلي ميمبرن کي ڌڪا ڏيئي اسيمبلي مان ڪڍيو ويندو، ۽ ڪهڙن ڪمن ۾ ايئن ٿيندو آ؟ هي وڏيرا جن سنڌ کي پاڻ به ڇيڇاڙيو ۽ باقي بچيل کي بگهڙن حوالي ڪيو، هاڻ ڏين منهن! عارف مصطفيٰ سنڌ جي وڏي جاگيردار خاندان جو چشم و چراغ آهي. 1972ع جي ٻولي جي جهڳڙن کان پوءِ سندس والد غلام مصطفيٰ جتوئي کي ڪراچي جي اردو آبادي کي ٿڌو ڪرڻ ۽ راضي رکڻ لاءِ سنڌ جو وڏو وزير ٺاهيو ويو. وڏو جتوئي صاحب باقي حياتي اردو-سنڌي تعصب کان پاسيرو رهيو. ڪراچي جي اردو آبادي کي خوش رکڻ کان وسان ڪو نه گهٽايائين. تنهن ڏينهن سندس پٽ سان ڇا ٿيو، ان تي ڇا ڳالهائجي. اسي جي ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ سنڌ ۾ جيڪي نسلي جهڳڙا ٿيا، ان ۾ سنڌ جي شاگرد ۽ مڊل ڪلاس ته مڙس ٿي منهن ڏنو. اهي سڀ سال سنڌي وڏيرو ڪراچي اچڻ وقت ٽول پلازا کان اڳ ڊرائيور کي سنڌي ٽوپي لاهي سيٽ هيٺان لڪائڻ لاءِ چوندو هو. اها ته ڳالهه اوهان کي خبر هوندي ته اهي وڏيرا ۽ ڪامورا لطيف آباد ۾ پنهنجي ئي گهرن جون ڀتيون ڪيئن ٽپي ڀڄي ويا هئا. حالانڪه نوي کان پوءِ جا باقي سال اهو موقع پرست طبقو هر نجي محفل ۾ سنڌين کي سست ۽ ڪاهل چئي ۽ قوم پرست ڪارڪنن کي ايجنسين جو دلال چئي ڪراچي لوگن جون دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر تنهن ڏهاڙي کين اسيمبلي مان ڊوڙائي ڪڍيو ويو. ٽن نسلن کان پنهنجي شناخت تي شرمنده بلڪه ان کان انڪار طبقي جي دلين تي تنهن گهڙي ڇا گذريو هندو سا کين ئي خبر.

کين ڊوڙائي ڪڍڻ کان پوءِ متحده جي ميمبر رضا هارون جي فاتحه گفتگو اوهان ٻڌي؟ اسان ته اڄ تائين اهو ٻڌو هو ته سنڌ سنڌين جي آهي. رضا هارون اتي فرمايو ته سنڌ الطاف حسين جي آهي. پنجابي ۾ چوندا آهن ته جنهن جي لٺ، ان جي مينهن. سو، سنڌ به ان جي آهي جنهن جي هٿ ۾ لٺ آهي. لٺ جي ڳالهه تي ياد آيو، اوهان ڪراچي ۾ ٽرڙن وڏيرن ۽ سندن پڏن جي قافلي کي هلندي ڏٺو آهي؟ غريب غربي تي الرون، ڳوٺ ويندا ته شل نه سندن گاڏي آڏو ڪنهن غريب جو گاڏو اچي. باڊي گارڊ ڄڻ ته عرب  دور جا جلاد. ترارن جي جاءِ تي اُڀيون ڪلاشنون هٿ ۾.

پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي طبقي تي سنڌ جي تقدير بابت ڀاڙي سگهجي ٿو؟ اوهان وٽ پڪ سان ان سولي سوال جو جواب هوندو. جي جواب ها ۾ آهي ته پوءِ نه ان طبقي تي ڪا به ميار آهي نه اسان اوهان تي. پر جي نه ۾ آهي ته پوءِ ان جي تياري ڪٿي آهي؟

ووٽ جي طاقت سان سرشار قيادت ڪالهه اسيمبلي مان ڀڄي وئي. سڀاڻ ڪراچي مان ڊوڙ پائيندي دير نه ڪندي. اوهان اسان وٽ آهي ئي هي ڌرتي. هي وڏيرا ته وڃي دبئي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ترسي پوندا. اسان وٽ ته وڇائڻ، ويهڻ، ويڙهڻ ۽ پوڄا لاءِ اها هڪ ئي ته ڌرتي آهي. جي هنن وڏيرن تي ڀاڙي ويٺاسين ته اسان ڪاڏي وينداسين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو