Home / ڪور افيئر / بيلَٽ کان بُليٽ جي سياست تائين
above article banner

بيلَٽ کان بُليٽ جي سياست تائين

پيپلز پارٽي جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ئي لياري بدترين گينگ وار جو شڪار بڻجي چڪي هئي ۽ اتي ٻه سرگرم ڏوهاري ٽولا هڪ رحمان ڊڪيت ۽ ٻيو ارشد پيو جي اڳواڻيءَ۾ هڪٻئي سان جهيڙي ۾ مصروف هئا.متحده قومي موومينٽ جي سپورٽ ارشد پپوءَ کي هئي. متحده جي خواهش هئي ته ارشد پپوءَ جي ڏوهاري ٽولي جي مدد سان لياري جيڪو روايتي طور پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي

تي قبضو ڪجيجيئن سموري شهر ۾ کيس سامهون اچڻ وارو ڪير به نه رهي.جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي حمايت رحمان کي هئي. پيپلز پارٽي حڪومت اچڻ کانپوءِ پوليس ارشد پپو ۽ ان جي حمايتي غفار ذڪري خلاف رحمان گروپ جي ويڙهاڪن سان گڏ ڪارروائي ڪري کيس لياري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ سڄي لياري حڪومت جي مدد سان رحمان گروپ يا ان جي ٺاهيل پيپلز امن ڪميٽي جي قبضي هيٺ اچي وئي. پيپلز امن ڪميٽيءَ سان بعد ۾ ظفر بلوچ ۽ حبيب جان جهڙا سياسي ڪارڪن به شامل ٿي ويا ته وصي الله لاکو جهڙا ماڻهو به هوا جو رخ ڏسي شامل ٿي ويا.

ياد رهي ته وصي الله لاکو 2008ع جي اليڪشن ۾ متحده قومي موومينٽ پاران لياري مان قومي اسيمبلي جو ا ميدوار هئو.

رحمان بلوچ جي وڌندڙ اثر ۽ ان طرفان لياري جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ ٻين جائز ناجائز فرمائشن کان تنگ ٿي. پيپلز پارٽي جي مٿين قيادت کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايئن رحمان ملڪ چوڌري اسلم هٿان پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. جنهن کانپوءِ امن ڪميٽيءَ جي اڳواڻي عزير جان بلوچ سنڀالي. متحده جي فرمائش تي امن ڪميٽيءَ تي پابندي ته لڳائي وئي پر پيپلز پارٽيءَ پاران سندس مٿان شفقت جو هٿ برقرار کيو ويو.

پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير ذوالفقار مرزا ته امن ڪميٽيءَ جو پنهنجي پراسرار گمشدگيءَ کان اڳ تائين علي الاعلان حامي رهيو. موجوده آپريشن جي حوالي سان ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده جي دٻاءُ سان گڏوگڏ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت سمجهي ورتو ته امن ڪميٽيءَ جي موجودگيءَ ۾ هو آساني سان لياري ۾ پنهنجي مرضي سان نه نمائندا بيهاري سگهن ٿا ۽ نه وري لياري جي عوام لاءِ ڪو به ڪم ڪري سگهڻ کانسواءِ ووٽ وٺي سگهن ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت لياري جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بلاول زرداري ۽ صوبائي سيٽ تي صدر آصف زرداري جي انتهائي ويجهي عزيز کي اليڪشن ۾ بيهارڻ چاهيو ٿي. جڏهن ته امن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن جو بلاول زرداريءَ تي اعتراض نه هئو پر صوبائي اسيمبلي تي هو ڪنهن لياري جي رهائشي کي اليڪشن ۾ بيهارڻ جا حامي هئا. لياري ۾هڪ جلسي دوران امدادي سامان ورهائيندي امن ڪميٽي جي اڳواڻ عزير جان بلوچ جي روبرو جڏهن مذڪوره شخص لياري جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان بيهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته سندس ۽ عزير وچ ۾ ان معاملي تي سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي هئي. جنهن کانپوءِ بغير ڪو سرڪاري عهدو رکڻ جي عملي طور تي سنڌ جي وزير اعليٰ، وزير داخله، روينيو جي وزير جا اختيار رکندڙ آصف زرداري جو ويجهو عزيز صدر کي لياري ۾ آپريشن ڪري امن ڪميٽيءَ کي ختم نه ڪرڻ جي صورت ۾ لياري مان پيپلز پارٽي جي هميشھ لاءِ ختم ٿيڻ جو ٻڌايو. جڏهن ته ان ٿي باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته مذڪوره شخص جيڪو اردو ڳالهائيندڙ آهي ۽ سندس متحده سان به گهرا لاڳاپا آهن. متحده سان پنهنجي لاڳاپن کي استعمال ڪندي لياريءَ ۾ امن ڪميٽيءَ خلاف آپريشن ڪرڻ جو زور وجهرايو. صدر زرداريءَ کي مذڪوره شخص ۽ ڪجهه پوليس آفيسرن ٻڌايو ته ٻن کان ٽن ڏينهن اندر لياري امن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن کي آپريشن ڪري گرفتار ڪيو ويندو يا ماريو ويندو. جنهن کانپوءِ چوڌري اسلم کي لياري مان امن ڪميٽيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي بلاول هائوس جي گارڊ اڪرم بلوچ سان گينگ وار ۽ متحده جي حمايتي ڏوهاري گينگ ارشد پپو وارن کي لياري جو قبضو وٺي ڏيڻ جي ڳالهه ٻولهه طئي ٿي. جنهن کانپوءِ جمعي ڏينهن آپريشن ۾ حڪومت جا مخالف بنيل ڏوهاري ته ختم نه ٿي سگهيا ۽ نه وري چوڌري اسلم ۽ پنهنجي حامي ڏوهارين سان لياري جو قبضو سنڀاليو. پر لياري ۾ رهندڙ 16 لک ماڻهو هڪ وڏي مصيبت جو ضرور شڪار ٿيا. متحده جي فرمائش تي لياري ۾ ڏوهارين جي آڙ ۾ عام ماڻهن خلاف ٻاريل رڻ کان وٺي، پيپلز پارٽيءَ طرفان پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪيل هر منفي عمل جو حساب ڪتاب به پيپلز پارٽيءَ جا ووٽر خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو وٺندا. پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، ڪارڪنن ۽ ان جي حمايتين کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار ڀٽي پاران چار ڏهاڪا اڳ ۾ جوڙيل پيپلز پارٽي تي اڄ اهڙا ڏينهن ڇو آيا آهن جو ڪڏهن سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ خلاف سڄي سنڌ ۾ مڪمل هڙتال ڪري، پارٽيءَ جي اڳواڻن جي درن تي توا ٿا ٽنگين ته ڪڏهن ‘بجا تير بجا’ جي نعرن تي نچي اگهاڙي بدن ۽ بکئي پيٽ وارا بلوچ جن جو  رت پيپلز پارٽيءَ جي بنيادن ۾ پيل آهي، اڄ لياري ۾ پيپلز پارٽيءَ جا جهنڊا ساڙي رهيا آهن ۽ اڳواڻن جي تصويرن جي تذليل ڪري رهيا آهن؟؟

لياري آپريشن جو پسمنظر!

پيپلز پارٽي سرڪار طرفان پنهنجي اتحادي پارٽي جي فرمائش تي شروع ڪيل لياري آپريشن هفتي کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود جاري آهي. چند ڏوهاري عنصرن کي ختم ڪرڻ جي بهاني هيٺ شروع ڪيل آپريشن ۾ لياريءَ ۾ رهيل قديم سنڌي ۽ بلوچ جيڪي ڏهاڪن کان وڌيڪ پيپلز پارٽي لاءِ ووٽ کان وٺي خون نڇاور ڪندا رهيا آهن، رسول بخش بروهيءَ سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي قتلن ۾ مبينه طور ملوث چوڌري اسلم جي پرائيوٽ فورس، متحده جي حمايت يافته ارشد پپو گينگ جي ڏوهارين جي گهيري ۾ آهن. هفتي کان وڌيڪ عرصو لياري جو 16 لک عوام کاڌ خوراڪ، پاڻي بجلي، گيس ۽ فون جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. معصوم ٻارڙا کاڌ خوراڪ ۽ کير کان، بيمار دوائن کان ۽ عام ماڻهو لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ ماني پاڻي ۽ بجلي کانسواءِ گولين جي برسات ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. لياري جي تازي آپريشن ۾ پوليس طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 22 ماڻهو مارجي چڪا آهن جن مان 3 جو تعلق لياري گينگ جي دهشتگرد ٽولي سان آهي ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي جن مان ڪو به ويڙهاڪ ناهي. ياد رهي ته مارجي ويل 19 عام ماڻهن ۾ 3 سالن جي هڪ معصوم ٻار زاهد بلوچ کانسواءِ 22 سالن جي هڪ اسڪول ٽيچر به آهي جيڪا پوليس جي گوليءَ جو نشانو بنجي وئي. آپريشن جي ڇهين ڏينهن لياريءَ جي ‘چيل چوڪ’ وٽ آپريشن خلاف نڪتل پرامن جلوس تي چوڌري اسلم جي حڪم تي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ مظاهرين جي مٿان چين واري بڪتر بند گاڏي چاڙهي وئي جنهن ۾ ڊاڪيارڊ جو ملازم سليم بلوچ بڪتر بند گاڏيءَ هيٺان چيڀاٽجي ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. پوليس بعد ۾ دعويٰ ڪئي ته سليم بلوچ دهشتگرد هئو جنهن راڪيٽ لانچر ذريعي بڪتر بند گاڏيءَ تي حملو ڪرڻ پئي چاهيو پوليس جي هن دعويٰ جي آزاد ذريعا تصديق نٿا ڪن ۽ نه وري پوليس ان ڄاڻايل دهشتگرد وٽان هٿ آيل راڪيٽ لانچر ميڊيا سامهون آندو. لياري آپريشن جا لڱ ڪانڊاريندڙ منظر ميڊيا تي ڏسي سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻهن کان اسرائيل پاران فلسطينن تي ظلمن جا منظر وساري ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

ڪنهن دور ۾ راندين ۽ سياسي تحريڪن جي مرڪز لياري هميشھ آمرن جي ظلم هيٺ رهي آهي. پر پيپلز پارٽي جي هن دور ۾ هي پهريون موقعو آهي جو لياري وڏي پيماني تي عتاب هيٺ آهي. لياري آپريشن جي حوالي سان ڄاڻو ذريعن “افيئر” کي ٻڌايو ته لياري آپريشن صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي شروع ڪيو ويو آهي. لياري ۾ آپريشن جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ جي اتحادي جماعت متحده قومي موومنيٽ جو سڀ کان وڌيڪ زور هئو. سنڌ اسيمبلي ۾ ڀتا خوريءَ خلاف احتجاج ڪندي اسيمبليءَ ۾ مائڪون ٽوڙڻ سان گڏوگڏ اسيمبلي ميمبرن کي ڌڪا ڏنا ويا، بدتميزي ڪئي وئي ۽ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۾ متحده پاران ڪراچي ۾ واپارين کان ڀتو وٺڻ خلاف احتجاج دراصل لياري ۾ وجود رکندڙ پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف فيصلا ڪن ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وجهڻ هئو. انهن ئي ڄاڻو ذريعن جو چوڻ هئو ته “متحده جي قيادت دراصل امن ڪميٽي پاران ڪراچيءَ جي انڊسٽريل ايرياز کان وٺي، بولٽن مارڪيٽ، ڪراچي هول سيل مارڪيٽ، تائين ڀتي وٺڻ تي سخت ناراض ۽ پريشان هئي. جڏهن ته امن ڪميٽي وارن ته ذڪرڪيل علائقن کانسواءِ ڪراچيءَ جي پيپر مارڪيٽ کان وٺي اردو بازار جي دڪاندارن ۽ هول سيلرن کان ڀتي وٺڻ لاءِ چٺيون موڪلڻ شروع ڪري ڏنيون هيون. ذڪر ڪيل سمورن علائقن تي گذريل 30 سالن کان صرف هڪ لساني ڌر جو راڄ هئو ۽ اهي ئي انهن علائقن مان واپارين، ڪارخانيدارن ۽ هول سيلرن کان ڀتو اوڳاڙيندڙ سڀ کان وڏي ڌر هئي. ۽ ان وڏي ڌر لاءِ اها ڳالهه ناقابل برداشت هئي ته سندس علائقي مان ٻيو ڪير ڀتو اوڳاڙي.

ڪراچي جي وڏن واپارين، هول سيلرن کان وٺي ننڍن دڪاندارن ۽ پٿارو لڳائيندڙ، ريڙهو هلائيندڙ ۽ وڏي ڪارخانيدار تائين ۽ مختلف پارٽين جي زير اثر علائقن ۾ رهندڙ عام ماڻهن کان چار ڌريون ڀتو اوڳاڙينديون آهن. سڀ کان  وڏو ڀتو متحده پاران، ان کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽيءَ پاران، ٽئين نمبر تي پيپلز امن ڪميٽيءَ پاران ۽ مذهبي تنظيم سني تحريڪ پاران ڀتو ورتو ويندو آهي. هي هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چڱي ريت واقف آهي.

Imdad.soomro6@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو