Home / ڪور افيئر / بشير قريشي جو وڇوڙو ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت
above article banner

بشير قريشي جو وڇوڙو ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت

 

جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين محترم بشير قريشي، تاريخ 07-اپريل 2012 تي سڪرنڊ لڳ اوچتو وفات ڪري ويو. جوان سال بشير خان جي اوچتي وڇوڙي تي نه رڳو سندس جماعت جيئي سنڌ هلچل پر سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي ۽ گهر گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو. ڇاڪاڻ جو اُنجا ٻه سبب هئا. هڪ ته بشير قريشي، جيئي سنڌ هلچل جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن منجهان، سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ عوامي رابطا رکندڙ شخصيت هو. ٻيو ته سندس موت کان فقط ٻه هفتا اڳ يعني 23 مارچ تي بشير خان، جسقم جي پليٽ فارم تان ڪراچي ۾ تبت سينٽر وٽ هڪ عظيم الشان فريڊم مارچ ريلي منعقد ڪئي هئي جنهن ۾ لکين سنڌ واسين شرڪت ڪئي هئي. جنهنجو نه رڳو سنڌ اندر پر بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو ويو هو ۽ سنڌ جي سنڌ دوست ماڻهن ۾ خوشي جو احساس پيدا ٿيو هو خاص طور ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي ان ريلي وڏو حوصلو بخشيو هو.

مون سميت ڪيترائي سياسي ڪارڪن (آئون خود به ساٿين سميت 23 مارچ جي ريلي ۾ شريڪ ٿيو هئس ۽ اها منهنجي ساڻس آخري ملاقات هئي) 23 مارچ جي انهيءَ شاندار ريلي ۽ جيئي سنڌ جي سياسي طاقت جي اظهار بعد رياستي ادارن پاران مڪمل خاموشي ۽ پراسرار چُپ کي حيرت سان ڏسي رهيا هئا ته ڪٿي قومي تحريڪ خلاف ڪو وڏو حملو ته نه ٿيندو؟ ۽ ٺيڪ پندرهن ڏينهن اندر جيئن ئي بشير قريشي جي دل جي دوري سبب موت جي خبر رات جو 2:30 وڳي جهنگ جي باهه جيان پکڙي تيئن ئي مون سميت هر سياسي ۽ غير سياسي ماڻهن جو ردِ عمل اهو هو ته بشير خان جو موت فطري ناهي پر ڪنهن سازش تحت کيس قتل ڪيو ويو آهي. نتيجي طور سنڌ واسين جي اجتماعي شعور اهو نتيجو ڪڍيو ته بشير قريشي ڪنهن نه ڪنهن سازش جو ضرور شڪار ٿيو آهي اهو ئي سبب هو جو سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي.

بعد ۾ هن وقت تائين پوسٽ مارٽم رپورٽ بابت صحت کاتي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪردار انهيءَ شڪ کي اڃا به وڌيڪ تقويت ڏني آهي ته بشير قريشي کي قتل ڪيو ويو آهي. نتيجي طور نه رڳو بشير خان جا وارث پر پارٽي ۽ سڄي سنڌ جا ماڻهو، سرڪار جي اهڙي روش خلاف سراپا احتجاج بيٺل آهن.

پوسٽ مارٽم رپورٽ صحيح ۽ سچي ايندي يا نه ايندي؟ ان ڳالهه کان هٽي ڪري، حقيقت هي آهي ته بشير قريشي سنڌ واسين ۽ قومي تحريڪ کان وڇڙي ويو آهي.

بشير خان جي اوچتي وڇوڙي سان، فوري طور تي ٽي نقصان سامهون اچي رهيا آهن. 1 ته بشير خان جي جماعت جسقم جي قيادت ڪير سنڀاليندو؟ فوري طور تي کڻي جو جسقم جو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بطور قائم مقام چيئرمين جسقم کي سنڀالي وٺندو. پر ڊگهي عرصي تائين پارٽي قيادت سنڀاليندو؟ يا وري پارٽي جي چونڊن جي صورت ۾ پارٽي جي اڪثريتي ڪارڪنن لاءِ سندس شخصيت قابل قبول رهندي. ممڪن آهي ته ايئن به ٿئي ته بشير خان جي خاندان منجهان ئي ڪو اڳتي اچي يا آندو وڃي؟ بهرحال جسقم جي جيڪا تنظيمي صورتحال رهي آهي، اُن موجب ماڻهن جا هجوم ۽ وڏا تعداد ته جسقم جي نالي ۾ بشير خان سان گڏ هئا پر جسقم جا پارٽي ادارا ايترا طاقتور نه آهن جو صورتحال کي تسلي بخش حد تائين سنڀالي سگهن۽ نه وري جسقم ۾ ڪا ٻي ايڏي قد آور سياسي شخصيت آهي، جيڪا بشير خان جي عوامي انداز واري سياسي قيادت جو خال ڀري سگهي. تنهنڪري جسقم لاءِ اهو وڏو سوال آهي ته انجي قيادت ڪير سنڀاليندو؟

2. ته ڪجهه تنقيد جي باوجود اها ڳالهه سڀني کي مڃڻ گهرجي ته بشير خان جيئي سنڌ هلچل جو سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ عوامي اثر رسوخ رکندڙ اڳواڻ ايڏو ته بهتر ۽ بلند جڙيو هو جو اصل ڪم ته سندس هاڻي ئي شروع ٿيڻ وارو هو. اُنجي منظر تان هٽن/يا هٽائڻ کانپوءِ، سڄي جيئي سنڌ هلچل ۽ بشير خان جي پايي جو ڪو به عوامي سطح جو مشهور ۽ مقبول اڳواڻ ڪونهي. عبدوالواحد آريسر سينيئر ۽ دانشور ته آهي پر هن وقت سندس صورتحال رڳو پارٽي اڳواڻ واري آهي ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي سان به لاڳو ٿئي ٿي.

تنهنڪري عوامي شخصيت جو سوال سڄي جيئي سنڌ هلچل سال لاڳو آهي ۽ قيادت جو اهو خال ڀرڻ ۾ جيئي سنڌ هلچل کي وقت لڳندو.

3. ڳالهه ته بشير خان جي ڪراچي ۾ رهائش ۽ موجودگي، ڪراچي جي سنڌين لاءِ هڪ ڏڍ ۽ آسرو هئي. کڻي جو ان انداز ۽ پيماني تي ڪراچي ۾ سنڌين کي منظم ڪرڻ جو ڪم نه ڪيو ويو هو پر پوءِ به هڪڙو آسرو ۽ ڏڍ هئو جيڪو بشير خان جي وڇوڙي سان ختم ٿي ويو.

ڪراچي اندر پيدا ٿيندڙ ۽ وڌندڙ لساني/نسلي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ڪنهن ٻئي انداز سان تنظيم سازي ڪري، طاقت جو توازن قائم ڪرڻو پوندو.

هن وقت قومي ڪارڪنن جي اڪثريت، جيڪا ذهني صدمي ۽ غير يقيني جي شڪار آهي، چاهي ٿي ته قومي جماعتون، بالخصوص جيئي سنڌ هلچل متحد ٿئي. هڪ اتحاد قائم ٿئي يا وري جيئي سنڌ جي گروپن جو تعداد گهٽائجي. خوشقسمتي سان، ان سلسلي ۾ اسان (خود مون ئي) سائين جي ايم سيد جي 25 اپريل تي ٿيندڙ ورسي جو هڪ جلسو سن ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ هلچل جي مختلف جماعتن سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون هيون جسقم بشير خان واري جسقم جي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي معرفت اسان ٽي تجويزون ڏئي چڪا هئاسين 1 ته سڀ گروپ سائين جي ايم سيد جي ورسي گڏجي ملهائين. 2 جسقم جا ٻئي گروپ سيد جي ورسي گڏجي ملهائن ۽ 3 جسقم جا ٻئي گروپ هڪ پارٽي بنجن.

انهن تجويزن تي 7 اپريل ت سن ۾ ٿيندڙ جسقم جي جيئمسٽ ڪائونسل جي اجلاسن ۾ غور بحث ٿيڻ جو امڪان هو جو بشير خان جو اوچتو وڇوڙو ٿي ويو. جنهنڪري اهي ڳالهيون رڪجي ويون. اڳتي ڇا ٿيندو اهو بشير خان جي پارٽي ساٿين کي طئي ڪرڻو پوندو.

پر بشير خان جي وڇوڙي سان، جيئي سنڌ جي اڪثر پارٽين سيد جي ورسي جا جلسا منسوخ ڪري ڇڏيا. اهو خود ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جيئي سنڌ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هڪ ئي انداز ۾ سوچڻ لڳا آهن.

اها ڳالهه الڳ آهي ته جيئي سنڌ هلچل ۾ انضمام يا اتحاد جي سوال تي شعوري ۽ رضاڪارانا ڪوششن کان وڌيڪ حالتن جي جبر جو اثر رهيو آهي.

ماضي ۾ 1995 ۾ سائين جي ايم سيد جي وفات بعد، ڏک ۽ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي نعري هيٺ ڪارڪنن۽ عوام جي دٻاءُ قومي اڳواڻن کي هڪ پارٽي ٺاهڻ تي مجبور ڪيو هو.

هن وقت بشير خان جي وڇوڙي بعد، ساڳي ڪيفيت ۽ ذهنيت پيدا ٿي آهي ته ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪيو.

فرق آهي ته پاڻ ۾ گڏجڻ جي عمل جا سبب مختلف هئا ۽ هاڻي جيڪڏهن امڪان روشن ٿيندا ته انجا سبب ڪجهه مختلف هوندا. پر هڪڙي ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته فيصلا ماضي جي تجربن جي روشني ۾ اهڙا ٿيڻ گهرجن جو غلطين جا امڪان گهٽ کان گهٽ رهجن. نه ته ٻي صورت ۾ اڃا به وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيڻ جو انديشو رهندو.

منهنجي نظر ۾ هن وقت سائين جي ايم سيد جي نظريي سان لاڳاپيل ڪهاڙي واري ڳاڙهي جهنڊي جي ڇانو هيٺ بيٺل ڪارڪنن کي ڪجهه Challenges درپيش آهن، جنهنجو حل ڪڍڻو پوندو.

1.پاڻ ۾ سهپ، رواداري، اتحاد، هم آهنگي يا انضمام جي رجحانن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

2.قومي ڪارڪنن ۾ نظرياتي تعليم ۽ سياسي سنجيدگي جي شديد کوٽ جيڪا مختلف سببن جي ڪري پيدا ٿي آهي، ان کي دور ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻا پوندا.

3.ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي ڪنهن به امڪاني خطري جي صورت ۾ منظم ۽ متحد ڪرڻو پوندو.

4.سنڌ جي قومي تحريڪ جي اصل تضاد، پنجابي، پٺاڻ مستقل مفاد خلاف جهدوجهد جي مورچي کي سگهارو ڪرڻو پوندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو