Home / افيئر / بدين جي هڪ مثالي ڳوٺ جي بدحاليءَ جي درد ڪٿا
above article banner

بدين جي هڪ مثالي ڳوٺ جي بدحاليءَ جي درد ڪٿا

بدين تعلقي جي يوسي عبدالله شاهه ۾ قائم قديم ڳوٺ علي مراد چانڊيو تيل ۽ گئس جي معدني دولت سان مالا مال ملڪ جي امير ترين ضلعي بدين جو اڪيلو مثالي ڳوٺ آهي، جيڪو بدين ۾ ماڊل وليج طور مشهور آهي. جنهن ڳوٺ ۾ اٽڪل 90 سيڪڙو نوجوان ڳوٺاڻيون ڇوڪريون پڙهيل آهن ۽ مرد نوجوانن ۾ خواندگي جي شرح پڻ 90 سيڪڙو آهي. هن ڳوٺ ۾ هڪ بوائز مڊل اسڪول 1982ع ۾ ڀرواري اهم قديم شهر ڪڍڻ کان به اڳ ۾ قائم ٿيو هو. جيڪا ڳالهه بنهه حيرتناڪ آهي. هتي هڪ بنيادي صحت مرڪز، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جو نظام پڻ آهي. هن ڳوٺ کي بجلي جي سهوليت پڻ علائقي جي ٻين ڳوٺن کان آڳاٽي مليل آهي. هتي جانورن جي اسپتال جي هڪ عمارت پڻ ٺهيل هئي جيڪا ٻوڏن ۾ تباهه ٿي هن وقت ملبي جو ڍير بڻيل آهي. جيڪا جانورن جي سڄي يوسي عبدالله شاهه ۾ اڪيلي اسپتال هئي جيڪا پڻ پٽ ٿي وئي. هن ڳوٺ کي ان قسم جو مثالي ڳوٺ بنائڻ وارو مرد مجاهد علي احمد چانڊيو جيڪو هن ئي ڳوٺ جو ڄائو هڪ مسڪين هاري حاجي محمد جو ٻيو نمبر پٽ هو، جيڪو خبر ناهي ڪيئن درد جا درياهه پار ڪري پڙهيو، جيڪو بدين ۽ لاڙ جو هڪ عظيم سماج سڌارڪ بڻيو، سگا بدين جو باني صدر هو. جنهن بدين شهر ۾ روشن تارا جو مثالي اسڪول قائم ڪرايو. جنهن جي ئي اڻٿڪ محنت سان 1980ع ۾ بدين شهر ۾ سگا طرفان اکين جي علاج جي جيڪا تاريخي ڪئمپ لڳي جنهن ڪئمپ ۾ بدين ۽ لاڙ جي هزارين مسڪين بي نور مريضن جا ڪراچي ۽ حيدرآباد مان آيل ماهر سرجنن اکين جا مفت آپريشن ڪري نيڻن جو نور واپس موٽائي ڏنو. جنهن قابل ذڪر اکين جي ڪئمپ لاءِ چيو وڃي ٿو ته گذريل 32 ورهين جي ڊگهي عرصي ۾ بدين ضلعي ۾ اکين جي آپريشن جي اهڙي ڪا هڪ به خيراتي علاج جي ڪئمپ ٻهير لڳي نه سگهي آهي.

علي احمد جي انساني ڀلائي وارن ڪيل ڪمن جي هڪ طويل فهرست آهي جنهن سندس ڪيل ڪارنامن جا پڙاڏا 8 اپريل جي رات سندس اباڻي ڳوٺ ۾ سندس ملهايل ٻي ورسي جي موقعي تي هڪ تقريب ۾ ٻڌا ويا. جنهن ۾ سندس ويجهن ساٿين ۽ ساڃاهه وندن کيس ڀيٽا ڏيندي هڪ ديومالائي ڪردار جو مالڪ عظيم انسان قرار ڏنو. هن ئي ڳوٺ جو هڪ ٻيو نه وسرندڙ لافاني ڪردار جو مالڪ ڪامريڊ سهراب چانڊيو هو جيڪو پڻ گذريل سال 5 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي ورسي پڻ 8 اپريل تي گڏيل طور ملهائي وئي. ڪامريڊ سهراب جنهن لاڙ ۾ آيل 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان جي تباهڪارين تي هڪ ڪتاب “تڙ تڙ تي طوفان” جي نالي سان پڻ لکيو. جنهن ۾ هن ڪيٽي بندر کان علي بندر تائين پيادل سفر ڪري اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيو. ڪامريڊ سهراب جيڪو عوامي تحريڪ جو جهونو ڪارڪن هو. هو هڪ ئي وقت شاهه لطيف جو پارکو، لاڙ جو بهترين سگهڙ، شاعر ۽ سريلي آواز جو راڳي پڻ هو. هن ئي ڳوٺ جو ٽيون ڪردار جيئي سنڌ سان تعلق رکندڙ مرحوم محمد بخش  چانڊيو عرف ويڳاڻو هو. سائين جي ايم سيد سان عشق جي حد تائين محبت ڪندڙ مرحوم ويڳاڻو چانڊيو جيڪو بدين جو انتهائي جهونو قومي ڪارڪن هو. هو پڻ شاهه لطيف جي رسالي جو پارکو ۽ سريلو راڳي هو. قومي ڪاڄن سميت هر هنڌ محفلن ۾ وڏي درد سان قومي گيت ٻڌائي ميڙن کي جهومائي ڇڏيندو هو. علي احمد ڪامريڊ سهراب ۽ مرحوم ويڳاڻو چانڊيو بدين جي هن علائقي سميت پنهنجي هن اباڻي مثالي ڳوٺ ۾ ايتري ته گهڻي سياسي سماجي ۽ علمي جاڳرتا پيدا ڪئي جو آمر ضياءُ الحق جي ظالماڻي مارشل لائي راڄ خلاف جڏهن لکين سنڌي بغاوت جو اعلان ڪري خالي هٿين ميدان تي نڪتا، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ سنڌي ڪونڌر ڪسجي ويا. هزارن کي ڦٽڪا هنيا ويا. قيدين سان سنڌ جا سمورا جيل ۽ عقوبت خانا ڀرجي ويا. 1983ع ۽ 86، جي ان سنڌي عوام جي ايم آر ڊي، جي جڳ مشهور تاريخساز تحريڪ جنهن ۾ بدين جي عوام پاڻ ملهايو. ايم آر ڊي جي ان تحريڪ ۾ ڳوٺ علي مراد چانڊيو جو تاريخي نمايان ڪردار آهي. جوڌا ۽ جوڌيون، ڪامريڊ سهراب، خان محمد چانڊيو ۽ ٻين ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ جڏهن بدين شهر جي ميدان تي نڪتيون تڏهن فوج ۽ پوليس سنڌياڻي تحريڪ جي نارين تي ڪڙڪي پيئي ۽ بدين جي بازار جنگ جو ميدان بڻجي ويئي. ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي نارين تي تشدد ڪندڙ هڪ پوليس آفيسر کي ان وقت ڪامريڊ سهراب جي ننڍي ڀاءُ بخشو خان چانڊيو جيڪو ٻيلهاڙي راند جو مشهور پهلوان هو، ٻک وجهي ان پوليس آفيسر کي پڪي روڊ تي دسي ٻوڙي وڌو. واقعي بعد بخشي چانڊئي کي پوليس گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو. فوجي ڪورٽ کيس هڪ سال سخت پورهيي ۽ ڦٽڪن جي سزا ڏني. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڪامريڊ بخشي کانسواءِ ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي عوامي تحريڪ سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اذيتناڪ سزائون ڏنيون ويون.

هن تاريخي مثالي ڳوٺ جي معمار ۽ خدائي خدمتگار علي احمد چانڊئي جي اباڻي ڳوٺ کان بدين شهر ڏانهن منتقل ٿيڻ، بدين کان ٻاهر جي شوگر ملن ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڊگهي عرصي تائين سخت بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وڃڻ سان هي تاريخي ڳوٺ اجڙي ويران ٿيڻ شروع ٿيو. جيڪو بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن، ڪرپٽ ناظمن، سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ بي ڌياني جي ڪري تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. هن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي. سڀ کان خراب حالت بوائز مڊل اسڪول جي آهي جنهن جي عمارت اٽڪل 5 سالن کان تباهه ٿيل آهي جنهن ۾ ٻٻر ۽ ديوين جو جهنگ نظر اچي رهيو آهي. 3 سال اڳ تعليم کاتي بدين طرفان هن اسڪول جي مرمت جو ڪم چالو ٿيو اسڪول جو ٺيڪيدار مرمتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو. اسڪول جي عمارت جي نئين ٺهيل ڇت تي پلستر نه ٿيڻ ڪري گذريل سال جي مها ٻوڏ ۾ اها ڇت تباهه ٿي وئي. هن وقت اهو مڊل اسڪول ڪنهن قديم کنڊر جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. 5 سال اڳ بوائز مڊل اسڪول جي عمارت تباهه ٿيڻ بعد هن اسڪول جا شاگرد گرلز مڊل اسڪول جي عمارت ۾ ڳوٺ جي نياڻين سان گڏ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪيڏي نه ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته هن گرلز مڊل اسڪول ۾ اڄ ڏينهن تائين عورت اسٽاف مقرر ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته بوائز مڊل اسڪول جي اسٽاف جو پڻ ساڳيو حال آهي. گرلز ۽ بوائز جا اهي ٻئي اسڪول هن وقت ڳوٺ جو هڪ انتهائي محنتي ۽ فرض شناس استاد محمد حيات چانڊيو هلائي رهيو آهي، جيڪو هن بوائز مڊل اسڪول جو هيڊ ماسٽر پڻ آهي. هن سان گڏ فقط هڪ عربي استاد آهي اهي ٻه مقامي استاد انهن ٻنهي مڊل اسڪولن کي وڏي مشڪل سان هلائي رهيا آهن. اهي ٻئي مقامي استاد نه هجن ها ته اهي ٻئي مڊل اسڪول ڪيترائي سال اڳ مڪمل طور تي بند ٿي وڃن ها. 2003 جي ڀيانڪ ٻوڏ ۾ بوائز مڊل اسڪول سان گڏ هن ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت پڻ ڊهي پٽ ٿي وئي جيڪا اڃا تائين ٻيهر تعمير نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري اهو اسڪول گذريل 9 سالن کان بنيادي صحت مرڪز جي هڪ رهائشي ڪمري ۾ هلي رهيو آهي. هن وقت ان اسڪول ۾ 70 معصوم ڳوٺاڻا ٻار زير تعليم آهن. جن ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ فقط هڪ پرائمري استاد تائين پهچڻ لاءِ ڪٿان ڪو به ڪچو، پڪو رستو ۽ گس ٺهيل ناهي. 3 سال اڳ بوائر مڊل اسڪول جي ڀڄي ويل ٺيڪيدار سنهي گوني واهه کان مڊل اسڪول ۽ اسپتال جا رستا ملبي جي ڍيرن سان بند ڪري ڇڏيا جنهن ڪري عملي، شاگردن ۽ مريضن کي پهچڻ لاءِ وڏيون مشڪلاتون درپيش آهن. نياڻين جو گرلز پرائمري اسڪول جنهن ۾ هن وقت 208 شاگردياڻيون زير تعليم آهن جن کي پڙهائڻ لاءِ فقط هڪ ٽيچر آهي. اسڪول جن ٽن فيڊر استادن کي هڪ سال اڳ حڪومت نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. اهڙي طرح بدين جي تعليم کاتي جي نااهل راشي ڪامورن هن تاريخي ڳوٺ جي سوين معصوم نياڻين ۽ ٻارن جي علم جي نور جا ڄڻ ته در ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. پر شاباس هجي هن ڳوٺ جي ٻن مرد ۽ هڪ عورت استاد کي جن جي اڻٿڪ محنت سان ڳوٺ جا اهي تباهه حال اسڪول رڙهي رهيا آهن.

تعليم کاتي بدين ۽ هتان جي چونڊيل عوامي نمائندن جي بي رحمي ته ڏسو. مرحوم علي احمد جي ٻاريل علم جي لاٽ سان هن ڳوٺ جون اٽڪل 40 کان وڌيڪ نياڻيون مئٽرڪ پاس آهن جن مان ڏهاڪو کن نياڻيون انٽر ۽ بي اي پاس آهن اهي سڀئي بيروزگار آهن جن ٽيچر ٿيڻ لاءِ تعليم کاتي ۾ ڪيتريون ئي درخواستون ۽ انٽرويوز ڏنا آهن. پر ڪنهن کي به ماسترياڻي جي نوڪري ملي نه سگهي آهي. ڳوٺ جي گرلس مڊل ۽ پرائمري اسڪولن۾ جايون خالي آهن. اهي اسڪول هلائڻ لاءِ ڳوٺ جي مقامي پڙهيل نياڻين کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته بدين ضلعي جا 95 سيڪڙو گرلز پرائمري ۽ مڊل اسڪول گذريل 20 سالن کان لاڳيتو بند آهن. هن ڳوٺ ۾ قائم جانورن جي اسپتال ڊهي ملبي جو ڍير ٿي ويئي آهي جنهن ۾ جانورن جي ڊاڪٽر ۽ وٽنري عملو مقرر نه ڪيو ويو آهي. ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينج جو نظام مڪمل طور تي تباهه ٿيل آهي. ٽي ايم اي بدين ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي نااهل اهلڪارن جي ڪرتوتن ڪري ڳوٺا پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن. سنهي گوني شاخ جي ڳوٺ علي مراد چانڊيو جي موري پڻ زبون ٿي وئي آهي جيڪا ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿي. تاريخي ڳوٺ علي مراد چانڊيو جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو ۽ انتهائي دردناڪ انساني الميو اهو آهي ته هن ڳوٺ جا پورهيت لڏي جا انتهائي مسڪين ڳوٺاڻا ٻن انتهائي خوفناڪ بيمارين ٿيلسميا (رت جو نه ٺهڻ) ۽ هيمو فيليا، (رت جو بند نه ٿيڻ) وارين بيمارين ۾ مبتلا آهن جن ٻنهي خطرناڪ موروثي بيمارين جو علاج مشڪل ۽ انتهائي مهانگو آهي. هن ڳوٺ ۾ انهن خانداني بيمارين جي تاريخ اٽڪل پنجاهه سال پراڻي آهي جن بيمارين هن سڄي ڳوٺ کي ڪنگال ڪري ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان هيل تائين هڪ ڳوٺ جا اٽڪل 16 معصوم انسان انهن ٻنهي بيمارين ۾ موت جو شڪار ٿي ويا جن ۾ نصرت ڌي محمد يونس، ڄمار 14 سال، غلام فاطمه زال محمد امين ڄمار 28 سال، خيرالنساءَ زال علي اصغر عمر 37 سال، جيڪا ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ويم جي آپريشن دوران وفات ڪري ويئي، قمرالنساءَ ڌي محمد هاشم ڄمار 15 سال، گلزار علي پٽ سعيد خان عمر 20 سال، راشد علي پٽ نور علي عمر 11 سال، عائشه ڌي نور علي ڄمار 3 سال، ۽ ٻيا انهن ۾ گهڻا معصوم ٻار هئا جيڪي چند مهينن ۽ هڪ سال جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويا. جڏهن ته هن وقت تائين هن ڳوٺ ۾ اٽڪل 20 مريض انهن ٻنهي موتمار بيمارين ۾ مبتلا آهن. جيڪي معصوم انسان زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن جن جي موت سان جنگ جاري آهي. رت جون بوتلون ۽ رت جو گروپ نه ملڻ ڪري انهن جي حياتي هر وقت داءُ تي لڳل آهي. ظالم موت ڪنهن به وقت سندن حياتي جو ڏيئو گل ڪري سگهي ٿو. انهن مريضن ۾ 24 ورهين جي گلناز زال محمد اڪرم، 30 سالن جي شگفته زال عبدالرحمان 13 ورهين جي عاصمه ڌي ابوبڪر، 28 سالن جو ذڪريا پٽ محمد عيسيٰ، 32 ورهين جي حليمان زال نور حسن، 20 سالن جي ڪنول زال فيروز علي، 27 سالن جي رابعه زال علي انور، 30 ورهين جو زبير احمد پٽ محمد موسيٰ، 35 سالن جي گلشن شاهنواز، 24 ورهين جي زيبا زال رجب علي، 21 سالن جو نياز محمد پٽ جان محمد، 18 ورهين جي رخسانه ڌي جان محمد، 22 سالن جي شبانه ڌي عبدالڪريم، 34 ورهين جي غلام صغريٰ زال محمد اسماعيل، 19 ورهين جو اسد علي، 13 ورهين جو وقار احمد ۽ 4 سالن جو تنوير ۽ اڍائي سالن جي شازيه ڌي علي حسن انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن. جڏهن ته غلام مصطفيٰ چانڊئي جو هڪ ٽن مهينن جو ٻار دل جي سوراخ واري خطرناڪ بيماري ۾ پڻ مبتلا آهي. هن ڳوٺ جا جيڪي 16 معصوم ٻار انهن بيمارين ۾ فوت ٿي ويا ۽ جيڪي 20 مريض انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن، انهن فوتين ۽ بيمار مريضن مان ڪن کي هڪ بيماري ٿيلسميا ۽ ڪن کي هيمو فيليا ته ڪي وري انهن ٻنهي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا آهن. ٻنهي بيمارين ۾ هر وقت رت ۽ 8 فيڪٽر جون بوتلون گهربل آهن اٺون فيڪٽر ۽ رت جون بوتلون کين ڪراچي جي ٻن خيراتي ادارن فاطمه بلڊ بئنڪ ۽ الحسيني بلڊ بئنڪ مان لڳائڻيون پون ٿيون جتي انهن مريضن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين داخل پڻ ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ جي غريب مريضن وٽ، ڪراچي تائين پهچڻ لاءِ هزارين روپين جا ڀاڙا خرچ به ناهن جنهن ڪري پڻ ڪيترائي معصوم انسان موت جو شڪار ٿي ويا آهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان بدين شهر ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ڪيترائي ٿيلسميا سينٽر ٺهيل آهي. جنهن ۾ صحت کاتي جي فنڊنگ کانسواءِ عالمي ۽ ملڪي ڊونر ادارا پڻ ڪروڙين روپيا ڏين ٿا. پر هن تاريخي ڳوٺ جي متاثرن خان محمد ۽ محمد قاسم “افيئر” کي ٻڌايو ته بدين ۾ قائم ٿيل ٿيلسميا مرڪز مان هيل تائين سندن مريضن جون حياتيون بچائڻ لاءِ 8 فيڪٽر ۽ رت جي ڪا هڪ به بوتل نه لڳي آهي. هن سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر جو مريضن سان رويو اڍنگو آهي. نور محمد ۽ ممتاز علي چانڊئي جو چوڻ آهي ته هنن سندن مريضن جو حياتيون بچائڻ لاءِ بدين جي هن تڪ مان چونڊيل ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ان جي ور ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سندن ڳوٺ جي مسئلن ۽ بيمار مريضن جي واهر لاءِ ڪيتريون ئي گذارشون ڪيون پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به عوامي نمائندي ۽ بدين ۾ اربين روپين جا پراجيڪٽ هلائيندڙ اين جي اوز وارن سندن ڪا به واهر نه ڪئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو