Home / افيئر / سنڌ، جتي 72 ورهين ۾ ڪجهه به نه بدليو آهي
above article banner

سنڌ، جتي 72 ورهين ۾ ڪجهه به نه بدليو آهي

 

 

برطانيا ۾ انفارميشن ڪمشنر جي مقرري تخت برطانيا جي هڪ فرمان وسيلي ٿيندو آهي. انهي اداري جي اسپانسرشپ برطانوي انصاف جي وزارت جي ذمي آهي، جڏهن ته انفارميشن ڪمشنر وزير اعظم يا ڪنهن وزارت جي ماتحت ناهي هوندو بلڪه اهو عهدو سڌي ريت عوام جي مفاد ۾  سڌ سماءُ جي آزاديءَ جي حق کي يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري ادارن ۾ کليل ماحول کي فروغ ڏيڻ آهي.

 

اڄڪلهه مسٽر ڪرسٽوفر گراهم برطانيا جو انفارميشن ڪمشنر آهي. هن جو پورو نالو ڪرسٽوفر سڊني ميٿيو گراهم آهي. هن اهو عهدو 29 جون 2009 تي سنڀاليو هو. هن کان اڳ هو برطانيا جي ايڊورٽائزنگ اسٽينڊرڊ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل هو. ڪرسٽوفر گراهم جو والد ڊيوڊ مورائس گراهم هڪ ناليوارو براڊڪاسٽر هو. هو 32 ورهين تائين بي بي سي جي ايڪسٽرنل سروس سان لاڳاپيل رهيو. ڊيوڊ گراهم ٻي مهاڀاري جنگ دوران دل ڏاريندڙ ڀيانڪ نازي ڪئمپن ۾   رپورٽنگ ڪئي هئي. ڊيوڊ گراهم 1947ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي آزادي جي پڻ رپورٽنگ ڪئي هئي.  هن ڪالم ۾ ڪرسٽوفر گراهم ۽ ڊيوڊ گراهم جو ذڪر ڇو آيو؟ اهو ڪو ڳجهه يا ڳجهارت ناهي. برطانيا جو هاڻوڪي انفارميشن ڪمشنر ڪرسٽوفر جو ڏاڏو ۽ ڊيوڊ جو والد سرلينس لاٽ گراهم سنڌ جو پهريون گورنر هو. هو سنڌ جي ممبئي کان علحدگي کانپوءِ پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو هو ۽ پوءِ 31 مارچ 1941ع تائين ورهين تائين هو سنڌ جو گورنر رهيو. سرلينس لاٽ گورنر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻن اهم شخصيتن کي پرنسپل ايڊوائزر مقرر ڪيو هو.

 

انهن ٻن اهم شخصيتن کي سر شاهنواز ڀٽو ۽ شهل خان کوسو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سر شاهنواز ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو والد هو، جڏهن ته شهل خان کوسي جو ڪٽنب جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ هن وقت به وڏو سياسي رتبو رکي ٿو. شهل خان کوسي جي ڏاڏي دلمراد خان کوسي 1857ع جي جنگ آزادي ۾ حصو ورتو هو ۽ نهايت دليري سان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي فوجن جو مقابلو ڪيو هو. دلمراد خان کوسي کي جنگ آزادي ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ کاري پاڻي جي سزا ٿي هئي ۽ کيس انڊيمان ٻيٽ موڪليو ويو هو.

 

شهل خان کوسي کي لارڊ ويول خانصاحب جو لقب ڏنو هو. 15 جنوري 1934ع تي شهل خان کوسي کي ڪمشنر جي درٻار ۾ ڪرسي عطا ٿي. ان کانپوءِ انگريز اختيارين طرفان شهل خان جي خدمتن جي مڃتا ۾ سَندن ۽ آفرين نامن جي ڀرمار ٿي وئي. تن ڏينهن ۾ انگريز پنهنجن وفادارن ۾ انعام اڪرام ورهائڻ لاءِ درٻارون هڻندا هئا.پاڪستان جي هاڻوڪي حڪمران، جاگيردار اشرافيه جا ابا ڏاڏا انگريز سرڪار کان خلعت ۽ انعام اڪرام وٺندا رهيا هئا.

 

سر لينس لاٽ گراهم خان بهادر غلام نبي قاضي کي سنڌ ۾ تعليم کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو. ان ئي خان بهادر غلام نبي قاضي جو پُٽ آفتاب غلام نبي قاضي عرف اي جي اين قاضي پاڪستان جي ڪامورا شاهي ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو. اي جي اين قاضي، جنرل يحيٰ خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ پاڪستان جو ناڻي وارو سيڪريٽري رهيو. جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ اي جي اين قاضي اٺن ورهين تائين اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رهيو. ان کانپوءِ هو ستن ورهين تائين پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين رهيو. بي نظير ڀٽو جي آخري دور ۾ هو بورڊ آف انويسٽمينٽ جو چيئرمين پڻ رهيو. اي جي اين قاضي جو والد خانبهادر غلام نبي قاضي گورنر سر لينس لاٽ گراهم جي ويجهن دوستن مان هڪ هو.

 

گورنر سرلينس لاٽ گراهم اصول پسند انگريز عملدار نه هو، هونئن به ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ ڪهڙي اصول پسندي آهي. 1937ع ۾ سندس نگراني ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ سرشاهنواز ڀٽو جي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) 22، سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي 4، جڏهن ته سنڌ آزاد پارٽي 3 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. مسلمانن جي ٻين 9 سيٽن تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا هئا. سنڌ هندو مها سڀا 11 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ڪانگريس کي 8 سيٽون حاصل ٿيون. آزاد هندو اميدوارن 2 ۽ آزاد ليبر پارٽي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. گورنر سرلينس لاٽ رڳو چار سيٽون () پارٽي سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي (جيڪا پوءِ صوبائي مسلم ليگ بڻجي وئي) جي سر غلام حسين هدايت الله کي حڪومت جي دعوت ڏني. مذڪوره چونڊن ۾ سرشاهنواز ڀٽو هارائي ويو هو پر سندس پارٽي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اُڀري هئي. اصولي طور تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وائيس چيئرمين خان بهادر الله بخش سومرو کي حڪومت سازي جي دعوت ملڻ کپندي هئي ليڪن سرگراهم ايئن نه ڪيو.

 

جنهن سال سر لينس لاٽ گراهم پنهنجي گورنري جو مدو پورو ڪري وڃڻ وارو هو، ان سال هن درٻار هڻڻ جو ارادو ڪيو. ان درٻار جو مقصد سرڪار جي وفادارن ۾ خلعتون، انعام اڪرام، سندون ۽ آفرين ناما ورهائڻ هو. گورنر سنڌ پنهنجي درٻار جي حاضري لاءِ ٻين ماڻهن کانسواءِ صوبائي وزير سائين جي ايم سيد کي دعوت ڏني. سائين جي ايم سيد آزاد خيال هو. مسجد منزل گاهه واقعي کانپوءِ جي ايم سيد کي جڏهن سنڌ جي گورنر طرفان درٻار ۾ شرڪت جي دعوت ملي ته هن گورنرسرلينس لاٽ کي لکي موڪليو ته “درٻار هڻڻ سامراجي دور جي يادگار آهي، مان اهڙي درٻار ۾ شرڪت کي جمهوريت خلاف سمجهان ٿو. ان ڪري مونکي اهڙي درٻار ۾شرڪت کان آجو ڪيو وڃي”. سائين جي ايم سيد جي خط جي جواب ۾ گورنر سر لينس لاٽ گراهم هڪ جوابي خط لکيو، جيڪو تاريخ جو نهايت اهم رڪارڊ آهي. اهو خط اوهان به پڙهو:

 

گورنرز ڪيمپ سنڌ

 

18 ڊسمبر 1940ع

 

پيارا سيد صاحب

 

مسٽر ڪورن توهانجو خط مونکي ڏيکاريو، جنهن ۾ توهان منهنجي درٻار ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي آهي. مونکي افسوس آهي ته توهان اهڙين محفلن خلاف پنهنجي راءِ رکو ٿا. مونکي پڪ آهي ته توهانجي راءِ ايمانداريءَ تي ٻڌل هوندي ۽ آءُ ان راءِ جي اظهار تي خفا نه ٿيو آهيان بلڪه انهن درٻارن بابت جيڪا راءِ آءُ رکان ٿو اها پيش ڪريان ٿو.

 

آءُ توهان وانگر ئي جمهوريت پسند مزاج رکان ٿو ۽ غير ضروري خرچن جي نمائش ۾ يقين نٿو رکان ليڪن جيستائين صوبي جو انتظام زميندارن جي سهڪار سان سلهاڙيل آهي تيستائين مان اهو ٿو سمجهان ته انهن زميندارن جي خدمتن کي درٻار ۾ تسليم ڪرڻ ۽ کين نوازڻ جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. جڏهن صوبو انهي حد تائين ترقي ڪري وڃي (جنهن بابت توهان ۽ مان هڪجهڙا خيال رکون ٿا) هڪ آزاد آبادگار طبقو پئدا ٿي پوي،جيڪو پنهنجن ڳوٺن ۾ پوري ريت خوشيءَ مان آباد ٿئي، ان وقت ئي سنڌ ۾ جمهوريت جي شروعات ٿي ويندي. جڏهن ايئن ٿي ويندو ته درٻار پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي. پر جيستائين مونکي پنهنجي انتظاميه جي اصلاح لاءِ زميندارن تي ڀاڙڻو آهي، تيستائين مان ضروري سمجهان ٿو ته درٻار منعقد ڪرڻ ۽ سندن شڪر گذاريءَ جو سلسلو جاري رکيو وڃي.

 

تنهنجو مخلص-ايل گراهم

 

سوال هاڻي اهوئي آهي ته ڇا سنڌ جي ڳوٺن ۾ مڪمل طرح خوشحال اچي چڪي آهي؟ ۽ ڇا سچ پچ جمهوريت جو آغاز ٿي چڪو آهي؟ 72 ورهيه اڳ هي خط لکيو ويو هو، ڇا صورتحال اڃا اهڙي جي اهڙي نه آهي؟

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو