Home / پروفائيل / سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا طارق ابڙو ڪير سڏائي
above article banner

سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا طارق ابڙو ڪير سڏائي

 

للوءَ پنجوءَ کي کنگهبو ڪو نه، ڀاڙئي ڀُتي کي لٺ جي مُڇي تي رکبو، هوائي توائي ماڻهن تي مُڇ ڪا نه ڇنڊبي، حسد، ساڙ ۽ بغض جي باهه تي ڇنڊا ڪو نه وجهبا، جن کي انهيءَ باهه ۾ سڙڻو آهي، اُهي اُڪا وڃي سڙن ۽ اندر جي باهه ۾ ڳري ڳارو ٿين. ڳالهه ڪبي ته اهڙن يارن جي ڪبي، جن ادب ۽ ٻوليءَ جي ٺيڪيدارن ۽ واپارين تي ٻڌل ادبي اسٽيبلشمينٽ جي جوڙيل قاعدن ۽ قانونن کي ٽوڙيندي سدائين دل جي ڳالهه ڪئي ۽ مرڻ گهڙي تائين ڪا به پرواهه ڪا نه ڪئي. ظاهر آهي ته اهو طارق ابڙو هوندو، ٻيو ڀلا ڪير هوندو. سدا بهار طارق ابڙي کلندي کلندي زندگي گذاري ۽ کلندي کلندي موڪلايائين. سندس هن دنيا مان لڏي وڃڻ جي مُند ته ڪو نه هئي، پر اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن مندون به دوکو ڏيئي وينديون آهن. طارق ابڙو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کي ٺهيل ٺڪيل ۽ تيار ڏسندو هو ته چوندو هو، “منُ لڳو پيو آن.” ايئن ئي طارق ابڙو مَنُ لڳو پيو هو، پر سرڪار جي اجاين آسرن، ڪوڙن دلاسن ۽ دولابن تي لڳي زندگيءَ جي بازي هارائي ويو. جڏهن هُنَ موڪلايو ته هي بندو کٽ ڀيڙو هو ۽ چُرڻ کان لاچار هو. سندس آخري ڏينهن ۾ جڏهن فون ڪري طبيعت جو پڇيومانس ته جواب ڏنائين ته، “مان ته ٺڪاءَ ته ٺُو لڳو پيو هان، پر من تون به ٺڪاءَ ته ٺُو ٿيءُ.” سندس چيل چار اکر به گهٽ ۾ گهٽ مون پاري ماڻهوءَ لاءِ ته وڏو سهارو هوندا هئا، باقي ٻين جي خبر ته ٻين کي هوندي. هاڻي جڏهن شديد قسم جي فزيو ٿراپي مان گذرندي ويهڻ ۽ ويهي لکڻ جهڙا ٿيا آهيون ته طارق ابڙو ڏاڍو ياد ٿو اچي.

ڪنهن زماني ۾ جڏهن طارق ابڙو سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي ڪنڊ ۾ “C” ٽائيپ ننڍڙي ڪوارٽر ۾ رهندو هو، جڏهن انهيءَ ڪوارٽر جي سامهون ڪرسيون رکي ويهندا هئاسين ته اُتان هاءِ وي ويجهو نظر ايندو هو ۽ ڳالهيون ڪندي ذر ذر هاءِ وي تان لنگهندڙ ٽريفڪ تي نظر وجهندا هئاسين ۽ طارق ابڙو چوندو هو ته ،“من هت انهيءَ ڪري ويٺا آهيون جو ڀاڙئي ڀُتي تي نظر رهي.” تڏهن سندس گفتگو جو انداز ۽ شڪل شبيهه ڌاڙيلن سان ملندي جلندي هئي. انهيءَ وقت ڪجهه ڪهاڻيون، ٽي وي ڊراما ته لکيا هئائين، پر سندس شخصيت جو رعب تاب، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ سندس تخليق کي ڍڪي ڇڏيو هو. روز ڪو نه ڪو مهمان وٽس ٽڪيل هوندو ۽ شام جو وري ڪالونيءَ جا ڪجهه دوست اچي ڦرندا هئا. ڪوارٽر کان ٻاهر اچي ويهندڙن کي ڪا به خبر نه هئي ته هُو هيڏيءَ وٺ وٺان ۾ ڪو ناول پيو لکي. باقي ليکڪ دوستن جي پاٿاري ته وٽس هوندي ئي هوندي هئي ۽ ٺڪا ته ٺُو لڳي پيئي هوندي هئي ۽ سندس زبان مان شاندار تخليقي جملا اُٿلون پيا کائيندا هئا ۽ ٻوڙي وجهندا هئا. اِهي جملا هن ڪنهن ڪتاب تان ڪو نه کنيا ها، پر پاڻ تخليق ڪندو هو. هُو گهٽ پڙهيو هئڻ جي بدران پنهنجين جبلتن (Instincts) جي آڌار تي لکندو هو، جنهن کي رب مڻيا ڏئي، انهيءَ کي ڪير جهلي. جڏهن ‘رهجي ويل منظر’ لکي پورو ڪيائين ته دل جي چئي تي لڳي انهيءَ ناول جو مسودو مون کي ڏنائين ته مون کي ٻرو چڙهي ويو، ڇاڪاڻ ته سنڌالاجي جي حوالي ٿيل ڪتابن جا اهڙا اهڙا مسودا منهنجي حوالي ٿيندا هئا، جو اُهي پڙهي دل چوندي هئي ته مسودو فرش تي رکي کڻي تيلي ڏجيس ته سڙي رک ٿئي ۽ پڙهندڙ جي جان خلاصي ڪرائجي. سڀ ڪجهه Trash هو ۽ هٿ جون هنيل شيون هونديون هيون، سي پڙهي پڙهي منهنجو ته مسودن پڙهڻ تان ئي ارواح کڄي ويو. سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جو هونئن به حشر نڪتل آهي، پر طارق ابڙي جي ڏنل مسودي کي مانُ ته ڏيڻو هو، جو ٻيو نه، ته يارباش ماڻهو ته هو. منهنجي سڄي زندگيءَ ۾ اهو پهريون ۽ آخري مسودو هو، جنهن اُٿڻ سان منهنجي ذهن کي قابو ڪري ڇڏيو ۽ ويس پڙهندو، تان جو هڪ ئي ڌڪ ۾ سڄو ناول پڙهي ويس. مون کي لڳو ته اهو ناول سنڌيءَ زبان جو پهريون ناول آهي، جنهن کي بين الاقوامي ادب جي قطار ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

اصل ۾ طارق ابڙي جي ناول ‘رهجي ويل منظر’ کان اڳ ۾ سنڌي ادب جي صورتحال اها هئي ته سنڌيءَ ۾ جيڪا تحقيق ڇپجندي رهي هئي، انهيءَ ۾ حقيقتون گهٽ اکرن جو مارو گهڻو هو. تاريخ جي نالي ۾ ڪوڙ جا کارا ڀري پڙهندڙن جي مٿي ۾ هنيا ويا. جڏهن ته تاريخ جنهن رفتار ۽ وسعت سان وڌي ٿي، انهيءَ کي لکت ۾ رڪارڊ ڪرڻ پنجن ستن ماڻهن جي وس کان ٻاهر هوندو آهي. جيڪي تاريخ جا ٻه ٽي ماخذ ملن ٿا، اُهي يا ته درٻاري قسم جي چمچاگيريءَ سان ڀريل آهن يا وري حاڪمن جي خلاف هجو ناما آهن.

انهيءَ سڄي تحقيق کي نظر ۾ رکندي ويهين صديءَ جي عظيم شاعر شيخ اياز کي لکڻو پئجي ويو ته:“محقق جو لفظ حُقي مان نڪتل آهي، جنهن جو ڪم آهي گُڙ گُڙ ڪرڻ.” ظاهر آهي ته شيخ اياز سوچي سمجهي اها راءِ ڏني هئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي چند حاڪمن جا ته نالا ملن ٿا، پر سماجي تبديلين، ڏڪارن، زلزلن، ٻوڏن، پاڻيءَ جي وهڪرن، لڏپلاڻ ۽ سنڌ جي ٻين مامرن جي باري ۾ ڪا به تاريخ نٿي ملي. موئن جو دڙو ئي نشانو بڻجي ويو، ڪو پيو چوي ته اهو موهن جو دڙو هو، ڪنهن کي اهو ضد آهي ته اِهو مهين جو دڙو آهي. سائين سچل سرمست سچ چيو آهي ته “جو اکران وچ اڙيا، عشق دي چاڙهي مُول نه چڙهيا.” سو تحقيق جو حال جو اِهو هو. سڄي دنيا ۾ ٻوليون ڀينرون ته هونديون آهن، پر مائرون ڌيئرون نه هونديون آهن. ڪنهن چيو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتي آهي، ڪنهن چيو ته پراڪرات مان نڪتي آهي، ڪنهن وري مورڳو اهو ڇيهه وڃي جهليو ته اهي ٻوليون سنڌيءَ مان نڪتيون آهن. ڪنهن به اهو ڪو نه چيو ته هر ڪا ٻولي پنهنجي ليکي اُتان جي جاگرافيائي حساب سان پنهنجي ليکي جڙندي پيئي آهي ۽ فلاڻيون فلاڻيون هڪ ٻئي کي ويجهيون آهن ۽ ڀينرون وانگر آهن، پر مڙيئي ٿيو ڳالهه ۾ وَٽُ وجهڻ. سو اِهو ته حال هو تحقيق جو.

ٻئي پاسي سنڌي زبان ۾ اِهو رڳڙو اچي پيدا ٿيو ته جنهن کي ‘ادب براءِ ادب’ ۽ ‘ادب براءِ زندگي’ چيو ويو. ادب براءِ زندگي وارن سنڌي افسانن کي هڻي نعرن ۾ ٻوڙي ڇڏيو ۽ ناول وري اهڙا لکيا ويا، جن جي اڳيان پنجابي فلم ‘مولا جٽ’ به تڇ آهي. شهزادا تلوارون کڻي محلن ۾ گهڙي ويا ۽ فوجن جون فوجون چٽ ڪري ڇڏيائون. ٻئي پاسي ‘ادب براِءِ ادب’ وارن وري وٺي اهڙا شعر لکيا جو “اديءَ ڪن نه جن، ادو عشق ۾ انڌو” وار ڪار لڳي پئي هئي، ٿي سگهي ٿو انهن همراهن مان ڳچ ڄڻا حضرت لُوط واري زماني جو شڪار هجن. اِهو ادب گهٽ ۽ جهيڙو وڌيڪ هو. ايئن تخليقي ادب ۽ تنقيد جهيڙي جو شڪار ٿي ويئي. بهرحال هتي اهو سوال اُٿي ٿو ته ادب جي آخر ڊيفينيشن ڇا آهي؟ جي اوهان ‘Writers at work’ جا نوَ 9 ئي جلد پڙهندا ته دنيا جهان جي ليکڪن پنهنجي پنهنجي انداز ۽ اکرن ۾ اها راءِ ڏني آهي ته ڪو به ادب ۽ آرٽ اصل ۾ زندگيءَ جي حقيقين کي کولي پڌرو ڪرڻ (Exploration) جو عمل آهي، جيڪو هڪڙي پاسي پڙهندڙ جي حس جمال (Aesthetic Sense) کي ڇُهي ته ٻئي پاسي زندگيءَ  جي ڪنهن به مامري جي باري ۾ پڙهندڙ جي ذهن ۾ سوال اُڀاري. پر هت اسان وٽ اها مار پيل آهي، جو هڪڙا ٿا چون ته “اسان عوام کي سڌارڻ لاءِ ٿا لکئون” ٻئي جي عوام کي ئي سڌارڻ جي مشن اوهان هٿ ۾ کنئي آهي ته پوءِ افساني جي مٿان ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل تي وڏن اکرن ۾ پنهنجو نالو ڇو ٿا ڇپرايو؟ ظاهر آهي ته لکڻ جي پويان جيڪي Driving Forces آهن، انهن مان هڪڙو شهرت حاصل ڪرڻ به آهي. ڪن وري انهيءَ ڳالهه تي اچي پير ٻڌا ته،“اسان پنهنجو پاڻ ٿا لکون” ڀائو جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ پنهنجو لکيل مواد ڇو ٿا ڇپرايو؟ سو ايئن سنڌي ادب پنڊوليم وانگر ٻن ڇيڙن جي وچ ۾ ڦاسي لڏندو رهيو. اهي سڀ ڳالهيون طارق ابڙي جي اڳيان هيون، انهيءَ ڪري هن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو ناول لکيو، جيڪو حقيقت پسندانه هو ۽ بين الاقوامي ڊيفينيشن تي پورو ٿئي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو طارق ابڙي جي انهيءَ ناول جا هڪ ٻئي پويان ست ايڊيشن ڇپيا ۽ جنهن به اهو ناول پڙهيو، اُهو تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. اصل ۾ پڙهندڙ کي جنهن شئي جو انتظار هو، اُهو پورو ٿيو ۽ انهيءَ ناول وڌ ۾ وڌ مقبوليت ماڻي.

اهو ڪم طارق ابڙو ئي ڪري پئي سگهيو، سو ڪري ڏيکاريائين. هيءَ مند طارق ابڙي جي سالگرهه جي مند آهي، انهيءَ ڪري کيس ياد ڪري دل کي جهٻيون ٿيون اچن ته وقت کان اڳ ۾ هيءَ دنيا ڇڏيائين. طبعي عمر پوري ڪري جهان ڇڏيندڙ جي وفات تي ايترو ڏک نه ٿيندو آهي، پر وقت کان اڳ ۾ جهان ڇڏڻ، اهو به هڪ اعليٰ قسم جي ليکڪ جو، انهيءَ تي ئي ڏک ٿيندو آهي ۽ ماڻهو هٿ مهٽي رهجي ويندو آهي.

موسمون پيون اينديون وينديون، پر موسمن وٽان ڌوڪو کائيندڙ واپس ڪو نه ورندا آهن، البت پنهنجي شخصيت جو حصو پنهنجي لکيل شاهڪارن ۾ ڇڏي ويندا آهن. طارق ابڙو ڪير سڏائي!

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو