Home / ڪرنٽ افيئر / زرعي ٽئڪس: اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَن ڇني
above article banner

زرعي ٽئڪس: اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَن ڇني

پاڪستان ۾ اڪيچار اهڙيون سياسي پارٽيون آهن جيڪي پاڻکي ‘اصول پرست’ ڪوٺائين ٿيون ۽ دعوى ڪن ٿيون ته اهي هيٺئين ۽ وچولي طبقي جون حقيقي نمائندگي ڪندڙ آهن ۽ سندن مقصد، صدين کان پيڙهيل طبقن جي عوام جي عام حالت کي بهتر بڻائڻ آهي پر جيڪڏهن عملي طرح ڏسجي ته گھڻو ڪري اهي ڳالهيون سياست ۽ مشهوري حاصل ڪرڻ لاءِ آهن جن جو حقيقت سان پريَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي ڇاڪاڻ ته سکڻن بيانن جاري ڪرڻ سان نه ته ڪنهن جي حالت بهتر ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو خالي پيٽ ڀرجي ٿو. تازو متحدا جي رابطا ڪاميٽيءَ جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جو، راولپنڊيءَ جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ تقرير دوران چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته زميندارن تي زرعي ٽئڪس مڙهجي.

اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي جو ايم ڪيو ايم اهڙو مطالبو ڪيو آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم زرعي ٽئڪس واري گُھر سان گڏ صنعتڪارن ۽ واپارين جي کليو کلايو ٽئڪس چوريءَ جي ذڪر کان سواءِ انهن کان مڪمل ٽئڪسن جي وصوليءَ جي گھُر ڪري ها ته اها ڳالهه ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ اچي ها ته هو ‘ويچارا’ ملڪ جا ڳرا قرض لاهڻ ۽ ناڻي جي وڌندڙ خساري کي گھٽائڻ لاءِ پشيمان آهن پر حقيقت ۾ ائين هرگز ناهي، هو ته تصوير جو هڪڙو رخ ڏيکاريندا رهيا آهن. ايم ڪيوايم زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي اڪثر زور ڀريندي رهي آهي. ظاهري طور سندس مطالبو ‘زميندارن’ تي ٽئڪس مڙهڻ بابت آهي پر کين چڱي ريت پتو آهي ته اهو سارو بارُ اڳتي هلي مسڪين هارين تي پوندو. ڇاڪاڻ ته زرعي اُپت ۾ هاري ئي زميندارن سان ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن، تنهنڪري اهو عملي طرح ممڪن ناهي ته زرعي ٽئڪس رڳو زميندار ڀرين ۽ هارين کي درگذر ڪري ڇڏين. زراعت ۽ صنعتن کي هلائڻ ۾ ڌرتي ۽ اڀ جيڏو فرق هوندو آهي ، هونئن به اڪثر زميندار، هارين جي غربت ۽ مجبورين کي ڏسنديَ، پنهنجي مرضي هلائيندا رهندا آهن ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هر شعبي ۾ ‘جيڪو ڏاڍو، سو گابو’ وارو اصول ڪاميابيءَ سان لاڳو رهيو آهي.

 


جيستائين حڪومت جو واسطو آهي ته گذريل ڪيترن ورهين کان هارين جي فائدي ۾ ڪيترا قانون ٺهيل آهن ، پر انهن تي مڪمل عمل نه ٿو ٿئي. نتيجي طور اڄ به هاري اُهي حق حاصل نه ڪري سگھيا آهن، جن جا هو حقدار رهيا آهن، سال 1950 جو ٽيننسي ايڪٽ جيڪو هارين جي اڳواڻ محترم حيدربخش جتوئي مرحوم ۽ ٻين جي ڪوششن سان جڙيو هو تنهن تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي پر ان ايڪٽ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين هارين جي مجموعي حالت ضرور بهتر بڻائي آهي. محترم حيدربخش جتوئي مرحوم جي وقت ۾ ’هاري حقدار’ جي تحريڪ هلي جيڪا ڏاڍي مقبول ٿي هئي پر هاڻ، هاري تحريڪ ۾ اهو زور نه رهيو آهي جيڪو ڪنهن وقت ۾ هوندو هو جڏهن ته ملڪ اندر 75 سيڪڙي کان به وڌيڪ ماڻهو سڌي يا ان سڌيءَ ريت اڃا به زراعت سان ئي لاڳاپيل آهن. جيئن ته مٿي ڄاڻايل لساني تنظيم جا ووٽر ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ نه ٿا رهن تنهن ڪري اها ڳوٺاڻن کي جنڊ جي ٻن پڙن ۾، هميشه وانگيان پيهڻ چاهي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس چڱي ريت پروڙ آهي ته زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي مطالبن سان، ايم ڪيو ايم جي ووٽ بئنڪ تي ڪو به اثر ڪونه پوندو البت پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ نون، پاڪستان مسلم ليگ ف، ايَ.اين.پي ۽ ٻيون سياسي پارٽيون جن جون پاڙون اهڙن علائقن ۾ کُتل آهن تن جا ووٽرز زراعت سان لاڳاپيل آهن ۽ اهي ئي زرعي ٽئڪس لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ ڀوڳيندا رهندا ۽ ايم ڪيو ايم، پري ويهي تماشو ڏسندي رهندي.

ڪجھه وقت اڳ، ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين پنهنجي لنڊن واري هيڊڪوارٽر ۾ ويهي اهڙو مطالبو دهرايو هو  ۽ چيو هئائين ته ملڪ جي اقتصادي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ پرڏيهي قرض لاهڻ لاءِ زرعي ٽئڪس لڳايو وڃي. زراعت سان وابستا ماڻهو اڳ ۾ ڍل ۽ آبياڻو سڌي طرح ۽ ٻيا ٽئڪس جھڙوڪه زراعت ۾ ڪم ايندڙ شين ڪيميائي ڀاڻ، دوائن وغيرهه تي اڻ سڌيءَ ريت ٽئڪس ڀرين  ٿا ، تنهن ڪري ڄاڻي واڻي ميڊيا ۾ اهو تاثر ڏيڻ ته زراعت پيشي سان وابستا ماڻهو،  ڪوبه ٽئڪس نه ٿا ڀرين، سو کُليو کلايو بدديانتي ۽ حقيقتن کان منهن موڙڻ جي برابرآهي. انهيءَ کان سواءِ هارين کي پنهنجي پيداوار کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ تي به جائز اجورو نه ٿو ملي ۽ گھڻو ڪري دلال نفعي جو مکيه حصو ڪنهن به اوڳرائي ڏيڻ کانسواءِ پاڻ هضم ڪري وڃن ٿا. ٻئي طرف، جيستائين ميڊيا جو واسطو آهي ته انهن جا مالڪ توڙي ٽي.وي اينڪرز جيڪي پاڻکي هر مرض جي دوا سمجهن ٿا سي گھڻو ڪري شهري علائقن سان وابستا آهن، تنهن ڪري هو زراعت سان وابستا ماڻهن (ڳوٺاڻا) جي اهنجن ۽ ايذائن جي تهه تائين پهچي نه ٿا سگھن يا وري پهچڻ نه ٿا چاهين. دنيا جي هر حڪومت، اقتصاديات جي سلسلي ۾ پنهنجي مکيه شعبي کي هَٿيِ ڏيڻ لاءِ  سبسڊي (حڪومت طرفان ڏنل قيمتن ۾ ڇوٽ)، ٽيڪنيڪل سهڪار ۽ ٻيون سهوليتون ڏيندي رهندي آهي، مثال: صنعتي ملڪن ۾ صنعتڪارن ۽ مزدورن کي سهوليتون ملنديون آهن جڏهن ته اسان جھڙن زرعي ملڪن ۾ وري آبادگارن کي اهڙيون سهوليتون ملنديون آهن پر اسان وٽ مامرو ئي نرالو آهي، هت ته اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته زراعت واري شعبي سان واسطو رکندڙ سڀ ‘وڏيرا’ آهن ۽ شايد ڪو به غريب غربو ناهي.  دنيا جي ملڪن ۾ زرعي پيشي سان وابستا ماڻهن جي ڏکيائين کي گھٽائڻ لاءِ،  هر حڪومت پاڻ پتوڙيندي رهندي آهي ۽ اها بيشمار سهولتون ۽ سبسڊي ( امدادي ڇوٽ) ڏيندي رهندي آهي ته جيئن اهو شعبو پاڻ ڀرو ٿي سگھي، ائين ڪرڻ ۾ ڪو حرج به ناهي پر اسان وٽ ڪجھه سياسي پارٽيون اهڙيون آهن جيڪي ‘جيئري خاطر ٻڪري ڪُهڻ’ لاءِ به تيار آهن. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ملڪ جي اقتصاديات ۾ زراعت واري شعبي جي ترقيءَ جي ايڏي  وڏي ڳڻتي آهي ته هوءَ اهو ٻڌائي ته ان هارين جي حالت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترا بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا آهن ۽ ٻي ڪهڙي  قانون سازي ۽ جدوجهد ڪئي آهي؟

جڏهن ته ڳالهه، ڳالهه تي ‘وڏيريَ‘ لفظ کي سياسي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ وڏي پيماني تي ٽئڪس چوري ڪندڙن صنعتڪارن جي تحفظ لاءِ اکيون ٻوٽڻ هرگز جائز ناهي. جيستائين ظلم جو واسطو آهي ته  اهو وڏيرو ، صنعتڪار يا واپاري ڪريَ،  سي سڀ هڪ جيترا نندڻ جوڳا آهن پر جيڪڏهن عوام کي تصوير جو هڪ رخ ڏيکاري، هڪ ڌر کي نندڻ ويهجي ۽ ٻي ڌر (صنعتڪار ۽ واپاري) جي مٿي تي هٿ ڦيرجي ته اها  بدديانتي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اچرج آهي ته اها تنظيم صنعتڪارن ۽ واپارين جي اربين روپين جي ٽئڪس چوريءَ واري پراڻي هيرَ بابت پر اسرار طريقي سان ڪيترن ورهين کان لاڳيتي ماٺ ۾ آهي، ان کان علاوهه، ڪراچيءَ جي واپارين کي ڏسو، اهي به وڏي پيماني تي ٽئڪس چورائن ٿا، بيشمار واپاري پنهنجون لکن جي انگ ۾ شيون ڪو به برانڊ ڄاڻائڻ (رجسٽرڊ  ڪرائڻ)کانسواءِ  مارڪيٽ ۾ آڻي کليو کلايو سرڪاري ٽيڪس تي ڌاڙو هڻن ٿا ۽ اهڙيون اڻ رجسٽرڊ  شيون سڄي ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏين ٿا. بهرحال، بغير برانڊ واريون شيون اوهان کي ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ لکن جي انگ ۾ مارڪيٽ ۾ نظر اينديون جن تي ميوفيڪچر جو نالو ۽ ڏس پتو هرگز لکيل نه هوندو آهي ۽ نه ئي ٽئڪس يا سيريل نمبر، جيتوڻيڪ اهڙي ڄاڻ ڏيڻ جو قانون به موجود آهي پر ان جي کليو کلايو ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن سڀني ‘برانڊيد’ ۽ ‘غير برانڊيڊ’ شين تان ٽئڪس اوڳاڙجي ۽ ٽئڪس جي گھوٻين کي روڪجي ته ايتري آمدني ٿيندي، هُوندَ ملڪ جو سمورو ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض لهي ويندو. ٻيو ته ٺهيو پر رڳو ڪراچيءَ جا صنعتڪار ۽ واپاري سچا ٿين ۽ ٽئڪس جي چوري بند ڪن ته هوند سمورا ملڪي ۽ غير ملڪي قرض لاهي سگھن ٿا، مون مختلف انگريزي اخبارون ۾ شايع ٿيل پنهنجن خطن ذريعي سرڪار کي گذارش ڪئي هئي ته ٽئڪس چور صنعتڪارن ۽ واپارين خلاف وڏي پيماني تي  ۽ ‘بيرحم’ مهم هلائي وڃي ۽ اهو خير جو ڪم ڪراچيءَ جي صنعتڪارن ۽ واپارين کان شروع ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس اهي ئي چورائن ٿا ۽ ڀتا ڏئي پنهنجي لاءِ تحفظه به اهي ڳولن ٿا، وري اجايو شور به مچائيندا رهن ٿا. جيڪڏهن انهن کان ٽئڪسن جي وصوليءَ بابت سختيءَ سان عمل ڪجي ته هوند ملڪ ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ غير ملڪي قرضن کان به ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو پر جيئن ته  صنعتڪار ۽ واپاري ڪراچيءَ جي هڪ لساني تنّظيم کي وڏي پيماني تي ڀتو ۽ مالي سهڪار مهيا ڪن ٿا، تنهنڪري سندن وڏي پيماني تي ٽئڪس چوري ڪرڻ وارين حرڪتن تي پردو وڌو وڃي ٿو، ڄڻ ته اهي پارسا هجن ۽ سارا عيب زراعت سان وابستا ماڻهن ۾ هجن، البت خانا پوري ڪرڻ لاءِ ٽئڪس چورن کي پڪڙڻ جا ايڪڙ ٻيڪڙ مثال قائم ڪيا ويندا آهن. اٽلندو هڪ سازش هيٺ زراعت جي هيڻي شعبي کي وڌيڪ جڏو بڻائڻ لاءِ، توپن  جو رخ،  ٽئڪسن ۾ گھوٻيون هڻندڙ صنعتڪارن ۽ واپارين بدران آبادگارن ڏانهن موڙيو وڃي ٿو.


جيستائين سنڌ جي زراعت جو واسطو آهي ته  اها اڳ ئي ابتر حالت ۾ آهي، اسان سڀني کي خبر آهي ته سنڌ کي سندس حصي جو پاڻي، پنجاب نه ٿو ڏئي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف (پاڪستان مسلم ليگ نون جو سربراهه) جي دور ۾ ڄام صادق علي مرحوم، سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ ‘1991 ـ پاڻي ٺاهه’ يعني لولو لنگڙو ٺاهه زوري ڪرايو هو جنهن تي سنڌ جي آبپاشي عملدارن کان زوري صحيحون ورتيون هئائين. بقول اسان جي آبپاشي ماهر سائين نظير ميمڻ جي، ڄام صادق تڏهوڪي سنڌ جي چيف انجنيئر عبدالرسول ميمڻ مرحوم کي ڪراچيءَ جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ٺاهه تي اڳواٽ ئي زوري صحيحون ورتيون هيون، انهيءَ تڪراري ٺاهه جو ڊرافٽ به پنجابي آفيسرن پاڻ تيار ڪيو هو جنهن ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گھربل گھٽ ۾ گھٽ 10 ايم.ايَ.ايف پاڻي ڇڏڻ  واري سنڌ جي مطالبي جو ذڪر ته ڪيل آهي پر پاڻيءِ جو مقرر مقدار ڇڏڻ بابت فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه  ذڪر ٿيل ناهي، جنهن جو بيجا فائدو پنجاب وٺندو رهي ٿو، هاڻ اهڙي ٺاهه بابت سنڌ جو وزير ڄام مدد فرمائي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو ان ٺاهه کي برقرار رکڻ لاءِ زور ڀرين ٿا، تنهن ٺاهه جو‘ڪريڊٽ’ سندس وڏي ڀاءُ ڄام صادق مرحوم ڏانهن وڃي ٿو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌ جو عوام انهيءَ ٺاهه کي سکڻو ان ڪري برقرار رکڻ جو حامي آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب، سنڌ جو رهيل سهيل پاڻي به سنڌ کان کسڻ چاهي ٿو، تنهن  ڪري سنڌ ‘نه هئڻ کان ڪجهه هئڻ بهتر آهي’، واري پاليسيءِ تي هلندي ان ٺاهه کي برقرار رکڻ چاهي ٿي. اها سڌي سادي ڳالهه ڄام مدد کي سمجھڻ  گھرجي. ٻئي طرف،  ڏسجي ته زراعت جي شعبي ۾ ، پنجاب جي حالت سنڌ جي ڀيٽ ۾ گھڻي بهتر آهي جنهن جا ڪيترا ئي سبب آهن، پنجاب جي زمين جي هيٺان وارو پاڻي مٺو آهي جيڪو زراعت لاءِ بهتر آهي، جڏهن ته سنڌ جو پاڻي کارو آهي ۽ ڪتب آڻڻ جوڳو ناهي، پنجاب، کوٽ جي مند ۾ ‘ارسا’ ذريعي عملي طور ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران، پنهنجي کوٽ جي پورائي لاءِ ، سنڌ جي حصي کان زبردستي پاڻي کڻندو رهيو آهي جنهن جون خبرون وقت به وقت سنڌي اخبارون ۾ اينديون رهيون آهن جڏهن ته جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾برپا ڪيل اعلى سطحي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جنهن جو سربراهه محترم ايَ.اين.جِيِ. عباسي هو ، تنهن پنهنجي رپورٽ ۾ چٽيءَ ريت ڄاڻايو ته پنجاب، پاڻيءَ جي سخت کوٽ واري مند دوران ‘ارسا’ جي فيصلي موجب سنڌ سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ بدران ڪيترا ڀيرا سنڌ جي حصي جو زوري پاڻي کڻي پنهنجي کوٽ پوري ڪندو رهيو آهي. اها به حقيقت آهي ته پنجاب سان واسطو رکندڙ بيوروڪريٽس هر ڏُکي وقت ۾ سنڌ جي قيمت تي پنجاب جي مدد ڪن ٿا، ڪجھه بيوروڪريٽس ، ڪجھه پنجاب سرڪار  ۽ ڪجھه اتان جي چوڌرين جي مجموعي ڪوششن کان سواءِ پنجاب جي پاڻي چورائڻ لاءِ ٿيندڙ ‘چوري ۽ سينا زوريءَ’ سبب پنجاب جو زرعي شعبو سدائين سگھارو رهيوآهي، جڏهن ته سنڌ ۾ زراعت جي حالت سدائين هيڻي رهي آهي جنهن ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجا ڪنهن حد تائين ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي زراعت گھڻي ڪمزور آهي ۽ مکيه سبب سنڌ کي جائز پاڻيءَ جو حصو نه ملڻ آهي، جيڪڏهن نئون زرعي ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو  ته ان سبب پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي تمام گھڻو ڀوڳڻو پوندو ۽ انهيءَ ڳالهه جي، زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ  وَهلوُر ويندڙ انهيءَ لساني تنظيم کي به چڱي ريت پروڙ آهي، جيئن مٿي به ذڪر ڪيو ويو آهي ته  اهڙن ماڻهن جو سياسي ووٽ بئنڪ ، ڳوٺاڻن علائقن ۾ ناهي، تنهن ڪري زرعي شعبو تباهه ٿئي ته به کين ڪا به ڳڻتي ناهي، سندن اقتصادي مفاد، رڳو شهري علائقن جي ماڻهن، صنعتڪارن ۽ واپارين سان وابستا آهن، تنهنڪري هو چاهين ٿا ته انهن کي جائز ته ٺهيو پر ناجائز به سيڪ نه اچڻ گھرجي.رهيو سوال زراعت سان وابستا ڳوٺاڻن ماڻهن جو، سي وڃن جهنم’ ۾!

mksial@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو