Home / ڪور افيئر / بشير قريشي جي تدفين سن بدران رتيديري ۾ ڇو ٿي
above article banner

بشير قريشي جي تدفين سن بدران رتيديري ۾ ڇو ٿي

جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير قريشي جي اوچتي لاڏاڻي کانپوءِ سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي. هر ماڻهو حوصلو هاري ويٺو. ليڪن سندس پراسرار موت ڪيترائي سنجيده سوال پٺتي ڇڏي ويو آهي. جيئن ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته بشير خان جو موت سڪرنڊ ويجهو واقع ٿيو هو ته ان جو پوسٽ مارٽم به ان ئي حد يعني سڪرنڊ يا نوابشاهه اسپتال ۾ ٿيڻ کپندو هو ۽ اتي ئي سندس پراسرار موت بابت حد جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي ها، ليڪن ايئن ڪرڻ بدران پوسٽ مارٽم چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي مان ڪرايو ويو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ جڏهن تدفين جو معاملو آيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻه رايا هئا، هڪڙن ماڻهن جو خيال هو ته بشير خان جي مڙهه کي ڪراچي ۾ دفن ڪيو وڃي جيئن ڪراچي اندر سنڌين جي گڏجڻ لاءِ ڪو مرڪز جڙي سگهجي، ٻي راءِ اها هئي ته سندس مڙهه کي قومپرست سياست جي سياسي ۽ قومي محور سن ۾ دفن ڪيو وڃي. باقي رتيديري لاءِ سواءِ سندس ڪٽنب ۽ پاڙيسرين جي عام راءِ نه هئي.

“افيئر” جي ذريعن چواڻي پوسٽ مارٽم کانپوءِ جڏهن جسقم جي قيادت، سندس ڀاءُ، پٽ ۽ ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي مٿا ٽيڪ ڪري ويٺا تڏهن سڀني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بشير خان جي مڙهه جو مائٽن ۽ شهر واسين کي آخري ديدار ڪرائڻ کانپوءِ ان کي قافلي جي صورت ۾ سن نيو ويندو ۽ تدفين اتي ئي ٿيندي. ايئن سڄي سنڌ ۾ سوڳوار ويٺل هزارين ماڻهن سن جو رخ ڪيو ۽ هزارين ماڻهو ان انتظار ۾ رهيا ته سن ويجهو آهي ان ڪري ڏينهن ٺاري پوءِ نڪرندا. پوءِ اوچتو ساڍا چار وڳي شام جو چئنلن تي بريڪنگ نيوز هلڻ شروع ٿي وئي ته سن جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ تدفين رتي ديري ۾ ئي ٿيندي. اهڙي صورتحال کانپوءِ سن ۾ پهتل هزارين ماڻهو رتي ديري هليا ويا ۽ ڪيترائي اتان حيدرآبا، ڪراچي ۽ ٻين شهرن لاءِ روانا ٿي ويا.

ياد رهي ته ان دوران سن جي سيدن بشير خان جي سائين جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان دفن ڪفن جو بندوبست مڪمل ڪري ورتو هو. مليل ڄاڻ مطابق سن جي سيدن هڪ لک ماڻهن جي مانيءَ جو بندوبست پڻ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته تدفين کان اڳ ٻه هزار رضاڪارن کي ماني پڻ کارائي وئي هئي، جيئن اهي تدفين وقت لکين ماڻهن جو انتظام سنڀالي سگهن. سيد ڪٽنب جي هڪ اهم فرد تدفين کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ “افيئر” کي ٻڌايو هو ته سائين وڏي جي پيرانديءَ کان بشير خان لاءِ 60×60 جي جاءِ رکي وئي آهي. واضح رهي ته رتيديري ۾ رهندي بشير خان قريشي ڪڏهن به مُلن مولوين کي ويجهو نه رهيو هو، هو سيد جي فڪر جو پانڌيئڙو ۽ صوفي منش هو پر سندس تدفين واري اِشو تي اوچتو مولوين جا جٿا قران مٿي تي کڻي بيهي رهيا ۽ جهوليون جهليائون ته بشير خان جو مڙهه هتان نه کڻو، زبردستيءَ ڪيو ته کڻڻ نه ڏينداسين. ان کانپوءِ جذباتي قومي ڪارڪنن ۽ ملان ٽائيپ ماڻهن ۾ جهيڙو ٿيندي ٿيندي ٽري ويو هو. تاريخ جي رڪارڊ جي درستگي ڪندا هلون ته مڙهه کي سن کڻائي هلڻ جي سلسلي ۾ سيد ڪٽنب جو هڪ اهم فرد ڪٽنب ڀاتين وٽ منٿ ڪرڻ به ويو هو، پر ان کي گهر ڀاتين ۽ پاڙي جي ماڻهن قرآن لاهي وڌا هئا ته هتان مڙهه نه کنيو وڃي.

رتيديري ۾ بشير خان جي وڇايل تڏي جي آسپاس ڪارڪنن ۾ اهي ڳالهيون پڻ ٻڌڻ ۾ آيون ته ڪن لڪل قوتن دٻاءُ وجهي سنڌ جي قومي مرڪز “سن” جي طاقت کي ورهائڻ لاءِ تدفين جو هتي فيصلو ڪرايو ۽ اهو فيصلو دٻاءُ هيٺ ڪيو ويو. اڻ تصديق ٿيل ذريعا اهو پڻ ٻڌائين ٿا ته بشير قريشي جو ڀاءٌ مقصود قريشي، پٽ ثنان، گهر واري، نياڻيون توڙي پارٽي سن ۾ تدفين لاءِ راضي هئا ليڪن سندس ٻڍڙي اَمڙ پٽ جو مڙهه گهر جي ويجهو دفن ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ان ڪري کيس رتي ديري ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ياد رهي ته جسقم چيئرمين بشير قريشي جو مڙهه ڪافي دير تائين سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند امير حيدر شاهه لاءِ پڻ رکيو ويو، ايئن امير حيدر شاهه، ضيا شاهه مڙهه جو آخري ديدار ڪندڙن ۾ شامل هئا. ايئن پوءِ لکين اشڪبار اکين سان جسقم چيئرمين بشير قريشي کي رتي ديري ۾ جاءِ ڏني وئي.

جيتوڻيڪ هاڻي بشير قريشي مڻين مٽيءَ هيٺان رتيديري ۾ مدفون ٿي چڪو آهي. پر هن صوفي منش ليڊر جا اچانڪ جيڪي ملان اچي وارث بڻيا هئا، اهي ڪير ۽ ڪهڙي بلا هئا؟ اهو سوال تاريخ جي ڪُک ۾ هُرندو رهندو!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو