Home / افيئر / حسن درس جي ياد ۾ هڪ يادگار شام ڪينجهر ڪناري روميءَ جو رقص
above article banner

حسن درس جي ياد ۾ هڪ يادگار شام ڪينجهر ڪناري روميءَ جو رقص

حسن درس جنهن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جي پاڇي وانگر هئي ۽ سنڌ جي ڪچي، ڪاڇي، لاڙ، ٿر، اتر ۽ ڪوهستان جا ماڻهو به ساڻس اهڙي ئي اُنسيت رکندا هئا، جو حسن هر ماڻهو کي پنهنجو سنگتي ۽ هر ماڻهو کيس پنهنجو دوست سمجهندو هو. سنڌ جي سڳنڌ ڀري مٽيءَ جي هر پاسي پرينءَ جو عڪس پسڻ سبب حسن پنهنجي زندگيءَ ۾ نهايت دلربائي انداز ۾ هي شعر پڙهي ٻڌائيندو هو:            
“ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،
جيڪو جر تي جاڳي ٿو.
ٿڌ وسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو.
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين مان کيپ ڀري ٿو.
ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو.
مونکي هڪڙوخيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو!
25 مارچ جي ميرانجهڙي شام جو حسن جا چاهيندڙ ۽ پرين پيارا دوست ڪينجهر ڪناري اريگيشن کاتي جي ان بنگلي جي لان تي موجود هئا، جتي جڏهن به حسن ايندو هو ته اُتي جي چوڪيدار چاچي ڪانڊيري سان حُب ۽ پاٻوهه وچان ضرور ملندو هو. حسن درس ۽ A Case of Exploding mangoes جي ليکڪ محمد حنيف جي نالي ٿيل هن شام ۾ سڀ فقيري رنگ موجود هئا. مشهور سُرندي نواز کان ويندي وچن سنڌيءَ تائين سرو کيرڻ لاءِ فقيري انداز رکندڙ فقير منش ماڻهو موجود هئا. هن فقيري رنگ واري محفل ۾ يو اين ڊي پي جو نڪارا گوا کان پاڪستان آيل سربراهه جيرونيمو روبيلو، يو اين ڊي پي جيف پاڪستان جو ڪوآرڊينيٽر مسعود لوهار، مٺڻ ڪوٽ کان ڪهي آيل بابا فريد جي درگاهه جو گادي نشين خواجه ڪليم الله ڪوريجو به شريڪ هئا.
ياد ٿو پوي  ته هڪ ڀيري جڏهن اسان ڪافي سارا دوست روهي ميلي تي خواجه ڪليم الله ڪوريجو جي دعوت تي روهي ميلي۾ شريڪ ٿيا هئاسين تڏهن رات جو دير سان واپس ٿيڻ تي حسن اسان کي جهليو هيو ته صبح جو وڃجو، رات جي وڳڙي ۾ وڃڻ ٺيڪ نه آهي. ليڪن گهڻن دوستن جي راءِ واپسي جي حق ۾ هئي. ايئن پوءِ روهيءَ کان ٿوري ئي پنڌ تي پنهنجي ڪوچ کي باهه لڳي وئي هئي ۽ پوءِ وري واپس روهي ٿياهئاسين تڏهن ڪافي دوستن کي اهو احساس ٿيو پئي ته فقير حسن جي ڳالهه آخر مڃڻي ئي پئي ۽ اسان سڀني کي صبح جو ئي موٽڻو پيو.
چوڻ جو مقصد اهو ته حسن بهترين شاعر سان گڏ درگاهه مشائخ جو فقير به ته هو، سندس طبيعت ۾ نماڻائي هڪ وڏو گڻ هو. تنهن ڏينهن هن فقيري رنگ رکندڙ دلربا دوست جي ياد ۾ ٿيل محفل ۾ محمد حسن سرندي واري گيڙو ڪپڙا پهريل فقيرن سان گڏ جڏهن سُر وکيريا ته محفل جو رنگ ئي اور ٿي ويو. حسن جي نانءُ ٿيل هن شام ۾ مسعود لوهار ڳالهائيندي چيو ته حسن جي نالي رچايل هي محفل ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ رڳو انتهاپسند نٿا رهن، هن ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو به رهن ٿا جن کي موسيقي، فن، ۽ شاعري محبوب جهڙي پياري لڳي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته محمد حنيف، حسن درس ۽ اسان جو اهڙو گڏيل دوست آهي جنهن مان حسن جي خوشبو ايندي آهي. محمّدحنيف حسن درس کي ياد ڪندي سندس ياد ۾ حسن مجتبيٰ جا چيل نظم پڙهي ٻڌايا. بابا فريد جي گادي نشين ڪليم الله ڪوريجو چيو ته جيتوڻيڪ حسن درس اسان وٽ جسماني طرح موجود ته ناهي پر سامهون لڳل تصوير ۾ سندس اکيون ٻڌائن ٿيون ته هو اسان ۾ موجود آهي.
ان کانپوءِ نڪارا گوا سان لاڳاپيل سماج سڌارڪ جيرونيمو روبيلو چيو ته نڪارا گوا جي انقلابي تحريڪ دوران جڏهن منهنجا ميوزيڪل گروپ جا دوست ماريا ويا انهن جي وڇوڙي کانپوءِ احساس ٿيو ته انقلابي تحريڪن ۾ گيتن جي ڪيتري اهميت هجي ٿي. هن اهو پڻ چيو ته سنڌ موسيقي جي ڌرتي آهي ۽ مونکي سنڌ مان پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشبو اچي ٿي.
هن محفل ۾ جڏهن وچن سنڌي حسن جو مشهور شعر:
قونيا ۾ ڪيف وارو، روميءَ جو رقص آهي
هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي!
ڳايو ته محفل تي ڄڻ ته وجدان طاري ٿي ويو، ۽ هر ماڻهو ان رقص جو حصو هو ۽ اهو واقعي وجداني رقص لڳي رهيو هو.
هن فڪري محفل ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن، صحافين، ليکڪن ۽ سماج سڌارڪن ارباب احسان، اسحاق مڱريو،  فقير داد کوسو، همسفر گاڏهي، اقبال ملاح، ذلف پيرزادو، حميد سبزوئي، امير منڌرو، عباس کوسو، جان خاصخيلي، اسد درس، شوڪت ميمڻ ۽ ٻين ڪافي سارن ساڃاهه وند دوستن شرڪت ڪئي. هن محفل جي آجيان غلام حسين خواجه طرفان ڪئي وئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو