Home / افيئر / بابر ۽ اياز جمالي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان
above article banner

بابر ۽ اياز جمالي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان

عوامي حڪومت ۾ ملڪ جي مختلف حصن خصوصن بلوچستان ۽ سنڌ مان قومپرست نوجوانن کي قانون نافذ ڪندڙ ۽ عوام جي ٽيڪس تي ڳريون پگهارون ۽ سهولتون حاصل ڪندڙ مملڪت پاڪستان جي شهرين جي تحفظ جي دعويدار پوليس کنڀڻ شروع ڪيو آهي. نوجوانن کي ڪهڙي ڏوهه ۾ کڻي عذاب گهرن ۾ بند ڪري اذيتون ڏيڻ جو سلسلو اڳوڻي آمر حڪمران پرويز مشرف جي دور ۾ سرگرمي سان شروع ٿيو. ملڪ جي وڏن شهرن اسلام آباد، ڪراچي، پنڊي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئٽا کان ويندي ميان والي تائين جي 9 سيڪڙو خاندانن کي سڀ سهولتون ملنديون رهيون آهن. جائز ناجائز ڪمن تي کربين روپيه خرچ ٿين ٿا، اُن ٽيڪس ۽ ڪميشن وارن خرچن سان ڪنهن جو بينڪ بئلنس وڌي ٿو يا شاهه خرچن ۽ عياشي جو سامان خريد ڪيو وڃي ٿو اُن تي عوام کي ڪو به اعتراض نه آهي پر عوام جي نالي ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي اداري ۾ پهچندڙ ۽ اعليٰ اداري پارليامينٽ جي ميمبرن کي به عوام جي پرامن رهڻ ۽ خوشحالي ڏانهن قدم وڌائڻ تي اعتراض نه هئڻ گهرجن پر پوءِ به خبر نه آهي ڇو جنهن عوام ۾ شامل پرامن شهري حق گهرڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو ان کي عذاب گهر موڪليو وڃي ٿو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي تحت اقتدار ۾ آيل حاڪمن، پرويز مشرف جهڙي آمر کي به مات ڏيئي ڇڏي آهي. سنڌ سان محبت ڪرڻ جي پاداش ۾ سنڌ جي 50 کان مٿي نوجوانن کي سگهارن ادارن حلالي پوليس عملدارن معرفت کڻي اپاهج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن قومي ڪارڪنن کي ساڙي ماريو ويو آهي. سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان مظفر ڀٽو، بشير آريسر سميت هن قوت به 28 ڪارڪن اهلڪارن جي ٽارچر سيلن ۾ بند آهن ۽ اهڙن قومي ڪارڪنن ۾ بدين شهر جي رهواسي پورهيت غلام حسين جمالي جو پٽ بابر حسين جمالي جنهن جي نومبر 2011ع ۾ مڱڻي ٿي هئي اڃا سندس هٿن تان ميندي به نه لٿي هئي ته کيس ماءُ ۽ پيءُ جي اکين اڳيان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ائين اغوا ڪيو جيئن ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي اغوا جي واردات ڪندا آهن.

هڪ پاسي اسيمبلي ميمبر قانوني طور سنڌ جي ورهاڱي ڪندڙن تي پرده پوشي ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي قومي ڪارڪن بابر حسين جمالي سميت ڪنهن به نوجوان جي وارثي لاءِ ڪو به بيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. قانون جي ۽ عدالتن جي احترام ۽ مٿيري حيثيت جو زباني اقرار ڪرڻ انصاف جي تقاضا ڪيئن ٿو پوري ڪري سگهي؟ ڇا هن ملڪ جا سگهارا ادارا ۽ سياستدان اِهو تماشو ڏسندا رهڻ لاءِ حڪومت ۾ آيا آهن ته ڪنهن ماءُ جو لخت جگر محافظن جي عذاب گهر ۾ نامعلوم هنڌ قيد هجي ۽ خوابن جي ساڀيان لاءِ انجينئرنگ يونيورسٽي جو پڙهندڙ شاگرد ماءُ پيءُ جي سهاري بڻجڻ لاءِ تعليم حاصل ڪندڙ انجينئر اياز حسين وري کنڀجي وڃي. شروعاتي نوڪري دوران ايماندار ۽ انصاف پسند ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي کي ڪنهن جادوئي لٺ سان غير متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي جو سندس ڪمان هيٺ ڪم ڪندڙ پوليس آفيسر سرعام نوجوانن کي اغوا ڪري ٽارچر ڪندا رهن. مون کي ياد آهي ته 1996ع ۾ جڏهن الهڏنو خواجه ايس ايس پي کان پڇيو هو ته سنڌ ۾ سٺا پوليس آفيسر گهڻا آهن ته هن چيو ته اسان کان وڌيڪ سٺو آفيسر ثناءُالله عباسي آهي. جيڪو هاڻ سياستدانن جي ساراهه ڪرڻ ۽ وڏن ڀائرن جي گڏجاڻين ۾ مصروف آهي. بدين جي رهواسي غلام حسين جمالي ۽ سندس همدرد پٽن جي آزادي لاءِ اٺن ڏينهن کان مسلسل علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ۾ مصروف آهن، ڪنهن به چونڊيل ميمبر ۽ انصاف ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڪنهن آفيسر کي اڃا تائين ڪو احساس نه آهي ته پٽن جي وڇڙڻ واري درد رکندڙ غلام حسين جمالي ۽ ان جي گهرواري کان پڇن ۽ تسلي ڏين ته ٻن پٽن کي واپس ڪرائڻ ۾ ذري برابر به مدد ڪندا.

پوليس جيڪڏهن ڪنهن سياسي ماڻهو جي ننڍڙي ماڻهو ۾ هٿ وجهي ٿي ته رينڪ آفيسر معطل ٿيڻ کان بدلي ۽ رِوٽ ٿيو وڃن پر هتي ڪير ڪنهن سان همدردي نه ڪري ته معاشري ۾ اميد ۽ احساس جو آخري ڪرڻو به مرجهائجي وڃي ٿي ۽ معاشري ۾ انارڪي وڌي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ سنجيده ۽ سمجهدار سماجي اڳواڻ سياسي ڪارڪن، واپاري توڙي ايماندار آفيسرن جو اڳتي اچڻ  وقت جي ضرورت به آهي ۽ سواليه نشان به…!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو