Home / افيئر / زرداريءَ جي دهلي ياترا ۽ درگاهي ڊپلوميسي
above article banner

زرداريءَ جي دهلي ياترا ۽ درگاهي ڊپلوميسي

 

8 اپريل 2012 تي صدر پاڪستان جي ڀارتي دوري جو اعلان ڪيو ويو ته پاڪستاني صدر صوفي اولياء معين الدين چشتي جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪندو. اهو دورو صدر جو نجي دورو هوندو. هن جو اعلان جيڪو اچانڪ هيو ان هندستاني ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ته بنا ڪنهن شيڊول جي پاڪستان جو صدر اچي رهيو آهي ۽ هن جو ڪنهن سان ملاقات جو ٽائيم به ورتل ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن سان ڪا لنچ وغيره رکيل اٿس. پوءِ ڪوششن کانپوءِ صدر پاڪستان کي راضي ڪيو ويو ته هو هندستان جي وزير اعظم سان ملاقات جو ٽائيم ڏئي ۽ لنچ به ساڻس گڏ ڪري. نئين دهلي ۽ اسلام آباد جي سفارتڪاري کانپوءِ آمريڪا جي پيغام سميت صدر راضي ٿيو ته هو نئين دهلي ويندو ۽ ڀارتي وزير اعظم سان ملاقات ڪندو. ٻيو اهو به ٿيو ته صدر جي دوري دوران ڀارتي ڪورٽ پاڪستاني ڊاڪٽر چشتي کي ضمانت تي جيل کان ٻاهر ڪڍيو پر ان شرط سان ته هو پاڪستان نه ويندو ۽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو. 20 سالن کان هو قيد ۾ هو ۽ ان تي قتل جو الزام هيو. بهرحال ڀارتي حڪومت خير سگالي جو مظاهرو ڪندي ڊاڪٽر چشتي کي جيل مان آزاد ڪيو. پاڪستاني صدر پنهنجي دوري جي اعلان کان اڳ ۾ ڀارت جي مهاڻن کي جيڪي پاڪستاني قيد ۾ هيا انهن مان 50 کن قيدين کي واهگا سرحد جي ذريعي ڀارت موڪليو. اهو چيو وڃي پيو ته اهو خير سگالي جو اظهار هيو. اچانڪ اعلان ڀارتي خارجه پاليسي جي وزارت کي پريشان ضرور ڪيو. ياد رهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجي پهرين تقرير دوران اهو اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان جنگ نٿو چاهي پر هو باهمي لاڳاپن تحت گڏيل واپار چاهي ٿو. ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪاروبار جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ هو پاڙي وارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن جو اهو به خيال هيو ته جنگ مسئلن جو حل ڪونهي ۽ نفرتن کي گهٽائڻ گهرجي ۽ گڏيل صلاح مشورن سان باهمي اختلافن کي اگر ختم نٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ ضرور گهٽتائي اچڻ گهرجي. ان ۾ اهو به هيو ته هڪٻئي جي باهمي عزت ۽ احترام ضروري هئڻ گهرجي.

 

8 اپريل جو دورو جيڪو بظاهر نجي هيو پر صدر صاحب سان سندس پٽ ۽ پارٽي چيئرمين بلاول به گڏ هيو ۽ سندس ننڍي ڌي آصفه به گڏ هيس. مگر اجمير شريف ۾ زيارت ڪرڻ کانپوءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري نئين دهلي لاءِ روانو ٿيو ۽ رواني ٿيڻ کان اڳ درگاهه لاءِ صدر صاحب 10 لک ڊالر جي عطئي جو اعلان ڪيو. صدر جو نئين دهلي ۾ من موهن سنگهه وزير اعظم هندستان استقبال ڪيو ۽ ان کي منجهند جي ماني به کارائي. ٻنهي وچ ۾ اڪيلائي ۾ ڪافي دير تائين ملاقات ٿي ۽ باهمي دلچسپي ۽ گڏيل معاملن تي ڪشمير سميت ڳالهيون ٿيون، جيڪي ڏاڍي جوشگوار ماحول ۾ ٿيون. جنهن ۾ سرڪريڪ سميت سياچن وغيره جو به ذڪر ٿيو. ان ۾ تازو آمريڪا طرفان حافظ سعيد جي سر جي قيمت 10 لک ڊالر جي اعلان جو به ذڪر نڪتو، جيڪو چيو پيو وڃي ته هو ممبئي 2008 ۾ ٿيل حملن جو ماسٽر مائينڊ آهي جيڪو جماعت الدعوه جو سربراهه به آهي جيڪو پيشي جي لحاظ کان تعليم سان لاڳاپيل آهي ۽ انجنيئرنگ جو پروفيسر آهي. جڏهن ته حافظ سعيد پاڻ کي صاف سمجهي ٿو ۽ هو ڪورٽ ۾ منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي مگر ڪورٽ حافظ سعيد کي ثبوت گهٽ ۽ ڪيس جي پوئواري نه ڪرڻ سان ڪيس هڪ طرفو فيصلو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته حافظ سعيد جي خلاف ثبوت حڪومت پاڪستان حوالي ڪيا ويا هئا.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ هندستان جا جڏهن لاڳاپا خراب هوندا آهن ته ڪڏهن ڪرڪيٽ کي استعمال ڪيو ويندو آهي جيئن ضياءَ الحق 1983 ۾ احمد آباد راجستان ۾ ڪرڪيٽ جي ميچ ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو جنهن ۾ مجبور ٿي ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي کي اچڻو پيو ۽ ان قوت پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي تڏهن ماڻهن ان عمل جو نالو ڪرڪيٽ ڊپلوميسي رکيو. وري جڏهن 1998 ۾ مسٽر واجپائي وزير اعظم هندستان لاهور ياترا ڪئي ته ان وقت جو پاڪستان جو وزير اعظم محمد نواز شريف هيو. ميناره پاڪستان تي وزير اعظم واجپائي چيو هو ته دوست ته تبديل ٿي سگهندا آهن پاڙيسري ڪڏهن به تبديل نه ڪياويندا آهن. ان سرد ڊپلوميسي هندستان ۽ ڀارت جي نفرتن ۾ گهڻي ڪمي آندي ڇاڪاڻ ته نواز شريف جو ان خطي سان تعلق هيو جنهنجو ڀارت خلاف عوامي ردعمل سخت ۽ نفرت تي ٻڌل هوندو هيو. ان ۾ ڪافي نرمي آئي ۽ لاهور جي قلعي ۾ واجپائي جي مان ۾ رات جي ماني ڪرائي ويئي ۽ ڳالهيون ڏاڍي خوشگوار ماحول ۾ ٿيون مگر اهو هني مون پائيدار ثابت ڪو نه ٿيو ۽ انهي دوران ڪارگل جو واقعو پيش آيو جيڪو جنگ ۾ تبديل ٿيندي رهجي ويو. ايئن پوءِ نواز شريف آمريڪا جي ان وقت جي صدر بل ڪلنٽن کي منٿون ڪيون ۽ فائربندي ڪرائي ويئي. جڏهن 12 اڪٽوبر 1999 ۾ چونڊيل وزير اعظم جو تختو اونڌو ڪرايو ويو. جنرل پرويز مشرف اقتدار ۾ آيو ته هندستان ۽ پاڪستان جون حالتون ته 2002 ۾ ڪافي ڇڪتاڻ واريون هيون ته 2003 ۾ جنرل مشرف نئين دهلي جي ياترا ڪئي جيڪي آگره جي نالي سان مشهور ٿيون مگر اهي ڳالهيون ڪافي حد تائين وڌيون ۽ ٻئي ڌريون راضي ٿي ويون پر اچانڪ صبح جو نيرن کانپوءِ تعطل جو شڪار ٿيون ۽ ايگريمينٽ ٿيندي رهجي ويون. انهيءَ گڏجاڻي ۾ اهو طئي ٿيو ته ڳالهين کي جاري رکيو ويندو مگر ايئن ٿي نه سگهيو ڇو ته پارليامينٽ تي حملو ٿيو ۽ ان واقعي هندستان کي ايوان سميت لوڏي ڇڏيو پوءِ ٻنهي ملڪن جون فوجون هڪٻئي جي سرحدن طرف وڌي رهيون هيون جو پرويز مشرف موهالي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ ويو. آمريڪا ۽ برطانيه جي دٻاءَ تحت ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي نارمل زندگيءَ طرح واپس آيون. جنرل پرويز مشرف پڻ 2007 ۾ اجمير شريف جو دورو ڪيو ۽ زيارت سان گڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آئي. هي ته صرف بهانو آهي. حقيقت ۾ ٻنهي ملڪن ۾ گڙٻڙ ڪندڙ قوتن ٻنهي کي ويڙهائڻ ۾ وسان ڪو نه گهٽايو آهي پر ڪڏهن عقل ڀريو ڪو فيصلو کانئن ٿي ويندو آهي. سو انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ ڏسجي ته زرداري صاحب جو هندستان جي اوليائي دوري ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ گهڻي گهٽتائي آندي آهي ۽ ڳالهين ڪرڻ سان گڏ صدر وزير اعظم هندستان کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني آهي جيڪا وزير اعظم سميت ڪانگريس پارٽي جي مستقبل جو وزير اعظم سان گڏ نهرو گانڌيءَ جو وارث راهول گانڌي پڻ پاڪستان اچڻ جي هائو ڪئي آهي. جيڪو مناسب وقت تي ٻنهي ملڪن جا خارجي اهلڪار طئه ڪندا ۽ تاريخ گڏيل صلاح سان مقرر ڪئي ويندي. ياد رهي ته 1989 ۾ هندستان جو نوجوان وريز اعظم جناب راجيو گانڌي صاحب غفار خان جي ميت تي پاڪستان آيو هيو ۽ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ گهٽتائي ٿي هئي.

هندستان ۽ پاڪستان گي گڏيل باهمي لاڳاپن تحت سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ گهرجي. ٽي جنگيون ٿيون آهن، ڪنهن ڪنهنجو ڪجهه به ڪو نه بگاڙيو آهي. جنگ مسئلي جو حل ڪونهي. واپار کي وڌيڪ جاءِ ڏني وڃي جنهن سان ماحول ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ٻيو ماڻهو-ماڻهن سان ملاقاتون ڪن، هڪٻئي جي نفرتن ۾ اضافو ڪرڻ نه ڏين. ڪشمير جو مسئلو به ڳالهين ذريعي ڏي وٺ جي بنياد تحت حل ڪيو وڃي. ٻنهي ملڪن ۾ غربت جي لڪير ۾ ڪمي اچڻ گهرجي. هٿيارن وارو خرچ عوام جي ڀلائي لاءِ قطب آندو وڃي، بک بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي. ڳالهيون ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه گهرجن. هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ هڪٻئي خلاف ڪنهن جي به ڌرتي استعمال ٿيڻ نه گهرجي. واپار کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. واپار ۾ مذهب نه استعمال ڪيا وڃن. پاڪستان هندستان کي ايندڙ جون آگسٽ ۾ هندستان کي پسنديده ملڪ جي حيثيت ڏيڻ طرف ڳالهيون جاري آهن. صدر زرداريءَ جو هي نجي هندستان جو دورو ڪامياب نظر ٿو اچي باقي هروڀرو ويڙهه مان فائدو ڪونهي. امن خوشحالي آڻيندو آهي ۽ڇڪتاڻ تباهي. ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪيا وڃن ته هي خطو ڏکڻ اولهه ايشيا معيشت ۾ مستحڪم ٿيندو ڇو ته 21 صدي ايشيا جي جي صدي آهي ۽ امن جي صدي ثابت ٿيندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو