Home / افيئر / رنڪل ڪماري جو ديوتا ڏانهن خط
above article banner

رنڪل ڪماري جو ديوتا ڏانهن خط

 

اي ديوتا!

مون کي نه ٿو سمجهي ۾ اچي ته توکي مان ”پيارا ديوتا“ سڏيان يا وري هن سموري ڪائنات جو ديوتا چوان پر بهرحال مان توکي ديوتا ڪري سڏڻ چاهيندس. اميد ته تون صرف ”ديوتا“ سڏجڻ تي ناراض نه ٿيندين.

مان هي خط توکي رنڪل ڪماري جي حيثيت سان نه بلڪل فقط رنڪل، هڪ سادي سنڌوءَ جي نينگري سمجهي ٿي لکان.

منهنجي خط لکڻ جو مقصد صرف ڪجهه ڄاڻڻ آهي جنهن کي سمجهڻ ۾ هي انسانيت ناڪام ٿي نظر اچي.

اي ديوتا! مان جنهن متعلق توکان پڇڻ گهران ٿي ان جو احوال بيان ڪرڻ کان پهرين توکي اهو ضرور ٻڌائيندي هلان ته اهو سڄو معاملو سنڌ جي سڀيتا سان جڙيل آهي جنهن جو هن وقت مان پاڻ خاص حصو بڻيل آهيان، تنهن ڪري تون تاريخ جي طويل سفر کي مدنظر رکي فيصلو ٻڌائجانءِ. جيئن ته تو کي خبر آهي ته منهنجو هن سنڌو ڌرتي سان رشتو صدين کان هلندو پيو اچي. سنڌو ماتا اها سر زمين آهي جتي سنڌو سڀيتا جو اثر مذهب کان بالاتر رهيو آهي پر گذريل اڌ صدي کان هن سرزمين کي مذهب ۽ پير پرستي جي ور چاڙهي هن کي پنهنجي قديم فلسفي کان پري ڪيو پيو وڃي، جنهن جي هينئر مون کان پنهنجي وجود جي بلي پئي گهري وڃي ۽ تون ڄاڻين ٿو اها بلي ڪا نئين ناهي هن جي قيمت اڌ صدي کان هر رنڪل ۽ ان جو پريوار ادا ڪندو پيو اچي.

تون پنهنجي دنيا جي ستمظرفي ڏس جيڪو اسان کي بلي جو نمونو ٿو بڻائي اهي اسان جي زمين تي ڪجهه صدين کان قابض آهن پر اسان ته انهن کان ڪڏهن به انهن جي وجود جي بلي ته نه گهري آهي. انهن اسان جي گهرن، ڌرتي ۽ سنڌو دريا جي امرت تي قبضو ڪري هر شيءِ کسي ڇڏي، پر ان جي باوجود به اسين تنهنجي ڪائنات ۽ سنڌو سان جڙيل قديم فلسفي جي پيروي ڪندا پيا اچون. ڪڏهن به انهن جي وجود کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پهچائڻ جو تصور نه ڪيو آهي.

پوءِ انهن اسان کي ڇا سمجهي عذاب ڏيڻ جو سلسلو جوڙيو آهي؟ ڇا هن ڀيانڪ ڪڙي جو ڪو انت آهي؟

اي ديوتا!

اسان جي وجود جو سوال تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ منهنجن ڪيترن پيارن کي سنڌو ماتا کان ڌار ڪيو ويو پر جيڪي هتي بهادريءَ سان رهيا، جيڪي پنهنجي ڌرتي جا سپوت هجڻ خاطر هتي رهيا تن کي سزا طور تي هن ملڪ جي نظام سندن لاءِ لفظ ”اقليت“ جو استعمال ڪري اسان جي پيشانين تي اهڙي ڇاپ هنئي آهي جنهن اسان کي پنهنجي ئي سر زمين تي اجنبي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڇاپ کي مٽائڻ خاطر پنهنجي جان ۽ مال جون قربانيون پيا ڏيندا رهون.

مان نه ٿي مڃان اهڙي نظام جي جوڙ جڪ کي جيڪو پنهنجي ڌرتي سان صدين جي رشتي کي اڻڄاڻ بڻائي ڇڏي. اڄ مذهب جا رکوالا منهنجي وجود تي هڪ ٻئي ڇاپ هڻي ، منهنجي سڃاڻپ کي پنهنجي ئي مذهب جو هڪ نئون نانءُ ڏنو آهي.

جنهن سبب اڄ هي رکوالا مونکي فريال ڪري پيا ڪوٺين، پر منهنجي ڪائنات ته پهرين ڏينهن کان وٺي رنڪل جي وجود سان جڙيل آهي مان اڄ به اها ئي رنڪل آهيان، جيڪا مندرن جي کنڀن جي چوگرد ڊوڙندي وڏي ٿي آهي منهنجي آتما هينئر به مندرن جي چوکٽ تي موجود آهي. اي ديوتا! منهنجي آتما ان مڙهيل نئين روپ کي ڪيئن قبول ڪري جيڪو ڪاري رات جي گهگهه اوندهه ۾ منهنجي گهر ۾ گهڙي مون کي پاڻ سان کنڀي کڻي ويو.

۽ ان بيرحم روپ مذهب جي اخلاقن جو قتل ڪري مونکي بندوق جي زور تي مذهب قبول ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. تون پاڻ به ته ان وقت بندوق کي ڏٺو هوندو جن جا رخ منهنجن پيارن ڏانهن وڌي رهيا هئا. جيڪڏهن ان بندوق جو رخ صرف منهنجي طرف هجي ها ته مان هن پوري انسانيت جو قسم کڻي چوان مان هر گز هن ڏاڍ تي خاموش رهان ها پر جيئن ته مون پنهنجي گيتا ۾ پڙهيو آهي ته جيوت جو خيال ۽ احترام جيوت جي ئي ذميواري آهي ۽ اهو ئي سنڌو ماٿري جو فلسفو آهي پوءِ اي ديوتا! هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته مون لاءِ ڪيئن ممڪن هو ته مان هڪ جيوت جو قتل ڪري پوءِ ڪهڙي جيوت جي رکوالي ڪيان ها؟ تنهن ڪري مان زندگي خاطر هن مڙهيل روپ تي خاموشي اختيار ڪري هر الزام پنهنجي سر تي کنيو آهي. مون کي اها بيرحم رات نه وسرندي جنهن پل مون تي حملو ڪري کنڀي کنيو ويو ان پهر منهنجي تصور ۾ ”سيتا ديوي“ جو منظر ڦري آيو جڏهن راوڻ هن کي اغوا ڪري پنهنجي لنڪا ۾ قيد ڪيو هو پر سيتا ديوي مون کان ان لحاظ کان خوشقسمت هئي جو هن وٽ ايترو بيرحم راوڻ نه هو. سيتا ديوي جي قسمت مون جهڙي نه هئي ۽ نه ئي هن جي حصي ۾ مون جهڙا عذاب آيا جيئن مان هينئر ڀوڳي رهي آهيان. منهنجي عذابن ۽ ظلم جي ڪهاڻي گهڻي تڪليف ده ثابت ٿي آهي ۽ مون کي اندازو ٿي رهيو آهي ته تون به هن سچائي کان انڪاري نه هوندين.

اي ديوتا!

تون ڏس پنهنجي دنيا جي رکوالن کي جيڪي مون تي اهو الزام هڻڻ کان نه پيا ڪيٻائين ته مان ڪنهن ڇوڪري جي پيار ۾ پنهنجن کان الڳ ٿي وڃان، اهو قطئي ئي ممڪن ناهي جو مان هڪ فرد خاطر پنهنجي پيارن سان دوکو ڪيان. مون کي هرگز خبر ناهي ته منهنجي ڀر ۾ بيٺل شخص ڪير آهي؟ مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن هن شخص تي به رحم ايندو آهي ته ڪهڙي سبب هڪ ناانصافي جو غلام بڻيل آهي.

ڇا تون عدالت ۾ نه ڏٺو هو جتي مان انهن بيحس غلام گهيري ۾ قيد هوس جتي مون کي پنهنجي ماءُ کي  به ڏسڻ جي اجازت نه ڏني وئي. مان صرف هڪ جهلڪ ڏسڻ پئي چاهيان پر هاڻي ته مان ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جي به قيد آهيان. مان اهو ڏسندي ۽ ڳالهائيندي آهيان جيڪي اهي طئي ڪندا آهن.

ڇا تنهنجي دنيا ۾ اهڙو نظام ۽ انسانيت زنده آهي جيڪو منهنجي احساسن کي نئين زندگي ڏئي سگهي؟ ڇا تون منهنجي خاموشي جي گهرائي کي نه ٿو ٻڌي سگهين جو مون سان انصاف ڪرڻ ۾ايڏو وقت لڳايو اٿئي؟

اي ديوتا!

دنيا جي آڏو چورايل لفظن کي نه ٻڌجانءِ ڇو جو مون توکي ٻڌايو ته منهنجي هر ڏور انهن جي هٿن ۾ آهي جتي مان قيد ٿيل آهيان. پر جيڪڏهن تون منهنجي اکين اندر ڏسين ته منهنجي اندر جي احوال کي تون سمجهي سگهندين ته مان ڇا چاهي رهي آهيان. ڇا تنهنجي دنيا انڌير ۽ بيرحم آهي جتي احساس ۽ انصاف جي وجود جو ڪو تصور ئي ناهي، جتي انصاف جي ڳالهه کي وهم ۽ خيال جو نانءُ ڏنو ويندو آهي.

مان پنهنجي جيون ۾ پهرين اهو يقين رکندي هوس ته انسان هن دنيا ۾ مذهب ان لاءِ جوڙيا آهن ته ان جي سانچي ۾ پاڻ کي ماپي پنهنجي اندر جي وجود کي سهارو ڏئي سگهي پر هاڻي مان تنهنجي مذهب کي سمجهي ورتو آهي ته مذهب انسان لاءِ نه پر انسان مذهب لاءِ بڻايو ويو آهي.

جيڪڏهن تون منهنجي هن خط تي ناراض ٿين ته مون کي سمجهائي ۽ مون سان انصاف ڪر.

مون کي تون ئي ٻڌاءِ ته تنهنجو مذهب ڇا ٿو چئي ڇو جو دنيا وارا مون کي ٻيو ڪجهه ٻڌائي رهيا آهن جيڪو ڪجهه تون پنهنجن پاڪ ڪتابن ۾ ناهي لکيو.

اي ديوتا!

مون کي تنهنجي جواب جو جيون ڀر انتظار رهندو.

تنهنجي رنڪل…شايد صرف رنڪل.

pirahmangiku@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو