Home / ڪور افيئر / بشير قريشي جو وڇوڙو ۽ سنڌي چئنلن جي غير ذميوار رپورٽنگ
above article banner

بشير قريشي جو وڇوڙو ۽ سنڌي چئنلن جي غير ذميوار رپورٽنگ

سنڌ وري هڪ ٻي سڪرات مان گذري، جڏهن 7-اپريل واري رات جي پوئين پَهر ۾ ميڊيا سنڌ جي ارڏي عاشق بشير خان قريشيءَ جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر نشر ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو وقت رات جو 2 وڳي کان 3 وڳي تائين وارو هو، جنهن وقت سموري خلق اگهورننڊ ۾ هوندي آهي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سيل فون ٽيڪنالوجي جي وسيلي سموري سنڌ تائين هيءَ اڀاڳي خبر منٽن ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ پرهه ڦِٽيءَ کان پهريائين سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جاڳي پئي ۽ سموري سنڌ سڏڪن ۾ هلي وئي. پهريان موبائل تي فون آيا، پوءِ ميسجز جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، ايئن سموري سنڌ، (جتي جتي ٽي وي تائين ماڻهن کي رسائي دستياب آهي) اچي گوڏا کوڙي خبرون ٻڌڻ ويهي رهي ۽ سامهون هئا سنڌي ميڊيائي چينل، ڪي ٽي اين، مهراڻ، سنڌ ٽي وي ۽ آواز نيوز چينل! هڪ ته خبر ايتري ڏکوئيندڙ هئي، جو ان کي پهريان ٻڌڻ ۽ پوءِ هضم ڪرڻ به سڀ ڪنهن جي وس ۾ ڪونه هو، پر جنهن ريت سنڌي ،ميڊيا هن اشو تي Mis reporting ڪئي، منهنجي خيال ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي شعوري عمر ۾ ڪنهن به اشو تي ڪنهن نيوز چينل جي ايڏي نااهلي ۽ لاپرواهي نه ڏٺي آهي.

ذڪر ڪيل سڀني سنڌي نيوز چينلن جي هيڊنگ هڪڙي ئي هئي، “سنڌ جو بهادر اڳواڻ بشير قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.” اڳيان ٿورا ٿورا وڌيڪ تفصيل ايندا ويا، جنهن اضافي معلومات جيڪا سنڌي ميڊيا کي سڀني وسيلن کان هٿ آئي اُها اِها هئي ته بشير قريشي رات جي ماني سڪرنڊ جي ويجهو ڳو ٺ دڙي مگسي ۾ پارٽي جي مقامي اڳواڻ سان کاڌي هئي، ٿورو اڳيان تفصيل مليا ته ماني کائڻ کانپوءِ ستت ئي سندس بلڊ پريشر اچانڪ گهٽجي ويو، جنهن سبب ڊاڪٽر کي گهرايو ويو، جنهن بشير خان قريشيءَ جو بلڊ پريشر خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ جو ٻڌائي کيس فوري طور اسپتال پهچائڻ جو چيو، بعد ۾ جڏهن کيس سڪرنڊ اسپتال آندو ويو ته اتي موجود ڊاڪٽرن بشير خان قريشيءَ جي اسپتال پهچڻ کان پهريائين لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي. لڳ ڀڳ رات چار وڳي تائين هي بنيادي تفصيل سڀني سنڌي چينلن تي اچي چڪا هئا، جيڪي ويندي اڳئين ڏينهن ۽ رات بشير خان قريشيءَ جو مڙهه لحد ۾ لاهڻ تائين ساڳين سرخين ۽ space سان نشر ٿيندا رهيا، ان وچ ۾ لڳ ڀڳ 20 ڪلاڪن جو وقت گذري چڪو، پر حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها ته ايڏي هاءِ پروفائيل شخصيت جي اوچتي موت کي ڄڻ ته سنڌي ميڊيا فطري موت واري فيصلائتي خبر نشر ڪري، باقي ٻين ڪمن کي لڳي وئي.

جيتوڻيڪ مون به سنڌي ميڊيا ۾ ڪم ڪيو آهي، ۽ نه رڳو تجربو پر صحافت جو بنيادي درس ئي اهو آهي ته 1) هر خبر تي شڪ ڪريو ۽ ان جا ٻيا امڪاني پاسا ڏسو. 2): خبر جي ڇنڊڇاڻ (Investigation) ڪري، مڪمل خبر تائين رسائي حاصل ڪجي ۽ پوءِ ناظرين تائين پهچائجي ۽ 3): خبر جا امڪاني اثر ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ اڳيان ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان تي ڪم ڪجي ۽ ناظرين تائين پهچائجي. پر هتي ته ظلم اهو ٿيو ته “بشير خان قريشيءَ جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو ٻڌائي، سنڌي ميڊيا قومي ميڊيا کي ڄڻ دڳ ڏئي ڇڏيو/پوءِ ملڪي ۽ بعد ۾ عالمي ميڊيا تي ساڳيون ٽيليڪاسٽ ٿيل خبرون هلڻ شروع ٿي ويون. ظاهر آهي ته هيءَ خبر هئي ئي، سنڌي ميڊيا جي رينج ۾ ان ڪري بنيادي معلومات جيڪا سنڌي ميڊيا نشر ڪئي، ڄڻ ته اهو ئي چينلن لاءِ Source material بڻيو ڪنهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي ئي نه پئي.

بشير خان قريشيءَ جي موت واري خبر ۾ Twist ته ان وقت ئي پيدا ٿي ويو هو، جڏهن اها خبر هلي ته هن رات جي ماني دوستن سان گڏ ڳوٺ دڙي مگسي ۾ کاڌي، وري ڪجهه ٽائيم کان ڪٿان اها خبر به نشر ٿي ته کيس پيٽ ۾ سُور به پيو هو ۽ هُن مورو ۾ ئي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو، سچ ته اهي شڪ هر ماڻهوءَ کي ذهن تي تري آيا هئا، ته بشير قريشي جو موت فطري ناهي پر سنڌي ميڊيا ان ڳالهه تي ايندڙ لڙيءَ رات تائين ڳنڍ ڏيو بيٺي رهي. اچو ته مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي رپورٽنگ جي بنيادي اصولن جي تناظر ۾ اهو ٿا ڏسون ته بشير قريشيءَ جي موت واريءَ خبر ۾ پاڻ واري سنڌي ميڊيا ڪٿي نظر آئي.

1): هر خبر تي شڪ ڪرڻ ۽ انجا ٻيا امڪان پاسا ڏسڻ جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته سنڌي ميڊيا کي هن خبر ۾ سچ پچ ته ڄڻ ڌپو ئي ڪونه پيو، ڄڻ ته دل جي دوري واري خبرسنڌي ميڊيا جي وات ۾ ڪيئن ڪپهه جيان دٻائي وڌي هجي، جيڪا سنڌي ميڊيا ايندڙ 20،22 ڪلاڪن تائين چٻاڙيندي رهي. هن خبر ۾ غير فطري موت واري امڪاني تي ڪم ڪري پئي سگهي-۽ ڪيڏو بهتر ٿئي ها ته خبر جو بنيادي مواد ئي اتان ورتو وڃي ها ته شايد ڪنهن پيرائتي نتيجي تائين پهچي سگهجي ها. پر حقيقت ته اها هئي ته ميڊيا خبر جا پيرا کنيا ئي ڪونه. هتي دنيا جي هڪ ٻئي عظيم اڳواڻ جي موت جو حوالو ڏيڻ بنهه لازمي آهي ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ڇو ٽي وي تي خبر ٻڌندي ئي منهنجي ذهن تي عرب دنيا جي عظيم اڳواڻ ياسر عرفات جو موت جو حوالو تري آيو، جنهن جو موت به بظاهر فطري نظر آيو، پر بعد ۾ ميڊيا پتو لڳائي ورتو ته اصل ۾ مرڻ واري ڏينهن کان لڳ ڀڳ ٻه مهينا پهريان کيس Slow Poison ڏنو ويو هو. هي خبرون ته بعد ۾ رپورٽ ٿيون ته ياسر عرفات پنهنجي موت کان ٻه مهينا پهريان جڏهن پاڻ عالمي سرگرمين ۾ مشغول هو، تڏهن اسرائيل جي ڪابينا ياسر عرفات کي زهر ڏئي مارڻ کانپوءِ امڪاني ردِ عمل ۽ ان ڳالهه تي به بحث ڪري رهي هُئي ته ياسر عرفات جي مرڻ جي صورت ۾ کيس يروشلم ۾ دفن ٿيڻ جي اجازت ڏجي؟ يا بيت المقدس ۾؟. ۽ پوءِ ڪابينا ياسر عرفات کي ڪن سياسي سببن ڪري وقتي طور بيت المقدس ۾ دفن ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ ياسر عرفات جي وصيت موجب کيس يروشلم ۾ دفن ٿيڻ نه ڏنو. هتي به ڪجهه ايئن ئي ٿيو آهي. پر شابس هجي ويسٽرن ميڊيا کي جنهن ڪيس جا پيرا ئي ڍڪي ورتا هئا، جنهن سبب چور جي دروازي تي پهچڻ ۾ کين گهڻو وقت لڳو، پر هتي الٽو پيرا وڃائڻ ته پري مرڳو پيرا کنيا ئي نه ويا. افسوس جو سنڌي ميڊيا هڪ پيريءَ جو ڪردار ادا نه ڪيو ۽ هاڻي جڏهن بشير قريشيءَ کي زهر ڏئي مارڻ وارا امڪان چٽا ٿيندا پيا وڃن تڏهن به سنڌي ميڊيا وٽ هيءَ خبر ليڊ ۽ سپر ليڊ واري جاءِ نه پئي وٺي.

2) خبر جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مڪمل خبر تائين رسائي حاصل ڪرڻ، مثال اها خبر هلي ته بشير قريشيءَ رات جي ماني فلاڻي ڳوٺ ۾ کاڌي پر ان ۾ به آخر تائين تضاد رهيو ته اها ماني هوٽل تان گهرائي وئي هئي يا بشير قريشي جي ٿيندڙ ميزبانن گهران تيار ڪرائي هئي؟ هڪڙي چينل خبر پئي هلائي ته ماني هوٽل تائين گهرائي وئي هئي ۽ ٻي چينل تي بشير قريشيءَ جو ڀاءُ مقصود قريشي اهو چئي رهيو هو ته ماني دوستن جي گهران آئي هئي. ان تي افسوس نه ڪجي ته ڪنهن به چينل تي مانيءَ جو Menue جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو، ته انهن ڊنر ۾ ڇا ڇا کاڌو، ڪٿي Food Poison جو امڪان به ظاهر ٿي پئي سگهيو-؟ وڏي ڳالهه اها ته ان وقت سڄو ڏينهن ٽي وي تي ويهندي حيرت ٿي ته ايڏي هاءِ پروفائيل شخصيت جي موت جي خبر جو ايڏو وڏو امڪاني پاسو ڪيئن ميڊيا جي نااهلي جي رو چڙهي ويو-؟ ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته بشير قريشيءَ جي گذريل سفري شيڊول جو مڪمل جائزو ورتو وڃي ها ته هو ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن ڪنهن وٽ ترسيو ۽ اتي هُن ڇا ڇا کاڌو ۽ پيتو، ٻيو ته ڇڏيو پر ميڊيا ان جي ان هڪڙي ڏينهن جو شيڊول به پڌرو نه ڪري سگهي جنهن مان ڪٿان کان کڙڪ پئجي سگهي ها بهرحال اهو سڀ ڪجهه ته تڏهن ٿئي ها جڏهن بنيادي خبر تي ئي شڪ ڪيو وڃي ها ته بشير قريشيءَ جو موت فطري ناهي. افسوس ميڊيا جي هڪ غلط اينگل سنڌ جي هڪ عظيم اڳواڻ جي اوچتو موت جي ڪارڻ کي ڪاري چادر اوڍي ڇڏي.

3) خبر جا امڪاني اثر ڇا ٿي سگهن ٿا ۽ اڳيان ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي.

رپورٽنگ ۾ هڪ ڌڪُ کائڻ کانپوءِ به سنڌي ميڊيا پير نه جهليا ۽ مُسلسل رڳو بشير قريشيءَ جي جنازي کي کڻي ويندڙ ايمبولينس کي ڏيکاريندي رهي، اها ايمبولينس جتان جتان گذري پئي، ميڊيائي لڏو اتي هو، روايتي طور اتي اِشو جي سنجيده رپورٽنگ جي دوران سنڌي ميڊيا جون ڪيمرائون جذباتي منظر فلمبند ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيون هيون، ٽي وي رڳو ڪارڪنن جون آهون ۽ دانهون، ڪُوڪون، واويلا ۽ هاءِ گهوڙا جا منظر پئي ڏيکاريا. جڏهن ته صبح کان ئي هڪ ٻئي اشو جنم ورتو، جڏهن خبر نشر ٿي ته بشير قريشيءَ جو پوسٽ مارٽم لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال مان ڪرايو ويندو. ظاهر آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ جا بنيادي طور مقصد ئي ٻه هوندا آهي 1): موت جو وقت ۽ 2) موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ. هاڻي جڏهن صبح سان خبرون نشر ٿيڻ شروع ٿي ويون تڏهن ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته 1): فوري طور تي چانڊڪا اسپتال پهچي، اتي شام جو ٿيندڙ پوسٽ مارٽم رپورٽ جي طريقيڪار، انجي معيار، ۽ انجي امڪاني رپورٽ اچڻ وارن امڪانن تي ڪم ڪجي ها. اهو ته سنڌي ميڊيا صبح سان ئي چانڊڪا هاسپيٽل جي مئنيجمينٽ کي onboard وٺي پئي سگهي ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ جڙندڙ امڪاني ٽيم جو پروفائيل منظر تي آڻي پئي سگهي. جڏهن بشير قريشي جي جسم جي حصن جي چڪاس جي رپورٽ جو ذڪر ڇڙيو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته بنيادي رپورٽ ۾ ڪجهه به پڌرو نه ٿيندو ۽ جسم جا حصا روهڙي لئبارٽري اماڻيا ويندا. حالانڪ هن هنڌ اهي سوال به اٿندا رهيا ته انهن حصن جي رپورٽ جي اصليت ڇا هوندي؟ بهرحال بعد ۾ رپورٽون آيون ته روهڙي نه پر جسم جا حصا ڪراچي ليب اماڻيا ويندا. ان سڄي عرصي ۾ جڏهن ميڊيا ۾ جسم جي حصن جي چڪاس واري خبر جاءِ والاري تڏهن به ڪٿان Investigative رپورٽ نه آئي ته

الف: جسم جي ورتل حصن جي چڪاس جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو آهي.

ب: ان رپورٽ ۾ ڪيترو وقت درڪار هوندو آهي، يا ڪيترن ڏينهن يا ڪلاڪن ۾ رپورٽ اچي سگهي ٿي؟

ت: انهن ليب جي انتظاميا جو ڇا ڍانچو آهي.

ث: رپورٽ ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ جا ڪهڙا ڪهڙا ۽ ڪٿي ڪٿي امڪان آهن.

ج: انهن loopholes کي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟

مطلب ته اهي سڀ اهي سوال هئا جن تي صبح کان ئي ڪم شروع ٿي وڃي ها. پر جڏهن رات دير سان لاش دفنائجي چڪو تڏهن انهن سوالن جنم ورتو پر پوءِ به انجي امڪاني حل يا ماهراڻي راءِ سامهون نه آئي ۽ پوءِ ڏٺو ته ڪيئن ته ان ڏينهن حيلا بهانا بنائي ڄاڻي واڻي جسم جا ورتل حصا ڪراچي نه اماڻيا ويا ۽ وارثن جي مطالبي تي ٽيسٽ لاءِ آغا خان ليپ جو آسرو ڏئي اڳئين ڏينهن سيڪريٽري صحت پاران ليٽر نه ڏيڻ جو جواز ڏئي آغا خان وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. اهو سڄو پراسيس ته 7-اپريل تي ئي ميڊيا جي ميدان تي اچي پئي سگهيو. جيڪڏهن ميڊيا وقتائتي رپورٽنگ ڪري ها ته ان ڏينهن ئي سيڪريٽري صحت تي دٻاءُ وجهي پئي سگهي يا اهو ته لاش دفنائڻ کان پهريان اهي سڀ مطالبا سرڪار کان مڃرائي پئي سگهيا. جڏهن بشير قريشي جي لاش دفنائڻ وقت لکين ڪارڪن جنهن جذباتي انداز ۾ جڙيل ۽ جذباتي هئا ان وقت هر ڳالهه مڃائي پئي سگهي.

منهنجي خيال ۾ جڪڏهن ان اشو ۾ نيشنل ميڊيا جو انٽريسٽ هجي ته صبح سان ئي صدر ۽ وزير اعظم ميڊيا تي onboard اچي وڃن ها پر هتي هڪ سيڪريٽري سطح جو نمائندو به ميڊيا تي نه آيو.

اسين جيڪي سنڌي ميڊيا جي شاندار ترقيءَ تي سرها ٿيندا رهيا آهيون پر هن معاملي کانپوءِ اندازو ٿيو ته ڪل خوشفهمي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. سنڌي ميڊيا اڃا اهڙي ٻار جيان بانبڙا پائي رهي آهي جيڪو اڃا آڱر پڪڙي هلڻ جي عمر تائين به ناهي پهتو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو