Home / ڪور افيئر / جسقم اڳواڻ آصف بالادي چوي ٿو بشير قريشي کي ڪراچي کي قومپرست سياست جو مرڪز ٺاهڻ جي سزاڏني وئي
above article banner

جسقم اڳواڻ آصف بالادي چوي ٿو بشير قريشي کي ڪراچي کي قومپرست سياست جو مرڪز ٺاهڻ جي سزاڏني وئي

 

جسقم جي سربراهه بشير قريشي جو 7 اپريل تي ٿيل سڪرنڊ ويجهو پراسرار موت اڃا تائين هڪ ڳجهه بڻيل آهي، ان حوالي سان مختلف ٿيوريز سامهون اچي رهيون آهن. ان حوالي سان صورتحال کي سمهجڻ ۽ حقيقتن کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ “افيئر” طرفان جسقم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل آصف بالادي سان هڪ خصوصي ڪچهري ڪئي وئي، جنهن جو تت هيٺ ڏجي ٿو.

 

آصف بالادي “افيئر” طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته بشير قريشي جو وڇوڙو سنڌ لاءِ عظيم سانحو آهي، سندس وڇوڙي سان تمام وڏو خال پئدا ٿيو آهي. ان سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو آهي. نه رڳو سياست پر نفسياتي طور به ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ماڻهو عدم تحفظ ۽ ڏک ۾ وٺجي ويو آهي. بشير قريشي پهريون قومي اڳواڻ هو جنهن قومي تحريڪ کي عوامي شڪل ڏني. هن سائين جي ايم سيد جي نظرئي ۽ عدم تشدد واري پاليسي کي رهنما بڻايو. آءُ اهو واضح طور تي چوان ٿو ته سنڌ جي مجموعي قومپرست قيادتن جا عالمي توڙي علائقائي سطح تي پانچا پُسيل آهن پر هي واحد قومپرست اڳواڻ هو جنهن ڪڏهن سنڌ کان ٻاهر پرڏيهه سفر نه ڪيو ۽ هو واضح طور چوندو هو ته آءُ ڪنهن جو به ايجنٽ نه آهيان، سنڌ ۽ سيد جو ايجنٽ ضرور آهيان. بشير خان قريشي جي ايم سيد جو تسلسل هو. پيغام سنڌ واري فڪر جو راهي هو، ان ڪارڻ ئي هو سنڌي هندن کي گهڻو ڀائيندو هو. هن پنهنجي آخري تقرير ۾تڏهن ئي ته اهو شعر پڙهيو هو ته:

ڪو آ ڀڳوان جي پاسي

ڪو آ رحمٰن جي پاسي

منهنجو سجدو انهي کي آ

جيڪو آ انسان جي پاسي

آءُ شهيد سنڌ ۽ محبوب اڳواڻ بشير خان قريشي جي شهادت ۾ مکيه طور ٽن سببن کي ان جو ڪارڻ سمجهان ٿو.

1. پنجاب ۽ ان سان حصيدار ڌرين جو مقصد آهي ته سنڌ کي مڪمل طور غلامي ۾ آڻي سنڌ کي ڦٻائجي.

2. لساني بنيادن تي سياست ڪندڙ پناهگير ذهنيت، جن سڄي دنيا ۾ لڏپلاڻ ڪئي آهي، انهن ملڪن جا نالا مٽايا آهن. ان ٽولي طرفان سنڌ ۾ اسرائيل طرز جي سياست ڪئي پئي وڃي. ان ۾ هاگن آرمي به نظر ايندي جنهن جي اڳواڻي موئيدان ڪئي هئي. بن گورين به نظر ايندو جيڪو اسرائيل جو آرڪيٽيڪٽ هو.

3. ٽين قوت سنڌ جي بي ضمير، بزدل ۽ تاريخي طور تي غدار، انگريز سامراج جا پٺو رهندڙ ۽ پنجاب جي جنرلن جي آشيرواد سان ٺهيل پ پ ۽ غدار وڏيرن جي قطار آهي، جيڪا گهڻو ڪري سنڌ وڪڻي چڪي آهي. اهي سڀ اسٽيڪ هولڊر آهن. اسانجي محبوب اڳواڻ کي شهيد ڪرڻ پٺيان حڪمران، رياست ۽ اتحادي ڌريون شامل آهن.

مستقبل جي سياسي حڪمت عملي ۽ جهدوجهد جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن وراڻيو ته: ڏک ۽ مايوسيءَ ۾ تمام گهڻو فرق آهي، هر سڄڻ کي سمجهڻ کپي. لطيف سرڪار ڏک لاءِ (ورهه) گهاوَ ۽ ٻيا ڪافي لفظ استعمال ڪيا آهن. ڏک گهرو آهي پر اسان مايوس ناهيون ۽ نه وري سنڌ جي حلالي فرزندن کي مايوس ٿيڻ گهرجي. اسانجي شهيد چيئرمين چيو هو ته “زندهه بشير قريشي کان شهيد بشير قريشي سنڌ دشمن قوتن کي ڳرو پوندو”. اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته جسقم سنڌ جي قومي جهدوجهد جو هر اول رستو آهي اسان وٽ بشير قريشي جي سياسي امانت آهي جنهن ۾ خيانت جو تصور به نٿا ڪري سگهون. اسان جي شهيد اڳواڻ جو سائين جي ايم سيد تي گهڻو ايمان ۽ عقيدت هئي. هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد چيو هو ته: “دنيا ۾ صوفين جا مختلف قسم آهن ۽ آءُ صوفي آهيان جنهن فنا في السنڌ وسيلي پنهنجي تڪميل ماڻي آهي. مون هڪ ڀيري خاڪي جوئي کي چيو هو ته سنڌ م ليڊر اهو ٿيندو جيڪو فنا في الرهبر ٿيندو. ايئن بشير قريشي شهيد پاڻ کي ان شاندار قطار ۾ ڳڻايو ۽ هاڻي هو راجا ڏاهر واري قطار ۾ شامل ٿي ويو آهي. اسان سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ ۽ شهيد اڳواڻ جي عوامي واٽ وٺي ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت ۾ اڳتي وڌنداسين. اسان جو عزم ۽ حوصلو برقرار آهي. اسان جسقم کي نه رڳو قومي پارٽي طور متحد رکنداسين بلڪه چاليهي کانپوءِ جهر جهنگ سنڌي عوام وٽ فرياد کڻي وينداسين ته بشير قريشي کي سنڌ لاءِ وڙهندي شهيد ڪيو ويو، انهن کي شموليت جي دعوت ڏينداسين. سنڌي عوام ۽قومي ڪارڪنن تي واضح هجي ته دشمن جي وڏي سازش کانپوءِ به جسقم متحد آهي ۽ شهيد جي پارٽي ۾ اعتماد ۽ احترام جو رشتو موجود آهي. هن وقت اسان لاءِ قيادت جو سوال ضرور آهي پر اسان وٽ هر ٻن سالن ۾ چونڊون ٿينديون آهن جسقم هڪ جمهوري جماعت آهي. اعليٰ ترين اداري نيشنل ڪانگريس ذريعي جمهوري طريقي سان مستقبل جي ليڊرشپ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان جمهوري فيصلي جو احترام ڪيو ويندو. روحاني ۽ نفسياتي طور رهبر سائين جي ايم سيد ۽ روحاني ليڊر ۽ رول ماڊل بشير قريشي آهي.

“افيئر” طرفان پڇيل هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته: جسقم کي احساس آهي ته شهيد چيئرمين بشير قريشي کي ڪراچي کي قومپرست سياست جو مرڪز ۽ محور ٺاهڻ جي سزا ڏني وئي، ڇو ته هن ڪراچي ۾ ويهي پري تائين ڏٺو پئي ۽ سندس هتي ويهڻ جي ڪري نفسياتي طور سنڌين ۾ قومي مالڪي جو احساس پئدا ٿيو هو. مونکي يقين آهي ته اسانجي پارٽي ۽ ڄامائي دوست ان روايت کي برقرار رکندا ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ايئن ڪراچي جي ماڻهن کي يقين ٿي ويندو ته جسقم جو نه رڳو ڪراچي ۾ سياسي مرڪز قائم رهندو بلڪه اهو اڳي کان وڌيڪ بهتر ۽ منظم ڪيو ويندو.

بشير قريشي جي فطري يا غير فطري موت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف بالادي جو چوڻ هو ته: ان حوالي سان هاڻي واضح ٿي چڪو آهي ته بشيرخان جو موت غير فطري آهي. اهو هاءِ پروفائل سياسي قتل آهي، کيس پارٽي باضابطه طور شهيد سنڌ جو لقب ڏنو آهي. مجموعي طرح قومپرست ڌرين ان کي شهيد سنڌ طور اسانجي موقف جي تائيد ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ کيس راهه تان هٽائڻ لاءِ ظالم قوتن ڪو جديد طريقو اختيار ڪيو. ممڪن آهي ته کيس اَن ڪنوينشنل زهر ڏئي راهه تان هٽايو ويو هجي. پارٽي بشير قريشي جي 23 مارچ کان وٺي 7 اپريل تائين شيڊول ۽ ڊائري تحقيقات جي دائري ۾ آڻي ڇڏي آهي. اسانجي اڳواڻ سان 25 مارچ کان وٺي ڪير ڪير مليو، ڇا ڇا استعمال ڪيائين، ڪنهن ڪنهن وٽ مهمان ٿيو. اهي سڀ شيون اسانجي نظر ۾ آهن، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي پئي وڃي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو