Home / افيئر / رنڪل ڪماري: ڀرچونڊيءَ کان سپريم ڪورٽ تائين
above article banner

رنڪل ڪماري: ڀرچونڊيءَ کان سپريم ڪورٽ تائين

پاڪستان ۾ نه رڳو ماڻهو پر ڪافي تڪرارن بابت ديوارون به ڳالهائين ٿيون. اسان گهوٽڪي ضلعي جي ننڍڙي شهر ڏهرڪي ڀرسان لنگهندي، هندو مان مذهب مٽائي مسلمان ڪيل رنڪل ڪماري ۽ سنڌي هندن جي حمايت ڪندڙن بابت ڀتين تي ڪافر ۽ آمريڪي ايجنٽ هجڻ جو نعرا لکيل ڏٺا.

لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ 24 فيبروري 2012 تي 19 ورهين جي ناري رنڪل ڪماري پنهنجي گهر ميرپور ماٿيلو مان اوچتو غائب ٿي وئي. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نينگري جي والد کي پير ميان عبدالحئي عرف ميان شمن، ڀرچونڊي درگاهه جي هڪ بزرگ طرفان فون آيو ته سندس نياڻي هڪ مسلمان نوجوان سان گڏ ڀرچونڊي درگاهه پهتي آهي ۽ مسلمان ٿيڻ ٿي چاهي. واضح رهي ته مقامي هندن ۽ ڀرچونڊي جي پيرن وچ ۾ ڪجهه سال اڳ هڪ معاهدو ٿيو هو ته جيڪڏهن ڪو به هندو ڇوڪرو يا ڇوڪري وٽن مذهب مٽائڻ لاءِ اچي ته اهي ان جي ڪٽنب ۽ مقامي هندو وڏڙن کي اطلاع ڪندا.

رات ٿيڻ تائين جيئن ئي رنڪل جا گهر ڀاتي ڀرچونڊي پهتا ته کين پتو پيو ته انهي وچ ۾ نه رڳو ناري مذهب مٽائي چڪي هئي بلڪه سندس هڪ پاڙيسري نوجوان نويد شاهه سان پرڻو به ٿي چڪو هو. ان کانپوءِ ضلعي جي هندن نه رڳو مذهب جي تبديلي بلڪه شادي کي رد ڪندي الزام مڙهيو ته سندن نياڻي کي ڀرچونڊي جي پيرن طرفان اغوا ڪري زبردستي مذهب مٽرائي زوري نويد شاهه سان شادي ڪرائي وئي آهي.

ايئن مقامي هندن پوليس سان رابطو ڪري کين ڀرچونڊي جي پيرن خلاف اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو چيو، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو. مقامي هندن جو ضلعي جي وڻج واپار ۾ وڏو حصو آهي، جڏهن ته ڀرچونڊي جا پير تر جا طاقتور ترين ماڻهو ليکيا وڃن ٿا. ان ڪارڻ پوليس معاملي کي قانوني ڪوَر ڏيڻ لاءِ کين ڇوڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چيو.

ٻن ڏينهن کانپوءِ ڇوڪريءَ کي گهوٽڪي جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي ڇوڪري بيان ڏيندي چيو ته هن پنهنجي مرضي سان مذهب مٽايو آهي ۽ هو نويد شاهه سان پيار ڪري ٿي ان ڪري ساڻس پرڻو ڪيو اٿس.

واضح رهي ته پيشي جي موقعي تي ميان مٺو جي حامين وٽ نه رڳو هٿيار هئا پر انهن خوشي ۾ ۽ هندو ڪميونٽي کي ڊيڄارڻ لاءِ فائرنگ پڻ ڪئي. هندن جو چوڻ هو ته ناريءَ کان زبردستي اهو بيان ڏياريو ويو آهي، انهن اهو بيان رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪيو، جتان معاملو هاڻي سپريم ڪورٽ وڃي پهتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇوڪريءَ کي دارالامان اماڻي ڇڏيو آهي ته جيئن هو پنهنجي مرضي موجب فيصلو ڪري سگهي ته کيس ڪيڏانهن وڃڻو آهي. اهو ڪيس انهي حد تائين هاءِ پروفائل ٿي ويو آهي جو صدر آصف علي زرداري به ان جو نوٽيس ورتو ۽ ناري کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو. ان کانپوءِ صدر جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ هندن جي حق ۾ ڳالهايو. ان کانپوءِ وري جامعه بنوريه جي سربراهه علامه مفتي محمد نعيم بيان جاري ڪندي هاءِ ڪورٽ طرفان ناري کي دارالامان موڪلڻ جي مذمت ڪئي. ساڳي وقت آمريڪا ان معاملي ۾ پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هندن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏاڍ خلاف مدد ڪئي وڃي. آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر براڊ شيرمين صدر آصف علي زرداري کي خط لکي چيو ته سنڌ ۾ هندن کي هيسائڻ وارين ڪارواين خلاف قدم کنيا  وڃن.

معاملي جي اصل خبر چار لهڻ لاءِ هي خاطو ڪراچي کان 425 ڪلو ميٽر ڏور ماٿيلي به ويو، جتي مقامي هندو نهايت ڊنل هئا ۽ اهي ان مامري تي ڳالهائڻ کان لنوائي پڻ رهيا هئا.

ميرپور ماٿيلي ۽ ڏهرڪي وڃڻ کانپوءِ اسان ڀرچونڊي شريف وياسين. ڀرچونڊي درگاهه سنڌ ۾ موجود ٻين صوفي درگاهن کان مختلف آهي، جتي حافظ محمد صديق جو مقبرو 1890ع ۾ تعمير ڪيو ويو، جنهن نه رڳو آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو بلڪه هن سک مذهب سان واسطو رکندڙ آزادي تحريڪ جي هيرو مولانا عبيد الله سنڌي کي پڻ مسلمان ڪيو هو.

سنڌ جي ٻين صوفي درگاهن تي بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، ذات يا فرقي جي جي متڀيد جي مرد ۽ عورتون وڃي سگهندا آهن پر ڀرچونڊي شريف ۾ درگاهه اندر رڳو مسلمان مردن کي وڃڻ جي اجازت آهي، عورتن لاءِ ننڍڙي ڳڙکي ٺهيل آهي جتان اهي رڳو درگاهه اندر جهاتي پائي زيارت ڪري سگهن ٿيون. ليڪن 27 فيبروري تي جڏهن رنڪل گهوٽڪي جي عدالت ۾ بيان ڏئي مذهب مٽائي فريال بڻي ته فائرنگ ۽ مٺاين جي ورهاست سان پهريون ڀيرو درگاهه جي تاريخ ۾ ڪنهن عورت کي درگاهه اندر ڇڏيو ويو، جتي کيس قرآن شريف مان تلاوت پڻ ڪرائي وئي. “هن جيئن ئي اسلام قبول ڪيو ته سندس رُتبو باقي مسلمانن کان مٿاهون ٿي ويو، سيد کان به مٿاهون، ان ڪري اسان کيس درگاهه اندر اچڻ  ڏنو” درگاهه جو مذهبي عالم ميان شمن “افيئر” کي ٻڌائي رهيو هو. جڏهن ته مذڪوره عالم جي ڪٽنب طرفان غير مسلمن کي مسلمان بڻائڻ جي ڪهاڻي هڪ صديءَ تي ڦهليل آهي ۽ ان دوران مذهب مٽايل ماڻهن مان اڪثريت عورتن جي هئي پر انهن مان ڪنهن کي به هيلتائين درگاهه اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو هو.

ان کانپوءِ مذڪوره عالم اسان کي درگاهه ويجهو موجود مدرسي خانقاهه عاليه قادريه وٺي آيو، جنهن ۾ هن وقت به 100 کٿابي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سهولتن  سان مفت تعليم پرائي رهيا آهن. انهي مدرسي جون سڄي ملڪ ۾ 145 شاخون موجود آهن.

مدرسي ۾ اندر هجڻ دوران ميان شمن مونکي ڪجهه فائيل ڏيکاريا. هڪ فائل تي لکيل هو “نئون مسلمان” جنهن ۾ هن طرفان جاري ڪيل سوين سرٽيفڪيٽ لڳل هئا. “الحمدالله اسان هر سال هن مدرسي ۾ 250 کان وڌيڪ هندن ۽ عيسائين کي مسلمان بڻايون ٿا” شمن فخر وچان ٻڌايو. هن رنڪل ڪماريءَ جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته هن ساڻس رابطو ڪيو ۽ کيس عرض ڪيو ته هوءَ اسلام قبول ڪرڻ ٿي گهري.“هڪ سچي مسلمان طور اهو منهنجو فرض آهي ته جيڪو به ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ چاهي، ان کي مسلمان ڪريان، جيڪڏهن آءُ ايئن نٿو ڪريان ته پوءِ آءُ مسلمان نه چوائيندس، پر جڏهن هوءَ اسان وٽ آئي تڏهن مون سندس ڪٽنب ۽ ٻين هندو معززن سان رابطو ڪيو پر اهي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ نه آيا، ايئن 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ مون کيس اسلام قبول ڪرايو” شمن ٻڌايو.

هن اهي الزام رد ڪري ڇڏيا ته ڪو رنڪل کي زبردستي اسلام قبول ڪرايو ويو آهي. پنهنجي موقف کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ هن مونکي ڀاڙي جي بس تي آندل هندن جي هڪ گروپ سان ملايو، جيئن اهي اسانکي ٻڌائي سگهن ته اهي هتي ڪيترا محفوظ آهن. واضح رهي ته انهن هندن مان اڪثريت پيرن جي گهرن تي ننڍا ملازم آهن.

ايس ايس پي گهوٽڪي پير محّمد شاهه، جيڪو ضلعي ۾ 2011 جي منڍ ۾ ان وقت مقرر ڪيو ويو هو جڏهن 29 ماڻهو اغوا ڪيا ويا هئا، ڦرلٽ تمام گهڻي هئي، تڏهن هُن ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو، ايئن 19 ڏوهاري ماريا ويا ۽ ڪيترن پوليس آفيسرن پڻ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو. ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ سبب ضلعي جي هندو ڪميونٽي مذڪوره پوليس آفيسر کي هڪ تقريب ۾ سونو تاج پڻ پارايو هو. مذڪوره پوليس آفيسر ميان شمن جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته “هوءَ اغوا نه ڪئي وئي هئي بلڪه هوءَ نويد شاهه سان پرڻو ڪرڻ پئي چاهي، ڇو ته هوءَ کيس گهڻي وقت کان سڃاڻندي هئي ۽ هو نويد جي ڀيڻ جي هم ڪلاسي پڻ هئي ۽ اهي ڪافي عرصي کان فون تي پڻ ڳالهائيندا رهندا هئا.”

ليڪن رنڪل ڪماري جو پيءُ نند لال جيڪو هڪ پرائمري استادآهي، اهو ان واقعي کانپوءِ لڏي اچي ڪراچي پنهنجي سالي سان گڏ رهي پيو، ان جو چوڻ آهي ته سندس نياڻيءَ کي اغوا ڪيو ويو. “اسان جيئن ئي صبح ساجهر ننڊ مان جاڳياسين ته رنڪل غائب هئي ۽ هن جو هڪ سينڊل ڏاڪڻين تي پيو. هو بعد ۾ هن عدالت ۾ اسان کي ٻڌايو ته چار هٿياربند رات جو گهر ۾ داخل ٿيا، کيس زبردستي کڻي ويا ۽ زبردستي مذهب مٽرايو” هو ٻڌائي ٿو.

“ميان مٺو علائقي جو اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي. هندو ڇوڪريون اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي لاءِ پاڻ وٽ رکڻ ۽ پوءِ کين وڪرو ڪري ڇڏڻ سندس پراڻي ڪرت آهي” نند لال “افيئر” کي ٻڌايو. رنڪل جي اَمڙ سلڇڻي ديوي جو چوڻ هو ته سندس نياڻي ڏاڍي شرميلي آهي ۽ هوءَ گهر ڇڏڻ جهڙو قدم نٿي کڻي سگهي، کيس واپس ڪرايو وڃي.

ڀرچونڊي شريف کانپوءِ اسان سکر موٽ کاڌي،جتان وري اسان سنڌو درياهه ۾ اندر پيٽ ۾ موجود هندن جي تاريخي مندر ساڌ ٻيلي وياسين جتي روزانو سوين هندو عقيدتمند بنا ڪنهن ڊپ جي ايندا ويندا رهن ٿا.

26 مارچ تي رنڪل ڪماري کي ڊاڪٽر لتا ڪماري (جيڪا هاڻ ڊاڪٽر حفصه آهي) سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن پنهنجي والدين سان گڏ وڃڻ جي خواهش  ظاهر ڪئي. اهڙي بيان کانپوءِ به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کيس ٽن هفتن تائين ڪراچي ۾ دارالامان ۾ رکڻ جون هدايتون ڏيندي کيس 18 اپريل تي وري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

“لڳ ڀڳ 20 هندو ڇوڪريون هر مهيني اغوا ڪري سندن زبردستي مذهب مٽايو وڃي ٿو، انهن 20 نارين مان 16 جو تعلق مٿئين ڪلاس جي هندو طبقي سان هجي ٿو. وڪيل ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر اَمر ناٿ وشنو مل چوي ٿو.

واضح رهي ته سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ جو معاملو مٿئين طبقي جي هندن جو آهي، جيڪي ملڪ ۾ موجود اقليتن جي ڪل آبادي جو 9 سيڪڙو مس آهن. پر جيئن ته اهي ارب پتي آهن، سندن ميڊيا حڪومت ۽ ڪامورا شاهي سان  ويجها لاڳاپا آهن ان ڪري سندن مامرو ميڊيا ۾ هاءِ لائيٽ ٿئي ٿو.

اها به هڪ حقيقت آهي ته قانوني طرح سنڌي هندن لاءِ شادي، وراثت ۽ خانداني معاملن بابت ڪو به قانون موجود نه آهي جڏهن ته پارليامينٽ ۾ موجود مٿئين طبقي جي هندن ان حوالي سان ڪڏهن به ڪا پرواهه نه ڪئي آهي. ان ڪري پاڪستان حڪومت کي کپي ته اها اسيمبلي سيٽن ڏيڻ جي سلسلي ۾ فوري طور قانون بدلائي. اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن وارو سلسلو ختم ڪري ووٽ وارو سلسلو رکيو وڃي جيئن کين پنهنجي ووٽرن جو احساس ٿي سگهي. ان کانپوءِ هندو ڪميونٽي لاءِ فيملي لا، مئريج ايڪٽ ۽ زبردستي مذهب مٽائڻ بابت ٺيڪ طرح سان قانون سازي جي ضرورت آهي، جن کي اقليتي ميمبرن ڪڏهن به اوليت تي ناهي رکيو.

ليکڪ انگريزي اخبار “پاڪستان ٽوڊي” جو سينئر رپورٽر آهي.

amarguriro@amarguriro.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو